ادبماهوار ميگزين

سچل سرمست جي اسڪول آف ٿاٽ جو شاعر: فقير معشوق علي کوکر : ڊاڪٽر شير مهراڻي

تصوف جو فڪر سنڌ جي مٽيءَ جي خمير ۾ شامل آهي. بلڪه جيڪڏهن ايئن چئجي تڏهن به غلط نه ٿيندو ته سنڌ ئي تصوف کي جنم ڏيندڙ ڏيهه آهي. هتان جا بزرگ، شاعر، ڏاها، سگهڙ، عالم ۽ درويش صدين کان امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندا رهيا آهن. هو اهڙو درس مختلف طريقن سان ڏيندا رهيا آهن جن ۾ عام مجلسن ۽ ميڙاڪن ۾ خطاب، اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڊگهيون ڪچهريون، آستانن ۽ آسڻن تي ٿيندڙ گفتگو، فصلن جي لهڻ کانپوءِ يا نئين فصل جي پوکيءَ وقت ۽ ان کانپوءِ ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي ٿيندڙ ڏاهپ جون ڳالهيون وغيره شامل آهن. شاعري شروع کان ئي اظهار جو هڪ سگهارو، موثر، مڃيل ۽ معتبر ذريعو رهي آهي. اسان جي موجود قديم شعري دفترن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان اول جنهن شاعر جي شاعري ملي ٿي اهو پير ستگر آهي، جنهن گنان چيا. ساڳيءَ ريت پير شمس سبزواري ۽ پير صدرالدين جا گنان پڻ گهڻا مشهور ٿيا. گنانن جي صورت ۾ سنڌي شاعريءَ جو اهو خزانو اڄ به موجود آهي. گنان واري گهڻي شاعري سنڌ ۾ عربن جي دور سان تعلق رکي ٿي. جڏهن ته سنڌ ۾ آڳاٽن ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي قديم شاعريءَ جا حوالا توڙي جو ناپيد آهن، پر مختلف شعري روايتن مان انهن جا ڏس پتا ملن ٿا ۽ اهو معلوم ٿئي ٿو ته تمام گهڻي آڳاٽي دور يعني راجا ڏاهر جي دور کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ موجود هئا ۽ اهي ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ شاعريءَ ۾ ڳائي وڄائي ”ستن گهرن جو خير“ به گهرندا هئا ته چڱائيءَ ۽ عقل جا گفتا پڻ چوندا هئا. اهي پوءِ نسل در نسل هلندا آيا ۽ عربن توڙي سومرن جي دور ۾ به ساڳي روش اختيار ڪيائون. ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ گهڻو پوءِ مشهور ٿيا. اها هڪ مڃيل سچائي آهي ته آڳاٽي ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي شاعري ئي اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنياد هئي. ڊاڪٽر ٻوهئي صاحب به لکيو هو ته، ”اسان جي ادب جون پاڙون انسان جي تمام آڳاٽي معاشري ۽ سماج ۾ موجود آهن. ان ڪري اسان جي ڪنهن به ادبي دور کي ”حادثاتي“ دور چئي نه سگهبو.“ اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي شاعريءَ جو هومر ۽ هيسئڊ جي قصن سان خوبصورت تقابلي جائزو پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي شعري روايت يونان جي ڊائنوسس جي سياري واري ميلي جي موقعي تي پيش ٿيندڙ ٽرئجڊي ۽ ڪاميڊي ڊرامن جهڙي پڻ لڳي ٿي. يونان ۾ هر سال ڊائنوسس ديوتا جي ياد ۾ ۽ فصل لهڻ جي خوشيءَ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندڙ ميلي دوران ٻين سرگرمين سان گڏ اوپيرا پڻ پيش ڪيا ويندا هئا. يوريپيڊيز (EURIPIDES)، اسڪائيلس ۽ ارسٽوفينز(ARISTOPHANCES)  جي ڊرامن جو ذڪر سڀ کان اول انهن ميلن دوران پيش ٿيل ڊرامن جي فهرست ۾ ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ بهادرن ۽ جري پهلوانن