بلاگنئون

ذڪر بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن جو …!

ڌا.. ڌَن.. ڌَن..نا

ڌا.. ڌَن.. ڌَن.. نا-

تا.. تَن.. تَن.. نا

تا.. تَن.. تَن.. نا_

طبلي جي تال جي سرواڻ تين تال جي لکيل مٿين سورنهن ماترائن سان اڄ لکون ٿا فنڪارن جي شهنشاهه، فلمي دنيا جي صديءَ جي تمام وڏي اداڪار بگ بي تي! هن جي فلمن ۾ مٿي ذڪر ڪيل طبلي جي مڌر ۽ پنڊ پهڻ ڪندڙ تالن تي هن جي مها پوڄارڻ ريکا جڏهن رقص ڪندي آهي ته ايئن لڳندو آهي اداڪاري رڳو اميتاڀ بچن کي ايندي آهي بس…!

هن وقت اسان جنهن دور ۾ رهون ٿا، ان ۾ ڪنهن  به شخص کي مشهور ڪرڻو هجي ته هو ڪجهه ماڻهو ڪرائي تي کڻي سوشل ميڊيا جي ذريعي پئسو پاڻيءَ وانگر خرچ ڪري..! پوءِ ڏسو ته ڪيئن ان شخص جي هاڪ  ٿئي ٿي! ان شخص جي ڪيتري هام هلي ٿي..! هن ڪسوٽيءَ ۾ سياستدان، پير، مير، دانشور، فنڪار، ٺڳ ۽ شاعر کان وٺي هر اهو ماڻهو اچي وڃي ٿو جيڪو پاڻ کي مشهور ڪرائڻ چاهي ٿو. ايئن توهان کي ڀوتارن جي بنگلي تي طبلي جي تار تي جهومندڙ ۽ ڀوتار تي ساهه صدقو ڪندڙ لاٺڙيا به ملندا ته ڪنهن پير جي ڪوڙي ڪرامت تي حق حق جي صدا بلند ڪندي بيهوش الست مست فقير به ملندا. يعني هي ماڻهو پاڻ کي مشهور ڪرائڻ جي لاءِ وسان ڪين ٿا گهٽائين. ايئن ئي هڪ نه، ٻه نه، ٽي نه، پر لڳاتار تيرهن فلمون فلاپ ٿيڻ کانپوءِ هڪ شخص اميتاڀ بچن ڏي آيو. هُنَ اميتاڀ بچن کي اچي چيائين ويهين صديءَ جي مشهور ڳائڻي فرئنڪ سناترا Frank Sinatra  کي پنهنجا ڪلام ڏيندڙ شخص/پريس ايجنٽ جيارج ايونسGeorge Evans  جو هڪ قصو اچي ٻڌايو! جڏهن فرينڪ سناترا گهڻي محنت ڪرڻ جي باوجود به مشهور نه پئي ٿيو ته هن پنهنجي پريس ايجنٽ جيارج ايونس جي صلاح تي آمريڪا جي پيرامائونٽ ٿيٽر ۾ ٻارنهن ڇوڪريون پنجن ڊالرن جي ڪرائي تي رکيون! انهن جو ڪم اهو هو ته جڏهن فرئنڪ سناترا ڳائي ته هو ڏاڍيان رڙيون ڪن او فرينڪي…! او فرينڪي…! او فرينڪي…! اهي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪرڻ کانپوءِ  هو بيهوش ٿي ڪري پوڻ جو ڊرامو ڪن! ان کانپوءِ ٻاهر اڳ ئي ارينج ٿيل ايمبولينسون انهن کي اسپتال پهچائڻ ۾ مدد ڪن. هنن جي هن سڄي ناٽڪ کي فلمبند ڪرڻ لاءِ فوٽوگرافر کي به فوٽو ڪڍڻ جي لاءِ اڳ ئي تيار ڪيو ويو. جڏهن هي واقعو ٿيو ته جيارج ايونس تمام گهڻو پريشان ۽ حيران ٿي ويو ته هن ته صرف ٻارهن ڇوڪريون گهرايون هيون جڏهن ته ٿيٽر ۾ ٽيهه ڇوڪريون بيهوش ٿي ويون آھن…! جڏھن هيءَ ڪهاڻي اميتاڀ کي ٻڌائي وئي ته هو پهريان ته کليو! بعد ۾ هن جواب ڏنو ته ڪنهن کي هٿ سان وٺي اسٽيج تي هيرو ڪري پيش ته ڪري سگهجي ٿو، پر اهو هيرو صرف ان گهڙيءَ تائين ئي هوندو ۽ ڪئمرا آن ٿيڻ کانپوءِ هو اڪيلو رهجي ويندو…! ڪامياب ٿيڻ لاءِ محنت ته ڪرڻي پوندي..! اهڙي پرچارPropaganda  سان ڪير مشهور ته ٿي سگهي ٿو، پر امر نٿو ٿي سگهي!

