2045ع جي ڪهاڻي: روبوٽ : حسيب ڪانهيو
”اها ڳالهه ڏاڍي خوشي جهڙي آهي جو پنهنجي ڪارخاني جي تيار ٿيل مال جي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آئي آهي، پر ڪارخاني ۾ جيترن مزدورن جي گنجائش آهي سي اها گهُرج پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي ٿي پيا آهن. انهيءَ ڪري اسان به جديد طريقو اختيار ڪرڻ ٿا چاهيون. اهو طريقو جيڪو پوري دنيا ۾ رائج آهي ۽ ڪالهه جيڪا اسان جي گڏجاڻي ٿي آهي ان ۾ پنهنجي ملڪ جي ڪارخانن کي به اجازت ملي وئي آهي سو هاڻي تمام جلد ٻين ڪارخانن ۾ به اهو طريقو رائج ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن پاڻ ايئن نه ڪنداسين ته پنهنجو ڪارخانو، جيڪو اڄ عرش تي آهي سو سڀاڻي فرش تي اچي پوندو. فرش تي ڇا، کوهه جي تري ۾ غرق ٿي ويندو. اوهان کي اهو ٻُڌي به خوشي ٿيندي ته جديد طريقي جي رائج ٿيڻ سان رڳو اسان کي فائدو نه ٿيندو، پر اوهان جي پگهار به ٻيڻي ڪئي ويندي.“ ڪارخاني جي مالڪ پاران جاري ڪيل انهيءَ حڪم نامي جو مطلب سڀئي مزدور سمجهي چڪا. ان حڪم نامي ۾ جنهن جديد طريقي رائج ڪرڻ جو ذڪر هو سو جديد طريقو هيءُ هو ته مزدورن جا هٿ ڪلهن کان ڪٽي آرٽيفيشل اليڪٽريڪل هٿ لڳايا ويندا، جيڪي ٻاهريان ته عام هٿن جهڙا هوندا، پر اندريان اسٽيل جا هوندا ۽ اهي خودڪار نموني دماغ جي چوڻ تي ڪم ڪندا. اهي اليڪٽريڪل هٿ، قدرتي هٿن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي تيز ڪم ڪري سگهندا ۽ ٿڪبا به ڪونه. ضرورت ايجاد جي ماءُ سڏجي، سو هاڻي مارڪيٽ ۾ اهڙي قسم جا اليڪٽريڪل هٿ به اچي چڪا هئا.
اهو فرمان ٻُڌي سڀني مزدورن جي دماغ مان دونهان نڪري ويا، جيڪي نوان ڪم تي چڙهيا هئا تن ته رات پيٽ ۾ ئي ٽپڙ گول ڪيا. باقي جيڪي پراڻا هئا سي اچي پريشان ٿيا. ٽيڪم داس به جڏهن اهو فرمان ٻُڌو ته ويچار ۾ پئجي ويو. ڪارخاني ۾ وڏي عرصي تائين هڪ پرزي جيان ڪم ڪري ڪري هاڻي هُو ڪنهن ٻئي ڪم جي ته لائق ئي نه رهيو هو ٻيو ته وٽس هاڻي ڪنهن رسڪ جي گنجائش به نه هئي. هڪ پاسي، ٽيڪم داس جو ذهين پُٽ ارجن جيڪو تازو ئي اسڪالرشپ تي ٻاهرئين ملڪ جي ڪنهن وڏي يونيورسٽي ويو هو، سو هن اها ڳالهه ٻُڌائي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پُٽ جي پڙهائي خراب ڪرڻ نٿي چاهي ۽ ٻئي پاسي هن شهر کان ڪونهين ڏور ڪنهن ڳوٺ ۾ هن جي مرڻ ڪنڌي ماءُ ۽ اڌڙوٽ زال جو به جيڪڏهن ڪو آسرو هو ته هيءُ ئي هو. ٽيڪم داس پنهنجي هٿن ڏانهن نهاريندي سوچيو، ”واقعي به منهنجي زندگي جي گاڏي کي گِهلڻ لاءِ هاڻي هي هٿ ڪافي نه رهيا آهن. مون کي اسٽيل جا ئي هٿ گهُرجن. اليڪٽريڪل هٿ.“ ۽ پوءِ ڪارخاني جي سڀني مزدورن ۾ سڀ کان پهرين ٽيڪم داس ئي ”ها“ ڪري پنهنجا هٿ پيش ڪيا. مزدورن سڀني جون حالتون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ئي هيون سو بس پوءِ ٽيڪم داس جي پُٺيان هڪ ڊگهي قطار تيار ٿي وئي.
