سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ قرآن ترجمي سان پڙهايو وڃي
گورنر ڪامران ٽيسوري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ترجمي سان قرآن پاڪ جي لازمي تعليم ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي. وڏي وزير ڏانهن لکيل خط ۾ گورنر چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ مسلم شاگردن لاءِ قرآن ڪريم ترجمي سان گڏ لازمي شامل ڪيو وڃي، ان حوالي سان پنجاب جي تعليم کاتي ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي واضح ڪيل پيٽرن کي به ڏسي سگهجي ٿو.