ننڍي کنڊ جا ماڻهو انتهائي جذباتي ۽ تڪڙو ردِ عمل ڏيکارڻ ۾ نهايت ئي ڦڙتيلا رهيا آهن. هن جذبات ۽ تڪڙ کي فرنگين پنهنجي سرڪاري پاليسين ۾ خوب استحصال واري هٿيار طور استعمال ڪيو، جو ويندي ويندي به هن خطي کي اهڙي جاگرافيائي بيهڪ ڏئي ويا جو اڃان تائين هتان جا ماڻهو ان مان ناهن نڪتا ۽ سور وڃن ٿا هٿان هيڪاندا ٿيندا. هو اڄ به مذهب، فرقن، قومن، ذات پات جي بنياد تي ٺهيل  ٽولين ۾ ڦاٿل ۽ ورهايل آهن. جنهن جي ڪري انصاف ۽ برابريءَ جي بنياد تي پنهنجي قومن جي تشڪيل اڃان تائين به نه ڏئي سگهيا آهن. باليووڊ جو شهنشاهه اميتاڀ  بچن به اهڙي دور ۾ يارهين آڪٽوبر 1942 ۾ الله آباد ۾ ڄائو. ان وقت برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي چوٽ تي چڙهيل هئي، جنهن جي ڪري هن جو پهريان نالو اميتاڀ بچن سان گڏ جذبات ۾ اچي انقلاب به رکيو ويو، پر اهو نالو  اڳتي نه ھلي سگهيو…!

اميتاڀ بچن جڏهن دهليءَ جي ڪروڙي مَل ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳو ته هن کي پنهنجي اداڪاريءَ واري فَن کي ماڻهن آڏو پيش ڪرڻ جو خوب موقعو مليو. ڪاليج جي ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ جي سرگرمين ۾ هن ڀرپور حصو ورتو! جنهن ۾ هن کي ننڍن ننڍن ڪردارن ۾ کنيو ويندو هو. هڪ ڏينهن ٿيو ايئن جو هڪ وڏي ناٽڪ جو هيرو جيڪو پرتاب شرما جو ڀاءُ به هو ڪنهن سبب جي ڪري ناٽڪ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ کان جواب ڏئي ويٺو! اهو ئي اهڙو وقت هو جڏهن اميتاڀ بچن  پاڻ کي ناٽڪ جي هيرو جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ٺاڪر داس جي آڏو پيش ڪيو. ٺاڪر داس جڏهن اميتاڀ بچن جو منفرد انداز ۽ رعبدار آواز ٻڌو ته هن کي ناٽڪ جي لاءِ پاس ڪيو..! پوءِ اميتاڀ بچن به ان ناٽڪ ۾ خوب اداڪاري ڪئي ۽ خوب داد وصول ڪيو. ان کانپوءِ اميتاڀ بچن مِرانڊا هائوس ۾ هڪ ڊرامي Rape of the belt ۾ به اداڪاري ڪئي! مِرانڊا هائوس اصل ۾ گرلس ڪاليج هو جتي ان وقت مشھور اداڪاره ڊولي به شاگردياڻي هئي، جنهن اڳتي هلي ممبئي ٿيٽر ۾ جان وڌي! ڊوليءَ ان وقت اميتاڀ کي شرميلو ۽ ان جي ڀاءُ اجيتاب کي وڌيڪ چست ڀانئيو..! اميتاڀ بچن جي ناٽڪن ۾ دلچسپيءَ کي ڏسي ان جي ڀاءُ اجيتاب فلم فيئر ماڌوري ٽيلئنٽ ڪانٽيسٽ ۾ حصي وٺڻ لاءِ هڪ تصوير اميتاڀ بچن جي موڪلي! هن ڪانٽيسٽ ۾ اميتاڀ کي رد ڪيو ويو. ٺاڪر داس کي ته اميتاڀ بچن جو آواز وڻيو، پر آل انڊيا ريڊيو وارن اميتاڀ جي آواز کي ٻه دفعا بي سرو چئي رد ڪري ڇڏيو. وڏي ڳالهه ته اميتاڀ بچن کي فلمي دنيا جي پهرئين ڪمائي به سندس فلم “ڀوون شوم” ۾ پردي پٺيان رڪارڊ ٿيل آواز جي ڪري ملي ۽ “آنند” مووي ۾ مُکرجي صاحب ڊاڪٽر ڀاسڪر جو ڪردار ئي هن جون خُماريل اکيون ۽ رومانوي آواز ڏسي ڪري ڏنو هو.