هاڻي ٻين مزدورن جيان ٽيڪم داس جا اليڪٽريڪل هٿ به ڏاڍي تيزي سان ڏهوڻ تي ڪم ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ پهرين جيڪو ڪم چوويھ ڪلاڪ وٺندو هو سو چئن ڪلاڪن ۾ ٿيڻ لڳو. ان ڪري هاڻي موڪل به سوير ٿيڻ لڳي ۽ پگهار به ٻيڻي ملڻ لڳي. شروعاتي ڏينهن ۾ جن مزدورن جي رت ۾ ست هو سي صبح سانجهي شوڪارا ڀري چوندا هئا ته ”آھ! اسان هنن مشيني هٿن سان پنهنجي ماين سان محبتون ڪيئن ڪنداسين؟ ڪيئن هنن کي ڀاڪرن ۾ ڀرينداسين؟ ڪيئن پيار ڪنداسين انهن سان!؟“ پر پوءِ آهستي آهستي مزدورن جي دل به ڀرجي وئي ۽ هُنن کان قدرتي هٿن وارو درد هضم ٿيڻ لڳو. هُو ڏينهن جو ڪم ڪندا هئا ۽ رات جو اليڪٽريڪل هٿ جسم کان الڳ ڪري چارج تي رکندا هئا ۽ صبح ٿيندو هو ته اهي هٿ لڳائي وري تڪڙا تڪڙا ڪارخاني ٺڪ وڃي ڪندا هئا.
جڏهن ڏياري جي موڪل ٿي ته ٽيڪم داس کي ڳڻتي ورائي وئي. هن سوچيو، ”هي اسٽيل جا هٿ کڻي گهر ڪيئن وڃان.“ ماءُ ته کڻي نور کان ويهي وئي آهي، پر رتني جون اکيون ته ڏاند جيڏيون آهن. اها ته ڏسي ويندي نه ۽ هيترن سارن ڏينهن کانپوءِ گهر پيو وڃان سو لڪائي به ته ڇا سگهندس هن کان!؟… ۽ جڏهن هوءَ منهنجا هي هٿ ڏسندي ته ڇا سوچيندي؟ هوءَ ته ڊڄي ويندي ويچاري! ٽيڪم داس منهن ٻئي پاسي ڪري پنهنجي پُٽ ارجن جو تصور ڪيو ته ڪجهه اطمينان ٿيس. هُو سوچڻ لڳو، ”ڀلا منهنجي ارجن کي ته خبر ڪانه پوندي نه. هن جي پڙهائي ته سٺي نموني سان ٿيندي رهندي نه… مون کي ڀلا ٻيو گهرجي به ڇا!“
ٽيڪم داس ڏياري جي شام ڳوٺ جو رُخ ڪيو ۽ آڌي ڌاري وڃي گهر پهتو. هن جي زال جون اکيون در ۾ ئي کُتل هيون سو کڙڪي تي ئي سمجهي وئي ۽ ڊوڙي اچي در کوليائين. ٽيڪم داس کي ڏسي اکيون ٿڌيون ٿي پيس. ٽيڪم داس ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيا. اليڪٽريڪل هٿ. ان لمحي ٽيڪم کي ڄڻ مٿي ۾ زوردار ٽيڪم لڳو، جڏهن اليڪٽريڪل هٿ، ماءُ جي پيرن جو اهو ڇُهاءُ محسوس ڪري ئي نه سگهيا جيڪو هن جا قدرتي هٿ محسوس ڪندا هئا. پنهنجي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکندي ئي ٽيڪم داس جي سموري جسم ۾ هڪ پُرسڪون لهر ڊوڙي ويندي هئي، پر هن هڪ ڀيرو وري ارجن ۽ سندس روشن