جا رزميه قصا وڏي جذباتي انداز ۾ پيش ڪيا ويندا هئا، جيڪي گهڻو پوءِ مقدس قصن سان منسوب ٿيا ۽ اڄ به مشهور آهن. لطيف سائينءَ جو سُر ڪيڏارو ان ئي منظر نامي جي جديد شڪل آهي. اها قديم شعري روايت ئي سنڌي ڪلاسيڪي ادب جي پيڙهه يا اساس هئي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ان اساسي شاعريءَ جي سڌريل صورت آهي، جيڪا مختلف دورن کان سفر ڪندي سومرن ۽ سمن جي عهد ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جي دور کان ٿيندي اڄوڪي دور ۾ پهچي ٿي. سنڌي شاعريءَ جي وهندڙ هن ڇل ڇل ”مها سنڌو ساگر“ ۾ جن هزارين شاعرن پنهنجن ٻولن جا موتي داخل ڪيا آهن، فقير معشوق علي کوکر به انهن مان هڪ آهي. فقير معشوق عليءَ جو جنم 10 جون 1926ع تي موجوده تعلقي فيض گنج ۾ خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جي ڳوٺ ۾ ٿيو ۽ سندس وصال 23 ڊسمبر 1997ع تي ٿيو. خوش خير محمد هيسباڻي سچل سرمست جي اسڪول آف ٿاٽ جو شاعر هو. جنهن وٽ پڻ جلال ۽ جمال گڏ ملن ٿا. ساڳئي اسڪول آف ٿاٽ ۾ فقير در محمد هيسباڻي، (فقير معشوق علي کوکر جو مرشد)، فقير غلام حيدر گودڙيو، نانڪ يوسف، غمدل سائين ۽ ڪي ٻيا شاعر شامل آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ ساڳي دور سان تعلق رکندڙ غمڪسار سائين، بيرنگ سائين، اعجاز شاھ، احمد شاھ لڪياري، فقير جانڻ چن، ڪنڊڙي وارن جي سلسلي جي دولهه دريا خان، صوفي علي محمد ٽالپر ۽ ڪن ٻين شاعرن تصوف جي ساڳي رمز کي الڳ نموني پيش ڪيو. سچل سائينءَ يا سندس سلسلي جي ٻين شاعرن گهڻو ڪري جلال جا نوان استعارا تخليق ڪيا يا وري موجود يا مروج استعارن کي نئين معنيٰ ڏني آهي، جن کي اسان جلاليات جا استعارا يعني ”ميٽا فورس آف سبلمٽي“ سڏي سگهون ٿا، انهن خاص استعارن ۾ هي استعارا شامل آهن. سردار ٿيڻ، سلطان ٿيڻ، شاهاڻو شملو ٻڌڻ، گهوٽ ٿيڻ، هنگامو ڪرڻ، هُل ڪرڻ، رب جبار سڏائڻ، اهڙو ڪم ڪرڻ جنهن ۾ سڀ اختيار پاڻ وٽ رکڻ، تلوار کڻڻ، تجلي ڏيڻ، تجلو اچڻ، ڪاتي سان ڪسجڻ، ڪسڻ، ڪهڻ ۽ ڪسي قربان ٿيڻ، چشمن جي چمڪار، کِنوڻين جي کيڪارَ، گوڙ يا گجگوڙ جي گجڪارَ، اَبَر ۾ آفتاب جو نمودار ٿيڻ ۽ ستارن جو تاب نه سهڻ، سوريءَ جو سينگارجڻ، سوريءَ جي هسواري ڪرڻ، سورهيه جو اسهڻ، معرڪو مارڻ، حسن جي فوجن جو اڀرڻ، ديدن جون دوناليون، ديدن جا خنجر، زلفن جا قيد ۽ ڪوڙڪا اڏجڻ، شاھ سڏائڻ، ڏونگر ڏورڻ، مرد ٿي ميدان مارڻ، شوق ۾ شڪار ٿيڻ، پروانو بڻجي باهه ۾ پچڻ، حڪم هلائڻ، محبت جو مچ ٻرڻ، عشق ڪمال ڪمائڻ، موت کان اڳ مرڻ، ڇاتي ڇاتي ڇير ٻڌي نچڻ، دوبدو ديدون ملڻ، عيدون ٿيڻ، پيار جا پيچ پوڻ، وصل جا پيالا پيئڻ، روز و شب ماتم ڪرڻ وغيره جهڙا ڪيترائي استعارا آهن، جيڪي هن سموري شعري سلسلي جي جلالي رنگ جي شاهدي ڏين ٿا. هنن شاعرن وٽ خاص طور حسن جي فوجن، ديدن جي دونالين، اکين جي خنجرن، ڀرون ڀالا وارا استعارا ان ڪري عام آهن، جو هنن خاص طور سنڌ ۾ قهري ۽ جنگي دور ڏٺو. ٽالپرن جي شاهي وارو دور هجي يا انگريزن جو دور، هي ٻئي دور توڙي اڳ وارا دور سنڌ ۾ ڪيئي جنگيون ٿيون ۽ شاعرن پنهنجين اکين سان تباهيون ڏٺيون. هنن جنگين کي پنهنجي شعري ادراڪ جي طفيل سونهن يا حسن سان همڪنار ڪري پيش ڪيو.

