بلاگ

ڊائري جا ورق  


هن سماج ۾ بيباڪ ٿيڻ معنيٰ عذاب کي دعوت ڏيڻ برابر آهي.
زندگيءَ جا ڪيترائي وهنوار خاموشي ۽ سُڪون سان ٿي سگهن ٿا، پر اسان شور ۽ بي سُڪوني پيدا ڪري، زندگيءَ جو مزو خراب ڪندا آهيون.
ديوان ڏيا رام گدو مل پنهنجي وقت جو هڪ يگانو ڪردار رهيو آهي. جنهن پنهنجي ڪتاب ”مَن جا چهبڪ“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛ ”زندگيءَ کي ڀرپور نموني سان جيئجي، کوڙ ساريون شيون اهڙيون آهن، جيڪي اسان جي وس ۾ ناهن، اسان انهن تي سوچي پنهنجي مَن جي شانتي کي خراب ڪريون ٿا. بهتر اِهو آهي ته خاموشي ۽ گوشا نشيني اختيار ڪجي، اِن ۾ ئي عافيت آهي.“
هر پرڪشش آڇ کي قبول نه ڪجي. ڇو ته آڇ ڪندڙ شروع ۾ وڻندڙ ورتاءُ به ڪندو ته سبز باغ به ڏيکاريندو، پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجي اصليت تي لهي اچي، اسان لاءِ ايذاءُ جو سبب بڻبو آهي.
ماڻهو پنهنجي فطرت هٿان مجبور آهي، هُو جهڙو آهي، اهڙو ظاهر ٿي پوي ٿو. اِن ۾ ڪجهه وقت به لڳي سگهي ٿو. اُن ڪري جلد ڪنهن لاءِ ڪا راءِ جوڙڻ به غلط عمل آهي.
ٻهروپيت يا وري ايئن چئجي ته هڪ چهري تي ڪيترائي چهرا سجائي هلندڙ شخص سڀ گدرا پنهنجا مُٺ ۾ ۽ سڀ پَتا پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جا خواهشمند هوندا آهن. نتيجي ۾ هُو عام خلق يا اياڻن ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهندا ويندا آهن.
گهڻن ماڻهن جو مزاج، ٻين ماڻهن ۽ موسمن جي مزاج جو محتاج هوندو آهي. ماڻهن جو مزاج ۽ موسم جو مزاج خوشگوار هوندو ته انهن ماڻهن جو مزاج به بهتر هوندو ۽ جيڪڏهن موسمون ۽ ماڻهو بيرحم ٿي پيا ته سندن مزاج به مزي ۾ ناهي رهندو.
ڪي ماڻهو موسمن ۽ ماڻهن جي مزاج جا محتاج ناهن هوندا. رومي واري ڳالهه وانگر ته هُنن جي اندر هڪ پوري ڪائنات آباد هوندي آهي. ڪير ڇا ٿو ڪري ۽ ڪيئن ٿو ڪري، اُن سان هِنن جو سروڪار ناهي هوندو.
گهڻا ماڻهو هر مسئلي جو ذميوار ٻئي کي قرار ڏئي، پاڻ هر ذميواري کان آجا ٿي ويندا آهن.
انساني رويا نيوٽن جي انهيءَ قاعدي موجب هلندا ته ”هر عمل جو رد عمل آهي“ ته پوءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا. اِهو ضروري ناهي ته هر عمل جو رد عمل ڏجي. رد عمل ڏيڻ سان گهڻا معاملا خراب ٿي وڃن ٿا. اسان وٽ ماڻهن جي اڪثريت رد عمل ڏيڻ جي عادي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اُهو رد عمل تمام گهڻو خطرناڪ هوندو آهي. اُنهيءَ ڪري ديوان ڏيا رام گدو مل واري ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي ٿي ته خاموشي ۽ گوشا نشيني اختيار ڪجي.
اسان وٽ اڪثر عمل به ناڪاري آهن ته رد عمل به ناڪاري آهن. انهن کي هاڪاري ۽ مثبت عملن ۾ تبديل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
اسان لاءِ هر اُهو ماڻهو ايستائين سُٺو هوندو آهي، جيستائين اسان جو اُن ۾ ڪم هوندو آهي، جڏهن ڪم ختم ٿئي ٿو ته ماڻهو خراب ٿي پوي ٿو.
***