مستقبل جو تصور ذهن ۾ آڻي پنهنجو پاڻ سنڀالي ورتو. ماني کائڻ کانپوءِ ٽيڪم داس سمهڻ وقت پنهنجا اهي اليڪٽريڪل هٿ جسم کان ڌار ڪري رکيا ته رتني کان ريھ نڪري وئي. ٽيڪم داس رتني جي وات تي هٿ ڏئي ها، پر جيئن ته وٽس هاڻي هٿ نه هئا سو هن هڪدم رتني کي پيار وچان هنڌ تي دَسيو ۽ کيس چيو، ”چري ماٺ ڪر، امان نه جاڳي پوي.“
رتني جو ساهه سهڪي پيو. هُن ٿڙڪندي ڦڙڪندي اُچاريو، ”ته ته تنهنجا هه هه هٿ؟“
ٽيڪم داس چيو، ”منهنجا هٿ ڪَٽجي ويا آهن، پر تون گهٻرائي نه، پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي رتني.“
رتني جون اکيون ڀرجي آيون، هوءَ سُڏڪڻ لڳي ۽ پڇائين ”پر ڪيئن“
”بس، اچي ويا مشين ۾.“ ٽيڪم داس انڌي هنئين.
رتني هنڌ ۾ سُڏڪڻ لڳي. ڏياري جا ڏيئا اُجهامڻ لڳا.
ٽيڪم داس رتني کي سيني سان لڳائيندي چيو، ”چري، چيم نه پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي ڪا، هي هٿ اسٽيل جا هٿ اٿئي. ڏاڍا سگها آهن چري، هي هٿ بلڪل قدرتي هٿن وانگر ئي ڪم ڪندا آهن. پاڻ انهن کان به ڏهوڻ تي وڌيڪ تکو ڪم ڪندا آهن. هي هٿ ڪارخاني جي مالڪ مون کي مفت ۾ لڳرائي ڏنا آهن؛ ۽ ها، منهنجو پگهار به ٻيڻو ڪيو آهي مالڪ!… اڃان ڇا کپي چري!؟“
رتني، ٽيڪم داس جي سيني تي ڳوڙها ڳاڙيندي چيو، ”مون کي تنهنجا هٿ کپن…“
هڪ لمحي لاءِ ٽيڪم جو ساهه به سُڏڪي پيو، پر هُن ڳوڙها پي ورتا. اهي ڳوڙها زهر کان به وڌيڪ ڪڙا هئا. زهر پيئڻ سولو هو. ڳوڙها پيئڻ ڏکيا هئا. ٽيڪم داس ڳوڙها پي ڳالهه مٽائيندي چيو، ”هيءُ به منهنجا هٿ آهن چري… خير ڇڏ هاڻي ان ڳالهه کي تون اهو سوچ ته ان ۾ به ڪا ڀلائي هئي جو هاڻي منهنجو پگهار ٻيڻو ٿي پيو آهي، هن چيو، ”هاڻي پنهنجو ارجن بلڪل بي اونو ٿي پڙهائي پيو ڪندو ۽ ڏسجانءِ ويهي، هو چوندو آهي نه سائنسدان ٿيڻ جو، سو هڪڙي ڏينهن وڏو سائنسدان هاڻي ضرور ٿيندو… پر ٻُڌ! هن کي ڪجهه نه ٻُڌائجانءِ. متان هن کي پريشان ڪرين ۽ ها، امان کي به ڪجهه نه ٻُڌائجانءِ.“
ٻئي ڏينهن ٽيڪم داس اوڙي پاڙي وارن سان خوب هولي ملهائي، پر هن جا اليڪٽريڪل هٿ ٻاهريان صفا اهڙا هئا، جهڙا قدرتي هجن سو ڪنهن کي ڪو شڪ ئي نه ٿيو ۽ پوءِ شام ڌاري وري شهر روانو ٿي ويو.