اميتاڀ بچن جڏهن ڪلڪتي کان ممبئي آيو ته ڪجهه راتيون ممبئي جي فوٽ پاٿن تي ٽِڪي به گذاريائين. فلمن ۾ ايڪسٽرا رول ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو هو. ايئن ئي هڪ فلم ۾ ايڪسٽرا رول ڪرڻ جي دوران وڏي ميڙَ ۾ موجود اميتاڀ بچن تي تنهن دور جي مشھور اداڪار ششي ڪپور جي اک پئي…! ششي ڪپور اميتاڀ بچن کي چيو ته تون هنن ننڍن ڪردارن جي لاءِ ناهين بڻيو.. هنن ڪردارن ۾ پنهنجو وقت ذيان نه ڪر تون وڏن ڪردارن لاءِ پيدا ٿيو آهين! جيڪڏهن تون ڪجهه رپين لاءِ هي ڪرائوڊ سين ڪندين ته  وڏو اداڪار نه ٿي سگھندين. نيٺ اميتاڀ بچن کي سُنيل دت ۽ سنگيتا سان دوستيءَ جي ڪري باليووڊ ۾ اينٽري ملي وئي. هن  کي خواجه احمد عباس پهرين باليووڊ مووي “سات هندوستاني” ۾ کنيو! جيڪا 1969 ۾ ٺهي! هن فلم جي ڪهاڻي پورچوگيزن کان گوئا کي آزاد ڪرڻ هو. جيئن اميتاڀ جو پهريون نالو انقلاب نه هليو تيئن هن جي پهرئين انقلابي فلم به ايڏي مشھور نه ٿي.

بهرحال اميتاڀ بچن باليووڊ فلمن ۾ اچي ته ويو، پر اڃان ايڏو وڏو مشھور اداڪار نه ٿي سگهيو! پر ايترو ضرور ٿيو جو هن کي فلم پروڊيوسرن، ڊائريڪٽرن، رائيٽرن، موسيقارن سان گڏ فلم ڏسندڙ سڃاڻڻ لڳا. ستر واري ڏهاڪي ۾ فلمي دنيا ۾ سليم جاويد نالو ڏاڍو مشهور هو! حالانڪه سليم جاويد ڪنهن هڪ نه، پر ٻن فردن سليم خان ۽ جاويد اختر تي مشتمل هڪ  نالو هو. سليم جاويد “زنجير” نالي هڪ فلم ٺاهڻ جو خيال پيش ڪيو، جنهن ۾ هنن تنهن دور جي مشهور اداڪارن سان رابطو ڪيو، پر انهن  سڀني فلم ڪرڻ کان انڪار ڪيو! نيٺ جاويد اختر اميتاڀ بچن جو ڪانٽيڪٽ نمبر هٿ ڪري هن سان رابطو ڪيو ۽ هن کي چيو فلم جو اسڪرپٽ پڙهڻ کان اڳ ئي هو ها ڪري! بس هيءَ فلم ڄڻ هن جي لاءِ  ئي ٺهي آهي. پوءِ اميتاڀ بچن به ايئن ئي ها ۾ ها ڪئي..!  “زنجير” فلم سپر هٽ وئي ۽ اميتاڀ بچن سپر اسٽار ٿي ويو. “زنجير” فلم نه صرف اميتاڀ جي زندگيءَ ۾ تبديلي آندي، پر هن باليووڊ سان گڏ سائوٿ انڊين موويز ۾ به هڪ وڏي نواڻ آندي. ڇو جو ان کان اڳ فلمن ۾ مار ڌاڙ گهٽ هئي. هن فلم کانپوءِ اميتاڀ بچن فلمي دنيا ۾Angry Young man  جي هڪ نئين روپ ۽ نالي سان مشهور ٿيو. هن فلم جي مشهور ٿيڻ کانپوءِ اميتاڀ بچن جون شعلي، مقدر ڪا سڪندر، شرابي، لاوارث، ڊان، امر اڪبر اينٿوني سلسلا ۽ ٻيون ڪيتريون بيشمار فلمون هٽ ۽ سپر هٽ ويون!

