خاصنئون

نواز شريف طبي بنيادن تي هڪ دفعو ٻيهر ضمانت جي درخواست ڏيئي ڇڏي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست ڏيئي ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽن ۾ ڊاڪٽرن جي راءِ آهي ته نواز شريف جي جان کي خطرو آهي ۽ اسٽريس نواز شريف جي جان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهنڪري ان کي ضمانت تي رها ڪيو وڃي.