ان ڏينهن ارجن، ٽيڪم داس سان ڳالهايو هو. پُٽ کيس ڏياري جون واڌايون ڏنيون هيون ۽ چيو هئائين ته سندس پڙهائي زبردست نموني هلي رهي آهي ۽ هُو ٽن سالن جي اندر ئي ڊگري حاصل ڪري وٺندو ۽ پوءِ سائنس جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندو.
پوءِ اهي ٽي سال، ٽيڪم داس ايئن ئي گذاريا. ڪارخاني تي ڪم ڪندي، ڏياري هولي تي ڳوٺ ويندي. ماءُ کان پاڻ بچائيندي ۽ زال کي آٿتون ڏيندي…
ارجن کي ڊگري ملڻ واري ئي هئي جو ڪارخاني جي مالڪ هڪ ڇرڪائيندڙ فرمان جاري ڪيو. هن چيو، ”اها ڳالهه ڏاڍي خوشي جهڙي آهي جو پنهنجي ڪارخاني ۾ تيار ٿيندڙ پائيدار ۽ نت نين ڊزائينن جي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آهي، پر ڪارخاني ۾ جيترن مزدورن جي گنجائش آهي سي اها گهُرج پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي ٿي پيا آهن. انهيءَ ڪري اسان به جديد طريقو اختيار ڪرڻ ٿا چاهيون. اهو طريقو جيڪو پوري دنيا ۾ رائج آهي ۽ ڪالهه جيڪا اسان جي گڏجاڻي ٿي آهي ان ۾ پنهنجي ملڪ جي ڪارخانن کي به اجازت ملي وئي آهي سو هاڻي تمام جلد ٻين ڪارخانن ۾ به اهو طريقو رائج ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن پاڻ ايئن نه ڪنداسين ته پنهنجو ڪارخانو، جيڪو اڄ عرش تي آهي سو سڀاڻي فرش تي اچي پوندو. فرش تي ڇا، کوهه جي تري ۾ غرق ٿي ويندو. اوهان کي اهو ٻُڌي به خوشي ٿيندي ته جديد طريقي جي رائج ٿيڻ سان رڳو اسان کي فائدو ڪونه ٿيندو، پر اوهان جي پگهار به ٻيڻي ڪئي ويندي.“
ڪارخاني جي مالڪ پاران جاري ڪيل ان فرمان جو مطلب به مزدور ڏينهن ٻن ۾ سمجهي ويا. هن ڀيري واري فرمان ۾ جنهن جديد طريقي جي ڳالهه ڪئي وئي هئي سو اهو هو ته ڪارخاني جي گنجائش وڌائڻ جي لاءِ مزدورن جون ٽنگون ڪَٽيون وينديون. جيئن ته مزدور ڪارخاني ۾ ڪم رڳو هڪ جاءِ تي ويهي ئي ڪندا هئا سو اهو سمجهيو ويو ته کين اتي ويٺي ويٺي ٽنگن جي ڪا به ضرورت ڪانهي ڪا، سو ڇو نه انهن جون ٽنگون ڪٽي گنجائش وڌائي وڃي ۽ مشين گيري ۾ اضافو ڪري مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪئي وڃي. باقي مزدور جڏهن ڪم کان فارغ ٿين ته سڀني جون آرٽيفيشل اليڪٽريڪل ٽنگون پيل هجن، جيڪي ويندي مهل لڳائي هليا وڃن. سائنسي ترقي سبب ٻانهن کانپوءِ هاڻي اهڙي قسم جون اليڪٽريڪل ٽنگون به مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون هيون.
