خاص

غزه ۾ خونريزي جو ذميدار اسرائيل آهي: اتر ڪوريا

اتر ڪوريا جي حڪمران جماعت جي ترجمان روڊونگ سنمن اخبار ۾ آرٽيڪل لکيو آهي، جنهن ۾ هن اها ڳالهه چئي آهي ته غزه ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جهڙپن جو ذميدار اسرائيل آهي. جنهن فلسطين جي عوام خلاف مسلسل مجرماڻيون ڪارروايون ڪيون، هي جنگ ان جو نتيجو آهي. اتر ڪوريا جي حڪمران جماعت جي ترجمان اسرائيل ۽ فلسطين مسئلي جو حل آزاد فلسطيني رياست کي قرار ڏنو آهي.