اميتاڀ بچن جڏهن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي عروج تي هو ته 1982 ۾ “قُلي” فلم جي شوٽنگ دوران هن سان هڪ حادثو پيش آيو. هن حادثي ۾ اميتاڀ بچن ڪينيڊي هاسپيٽل ۾ موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هو! هاسپيٽل کان ٻاهر اها به خبر وائرل ٿي وئي هئي ته اميتاڀ بچن مري ويو! هاسپيٽل جي ٻاهران ۽ سڄي هندوستان ۾ هن جا پرستار سندس لاءِ پرارٿنا ڪندا رهيا. نيٺ ڊاڪٽرن جي محنت ۽ پرستارن جي پرارٿنائن سان اميتاڀ بچن صحتياب ٿي ويو. اميتاڀ بچن جي فلمي ڪيريئر ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جو هن جون فلمون فيل ٿيڻ لڳيون. “خدا گواهه” فلم کانپوءِ هن ڪجهه وقت لاءِ فلمي دنيا کان ڪناره ڪشي ڪري بزنس شروع ڪيو، پر هو بزنس ۾ ڪامياب نه ويو. اميتاڀ بچن ڪانگريس پارٽي جي پليٽ فارم تان پنهنجي پيدائشي تڪ الله آباد تان اليڪشن ۾ به بيٺو ۽ 1984 ۾ لوڪ سڀا جو ميمبر به ٿيو، پر هن  سمجهيو ته سياست جهڙي خشڪ شيءِ سان هن جو سنگم جڙي نٿو سگهي، ان ڪري هن سياست جهڙي گورک ڌنڌي کي ڇڏي ڏنو. هن ڀانئيو هو ته هو ڄائو ئي اداڪاريءَ لاءِ آهي.

سياست ۽ بزنس ڪرڻ کانپوءِ هن کي يقين ٿي ويو ته هو ٻئي ڪنهن به شيءِ لاءِ نه پر صرف ۽ صرف اداڪاريءَ لاءِ پيدا ٿيو آهي. اميتاڀ بچن وڏي اسڪرين کانپوءِ ننڍي اسڪرين تي “ڪون بني گا ڪروڙ پتي” پروگرام ۾ به جلواگر ٿيو. ڪون بني گا ڪروڙ پتي (KBC)  پروگرام به ڏسندڙن کي تمام گهڻو پسند آيو. ايئن سمجهو ته هن پروگرام ننڍي اسڪرين تي هڪ نئون انقلاب آندو. اميتاڀ بچن سان سندس چاهيندڙ بي پناهه محبت ڪن ٿا. هو اڄ به باليووڊ جو شهنشاهه آهي. هن کي بگ بي ۽ صديءَ جو مهان اداڪار به ڪوٺيو وڃي ٿو. هن پنهنجي فلمي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، پر هن ڪڏهن به نا اميديءَ جو مظاهرو ناهي ڪيو. هن جي ذاتي زندگي به فلمي دنيا کان گهٽ ناهي رهي. هن جا ڪيترن ئي اداڪارائن سان افيئر هليا جنهن ۾ ريکا سان هليل اسڪينڊل ته تمام گهڻو مشهور ٿيو، پر هن شادي “زنجير” فلم سپر هِٽ ٿيڻ کانپوءِ جِيا بادريءَ سان ڪئي. هو اڄ به جسماني طور تي ته زنده جاويد آهي ۽ اميتاڀ جو نالو باليووڊ انڊسٽريءَ ۾ سدائين اَمَرِ رهندو…!

***