ڪارخاني پاران جاري ڪيل اهو فرمان ٻُڌي ٻين مزدورن سميت ٽيڪم داس به اجهامي ويو هو، پر وري کيس ارجن جو خيال آيو ته هن پنهنجي ٽنگن ڏي نهاريندي چپن ۾ چيو، ”اسان جنهن زماني ۾ ڄاوا آهيون، تنهن سان گڏ هلڻ جي لاءِ هي ٽنگون ته واقعي به ڪنهن ڪم جون نه آهن.“ بس پوءِ ٽيڪم داس ٻئي ڏينهن وري وڃي سڀني کان پهرين پنهنجون ٽَنگون پيش ڪيون.
هاڻي مزدورن جي ٽنگن ڪَٽجڻ سان ڪارخاني ۾ ڪافي گنجائش پيدا ٿي پئي هئي. مزدورن جي ٽنگن واري جاءِ تي اضافي مشين گيري لڳائي وئي ۽ اهڙي ريت مارڪيٽ جي مانگ پوري ڪئي وئي.
هاڻي ٽيڪم داس روز صبح سوير اليڪٽريڪل ٻانهون ۽ ٽنگون لڳائي ڪارخاني ايندو هو. اتي ٽنگون اسٽور روم ۾ جمع ڪرائي ڪم تي لڳي ويندو هو، وري شام جو واپس ٽنگون لڳائي فليٽ تي ايندو هو. رات ٿيندي هئي ته هاڻي ٻانهن سان گڏ پنهنجون ٽنگون به جسم کان الڳ ڪري سُڪون جي ننڊ سُمهي رهندو هو.
هُن پار، ارجن جي پڙهائي هاڻي مڪمل ٿي چڪي هئي. هن کي ڊگري ملي چڪي هئي، پر هُن واپس اچڻ نه پئي چاهيو. ان جو سبب هن پنهنجي پيءُ کي اهو ٻُڌايو ته هُن کي ميرٽ جي بنياد تي هڪ اهڙي ٽيم ٺاهڻ جي اجازت ملي وئي آهي جيڪا هڪ انتهائي جديد قسم جو روبوٽ تيار ڪندي. جيڪڏهن اهو روبوٽ ڪاميابي سان تيار ٿي ويو ته ارجن اک ڇنڀ ۾ دنيا جو امير ترين شخص ٿي سگهي ٿو. ان پروجيڪٽ جي لاءِ سرمائيدارن کيس پوري فنڊنگ به ڪري ڇڏي آهي.
ارجن جي نه اچڻ جو اهو سبب ٻُڌي ٽيڪم داس جا ڏک ڏولاوا لحظي ۾ لهي ويا. هن کي بيحد خوشي ٿي. هاڻي هو اطمينان سان ڪم ڪرڻ لڳو. هن ارجن کي تسلي ڏياري ته پويان جو ڪو به الڪو نه ڪري. هتي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.
انهيءَ کانپوءِ وري به ڏياري آئي. وري به ٽيڪم داس سج لٿي منهن انڌاري گهر ويو. ماءُ کي ته ڪا خبر نه پئي، پر رتني جڏهن ٻانهن کانپوءِ هاڻي ٽنگون به غائب ڏٺيون ته تڙپي پئي. ”هيءُ ڇا ٿيو ارجن پيءُ!؟“
ٽيڪم داس گهٻرائجي ويو، پر وري به رتني جي چپن تي پنهنجو سينو رکندي وراڻيائين، ”بس! ڪَٽجي ويون مشين ۾!“ هن رتني کي آٿت ڏيندي وراڻيو، ”پر تون گهٻرائي نه چري! هنن ٽنگن ۾ اسٽيل لڳل آهي. هُنن ٽنگن کان جام مضبوط آهن ۽ مزي جهڙي ڳالهه ته ٿڪجن به ڪونه ٿيون.“
”پر ارجن پيءُ…“ رتني جو روح رهڙجي پيو هو. هُن چپ چوريا، پر کيس اڌ ۾ ئي ڪَٽيندي ٽيڪم داس وراڻيو، ”پر وَر ڪجهه ناهي چري! ڪارخاني جو مالڪ ڏاڍو مهربان آهي. هُن هي پائيدار ٽَنگون مون کي بلڪل مفت ۾ عطا ڪيون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ ڀيرو ٻيهر پگهار به ٻيڻو ڪري ڇڏيو اٿائين. پاڻ کي اڃان ڇا گهرجي ڀلا؟“
”پر ارجن پيءُ تنهنجون ٽنگون…“ رتني روئندي وراڻيو.
