سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 14 ڄڻا ٻڏي ويا

انڙ پور ويجهو سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 14 ڄڻا ٻڏي ويا، ٻڏي ويلن مان 6 ڄڻن جا لاش مليا آهن. جڏهن ته 8 ڄڻا اڃان به لاپتا آهن. پوليس مطابق ٻيڙي مٽياري کان ڄامشوري جي علائقي دڙا ماڇي اچي رهي هئي، ٻيڙي ۾ ڪل 14 ڄڻا سوار هئا جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ويون. حادثو رات جي وقت ٿيڻ سبب ريسڪيو جي عمل ۾ مشڪلاتون پڻ آيون.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *