خاصنئون

بهاولپور جي شاگرد هٿان پروفيسر قتل

بهاولپور ۾ گورنمينٽ صادق ايجرٽن ڪاليج جي ايسوسئيٽ پروفيسر خالد حميد کي بي. اي (پارٽ ٽو) جي شاگرد خطيب ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ملزم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق مڙهه کي بهاولپور وڪٽوريا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ملزم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مقتول پروفيسر جي پٽ جي مدعيت ۾ خطيب خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق ايف آءِ آر ۾ ملزم تي قتل ۽ دهشتگردي جون شقون لڳايون ويون آهن.