”اڙي تون ڇڏ ان ڳالهه کي، ٻُڌ، خبر اٿئي پنهنجي ارجن ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي.“ ٽيڪم داس چيس.
”ها، اهو ته شڪر آهي، پر ڀلا ايندو ڪڏهن؟“ رتني چيو، ”آئون ته چئي چئي ٿڪي آهيانس.“
”اڙي چري، هن کي اچڻ جو هرگز نه چئو.“ ٽيڪم داس چيو، ”خبر ٿئي هُن هُتي سائنسدانن جي هڪڙي خاص ٽيم جوڙي آهي. هُو ڪو خاص قسم جو روبوٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهن.“ ٽيڪم داس چيس ”۽ ڏسجانءِ، پنهنجو ارجن اهو روبوٽ ضرور ٺاهي وٺندو ۽ پوءِ دنيا جو امير ترين ماڻهو بڻجي ويندو چري!“
ٽيڪم داس اها ڳالهه ٻُڌائي رتني کي خوش ڪرڻ ۾ اڌو گابرو ڪامياب ٿي ويو، پر پوءِ جڏهن سمهڻ وقت ٽيڪم داس پهرين ٽنگون ۽ پوءِ ٻانهون جسم کان الڳ ڪري هنڌ تي ليٽي پيو ته ست فوٽ مان رڳو ساڍا ٽي فوٽ ٿي رهجي ويل ٽيڪم داس ڏي، هوءَ چاهيندي به نهاري نه سگهي ۽ پريان پيل کٽولي تي ٻئي پاسي ٻوٿ ڪري ڦِسي پئي.
ٽيڪم داس جڏهن عمر جي سٺ جي ڏهاڪي ۾ داخل ٿيو ته هڪڙي رات سڄي دنيا ۾ هڪ اهڙي خودڪار روبوٽ جي ڳالهه هلي وئي، جنهن ۾ رڳو انساني دماغ نصب ڪرڻ جي ضرورت هئي. پوءِ انهيءَ دماغ جي حڪم تي روبوٽ جو هر مشيني عضوو به قدرتي عضون جيان ڪم ڪري سگهندو هو. سواءِ ڪجهه محسوس ڪرڻ جي! سڄي دنيا لاءِ اها ڳالهه به وڏي اتساھ جو سبب بڻي ته اهو روبوٽ جنهن نوجوان ٺاهيو آهي سو هڪ غريب مزدور جو پُٽ هو ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پُٺتي پيل علائقي ۾ ڄائو نپنو هو.