دل ڪنهين دستور سان دلـــــــبر لٽـــــــي ڌاڙو هڻــــي،

طرح حمله ڪيا هٿ ۾ حســــــن جو خنجـــــر کڻــــــي.

تيــــــر مزگان جا لڳا، اٽڪي جڏهن اک جــي اڻــــــي،

جان جند چشمن چٽي، گهورن گهٽي گهايئي گهڻي.

ماٺ ڪر معشوق علي، هي ڳالهه جي ڳهلا ڳڻـــــي،

سر صنم کي ڏي سگهو لاهي لڱن تان هي لڻـــــي.

فقير معشوق علي کوکر وٽ به ڪي مروج ته ڪي وري نوان استعارا آهن، پر سندس اظهار پنهنجي مرشد توڙي ساڳي سلسلي جي ٻين شاعرن کان الڳ آهي، جيڪو کيس ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿو. هن جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪمال جي رواني آهي.

دوبـــدو ديدون ملــن، عيدون ٿين حج اڪــبـــــــــري،

منهن ڏسي محبوب جو سجدو ڪيان قدمين ڪري.

جــــن ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا، مولا مـــــــلائيندو وري

دل ســـدا وسندي وري، جيڪا جدائيءَ ۾ جهُـــــري.

فقير معشوق علي کوکر وٽ فڪري گهرائي ته آهي ئي آهي، پر فني اعتبار کان سندس شاعري حرف تجنيس جهڙي شعري صنعت سان سينگاريل آهي. اهڙي شاعري ڳائڻ سان اڃان وڌيڪ خوبصورت ٿي پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ موسيقيت تمام گهڻي ڀريل هوندي آهي، ايئن هن فقير جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي موسيقيت آهي، ٻئي پاسي رواني آهي، ٽئين پاسي لفظن جي خوبصورت چونڊ آهي ته چوٿين پاسي فڪري گهرائي پڻ آهي، جنهن جو مکيه موضوع تصوف آهي.

وات وائي ٻي نه ڪن، وحدانيت واپار ۾،

ســـر سـٽن ۾ ٿا سٽين باقا برهه بازار ۾.

فقير معشوق علي کوکر پنهنجي مرشد فقير درمحمد هيسباڻيءَ کي پڻ شاعريءَ ۾ زبردست خراج پيش ڪيو آهي، جيڪو پڻ قديم شعري روايت جو تسلسل آهي.

تارڪ وجودي ترڪ و تر بنده علــــي برحق بنيــــــو

ماضي قبل جو ڪالهه گم، حاصل حسيني حال هـو

مــن عرف جو مصداق شد، ثابت قدم سلمان مـــثل

دامــن علي ۾ دل مليل اعــــجاز وڌ اقبال هـــــــو.

فقير معشوق علي کوکر نه صرف پنهنجي انداز بيان ۾ منفرد آهي، پر ڪيترين ئي جاين تي هن پاڻ کان اڳ واري شعري روايت کي جديد انداز ۾ جوابن سان پڻ سينگاريو آهي. جيئن خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جو مشهور شعر آهي:

ڪــــــــيا انصـــــاف آکان تيڏي آوڻ دا،

ڏاڍا لائق ڪيتئــــــي ليئي پاوڻ دا.

جڏهن ته فقير معشوق علي کوکر ساڳي شعر کي جوابي انداز سان ڄڻ ته مڪمل ڪيو آهي:

ڪــــيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا،

ڪــــرين قرب سگها ول آوڻ دا.

اسان جي نوجوان محقق دوست راشد شر جنهن اڳ به فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي تحقيقي ۽ ساراهڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، ان فقير معشوق علي کوکر جو ڪلام سهيڙي هڪ ٻيو وڏو علمي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. آئون کيس هيءُ اهم علمي ڪم ڪرڻ تي واڌايون ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته هو ساڳئي جذبي سان اڃان وڌيڪ ڪم ڪندو ۽ پنهنجي تر جي قديم شعري روايت کي سهيڙي ادب جي نئين تاريخ رقم ڪندو.