خاصنئون

سنڌ اسيمبلي مان 2002 وارو پوليس آرڊر بحال ٿي ويو

آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير مڪيش چاولا مشرف دور جو پوليس آرڊر وارو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. بل جي منظوري جو عمل شروع ٿيو ته اپوزيشن احتجاج شروع ڪيو ۽ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر هلي وئي. احتجاج دوران اپوزيشن اڳواڻن پوليس آرڊر بل 2002 جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. اسيپيڪر جي ڊائس ويجهو اچي احتجاج ڪيو. اپوزيشن ليڊر فردوس شميم ڌرڻو ڏنو جنهن بعد اپوزيشن ٻاهر هلي وئي اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ سنڌ حڪومت بل کي پاس ڪري ورتو. جنهن سان پوليس آرڊر 2002 بحال ٿي ويو. پوليس آرڊر 2002 جو پسمنظر 42 صفحن جي هن بل جون 190 شقون آهن جنهن مطابق پوليس تصديق ٿيل اطلاع تي بغير وارنٽ جي ڪنهن به جاءِ تي ڇاپو هڻي سگهي ٿي. سنڌ پوليس ۾ ڀرتي جي طريقي جو عمل صوبائي حڪومت طئي ڪندي. ان کان علاوه ايڊيشنل آءِ جيز ۽ ڊي آءِ جيز جي مقرري به وڏو وزير ڪندو.