انهيءَ خبر ٽيڪم داس جي دل خوش ڪري ڇڏي. ٿوري ئي دير ۾ ارجن پاڻ به پيءُ سان ڳالهايو. هن چيو، ”بابا، اوهان کي مبارڪون هجن. آئون پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿي ويس.“ ٽيڪم داس اهو ٻُڌي اڃان به خوش ٿي ويو. هن جي اليڪٽريڪل ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ به بجلي رت ٿي ڊوڙڻ لڳي.. هن به پنهنجي پُٽ کي مبارڪون ڏنيون. ارجن ڳالهائيندي چيو، ”بابا اوهان کي خبر آهي اسان هڪ اهڙي قسم جو روبوٽ ٺاهيو آهي جنهن وسيلي اسان ايڪسپائرڊ ماڻهن جون مهارتون محفوظ ڪري وٺنداسين. نه رڳو محفوظ ڪري وٺنداسين، پر روبوٽ وسيلي انهن کي استعمال به ڪري سگهنداسين.“
ٽيڪم داس بيحد خوش ٿيو، پر هن کي لفظ ”ايڪسپائرڊ“ سمجهه ۾ نه آيو. هُن پڇيو، ”ابا ايڪسپارئيڊ ماڻهو وري ڇا؟“
ارجن زوردار ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ”بابا! ايڪسپائرڊ ماڻهو مطلب سٺ سال کان مٿي وارو ماڻهو، جيڪو پنهنجي زندگي هونئن ئي گذاري چڪو هوندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي دنيا ۾ ڪنهن ڪم جو نه رهندو آهي.“ هن چيو، ”ڏسو ڪو ماهر ڊاڪٽر هجي يا انجنيئر هجي، پر سٺ سالن کانپوءِ ضعيف ٿي ٿو وڃي ۽ پوءِ ڪنهن به وقت ان جي مرڻ جي صورت ۾ ان جون مهارتون به ان سان گڏ دفن ٿي وڃن ٿيون، پر هاڻي ايئن نه ٿيندو. هاڻي ماڻهو جو دماغ روبوٽ ۾ لڳائڻ سان توڙي جو ماڻهو مري ويندو، پر ان جون مهارتون ڪڏهن نه مرنديون. اهي هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي وينديون.“ ارجن چيو، ”چڱو بابا، هاڻي اوهان ڪارخاني جو ڪم ڇڏيو. امان وٽ هلو. آئون اوهان کي وٺڻ ٿو اچان ڪجهه ڏينهن ۾.“
ٽيڪم داس ڳالهائي بس ڪيو، پر سندس خوشي ۾ ڄڻ کاٽ لڳي ويو هو. هُو آئيني جي اڳيان اچي بيٺو. پنهنجي اليڪٽريڪل هٿن پيرن ڏي نهاريائين ۽ پوءِ پنهنجي چهري ڏي چتائيائين. ڳلن جي چُگهن، اکين جي ڏرن ۽ نراڙ جي گهُنجن کان ويندي مٿي جي اڇن وارن تائين هر جاءِ تي کيس اهوئي لکيل نظر اچڻ لڳو هو، جيڪو ارجن اچاريو هو،“… ايڪسپائرڊ ماڻهو مطلب سٺ سال کان مٿي وارو ماڻهو، جيڪو پنهنجي زندگي هونئن ئي گذاري چڪو هوندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي دنيا ۾ ڪنهن ڪم جو نه رهندو آهي.“
ٽيڪم داس کي پنهنجي پُٽ ڪارخانو ڇڏي گهر وڃڻ جو چيو هو، پر الائي ڇو هُو وڃي نه سگهيو. هن ڪارخانو نه ڇڏيو. ٻئين ٽئين ڏينهن ڪمپني جي مالڪ پاران وري هڪ نئون فرمان جاري ٿيو؛ ”اڄ اسان جيڪا ڳالهه اوهان سان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون سا يقينن حقيقت پسند مزدورن جي لاءِ وڏي خوشخبري هوندي.“ چيو ويو، ”اڄ کان پهرين تائين ته مزدورن کي رڳو ايستائين پگهار ملندي هئي جيستائين اهي ڪمائي سگهندا هئا، پر هاڻي اوهان کي مرڻ کانپوءِ به پگهار ملندي رهندي. جيستائين اوهان جي گهر جو هڪ به ڀاتي مطلب زال، ڌيءَ يا پُٽ جيئرو هوندو تيستائين ان کي اوهان جي ڪمائي ملندي رهندي.“ مزدور هڪا ٻڪا ٿي ويا. ڳالهه اڳتي هلي، ”سائنس جي مهربانين سان هاڻي هڪ اهڙو روبوٽ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي جنهن ۾ اوهان جو رڳو دماغ لڳايو ويندو. پوءِ اوهان جو سمورو ڪم هُو پاڻ ڪندو رهندو.“ چيو ويو، ”اوهان کي اهو ٻُڌايون ته اهو روبوٽ ٺاهيو ته مختلف علمن جي وڏن وڏن ماهرن، جيئن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، ڏاهن، دانائن، فلسفين ۽ سائنسدانن جون مهارتون محفوظ ڪرڻ لاءِ هو، پر وڏين ڪوششن کانپوءِ اسان اوهان جي ڀلي لاءِ پنهنجين ڪمپنين ۾ به استعمال ڪرڻ جي اجازت وٺي ڇڏي آهي.“
اهو ٻڌي هڪڙي سٺ سالن جي مزدور چيو، ”پر جيڪڏهن اسان جو دماغ نڪري ويو ته پوءِ اسان زنده ڪيئن رهنداسين؟“ ان کي چيو ويو، ”هاڻي توکي زنده رهڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ تون پنهنجي زندگي ته هونئن ئي گذاري ويٺو آهين ڪراڙا!“
اهو ٻڌي ٽيڪم داس جي ڪنن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ارجن جا لفظ گونجي ويا، ”….ايڪسپائرڊ ماڻهو مطلب سٺ سال کان مٿي وارو ماڻهو. جيڪو پنهنجي زندگي هونئن ئي گذاري چڪو هوندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي دنيا ۾ ڪنهن ڪم جو نه رهندو آهي.“
اهو اعلان ٻُڌي سڀني مزدورن جا مٿا تُم ٿي ويا. هُنن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهي ڇا ڪن.
رات ٿي ته ٽيڪم داس پنهنجون ٽنگون ٻانهون جسم کان الڳ ڪري ليٽي پيو. سامهون ڀت ۾ لڳل آئيني ۾ پنهنجو محدود جسم ڏٺائين ۽ چپن ۾ چوڻ لڳو، ”سرمائيدار سدائين مزدورن جو پيٽ ڪٽيندا رهيا آهن، پر هي طريقو ته بنهه عجيب آهي.“ وري ٻئي پل چوڻ لڳو، ”ها، مون هاڻي هونئن ئي پنهنجي زندگي ته گذاري ڇڏي آهي سو هاڻي وڌيڪ هن جسم ۾ رهي به ڇا ڪبو… ايڪسپارئيڊ ماڻهو!!… هُون!!“ ٽيڪم داس جون اکيون ڦِري سِري پنهنجي چهري تي وڃي کُتيون، جتي ڳلن جي چُگهن، اکين جي ڏرن ۽ نراڙ جي گهُنجن کان ويندي مٿي جي اڇن وارن تائين هر جاءِ تي کيس اهوئي لکيل نظر اچڻ لڳو هو جيڪو ارجن اچاريو هو، ”….ايڪسپائرڊ ماڻهو مطلب سٺ سال کان مٿي وارو ماڻهو. جيڪو پنهنجي زندگي هونئن ئي گذاري چڪو هوندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي دنيا ۾ ڪنهن ڪم جو نه رهندو آهي.“
ٻئي ڏينهن ٽيڪم داس صبح سوير پنهنجا هٿ، پير جسم ۾ نصب ڪيا ۽ تيار ٿي ڪمپني پهتو. هن ڀيري به سڀ کان پهرين هن ئي پنهنجو دماغ رجسٽرڊ ڪرايو.
هفتي کن کانپوءِ ارجن پنهنجي ماءُ سميت پڇائون ڪري ان ڪمپني تائين اچي پهتو. ارجن کي هڪ روبوٽ جي سامهون اچي بيهاريو ويو، جنهن ۾ ٽيڪم داس جو دماغ هو ۽ دماغ به اهو، جنهن ۾ صرف مهارت واري ميموري (يادگيري) سيوَڊ (محفوظ ٿيل) هئي، باقي سڀ ڊيليٽ (ختم) ڪيو ويو هو.

