نئون

چيف جسٽس پاران اي پي ايس واقعي جي جي آءِ تي قائم ڪرڻ جو حڪم

چيف جسٽس آف پاڪستان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي تحقيقات ڪرائڻ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس پاران پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ٻن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس پاران پشاور جي دوري دوران ايس  پي ايس ڪيس جي سانحي ۾ دير ٿيڻ تي نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيو هو. جڏهن ته ان کان پهرين ايس پي ايس واقعي ۾ شهيد ٻارن جي والدين پاران پشاور رجسٽري ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ هنن چيو هو ته هنن کي انصاف نه پيو ڏنو وڃي. ان ڪري اعليٰ عدالتي ڪميشن تيار ڪري تحقيقات مڪمل ڪري انهن کي انصاف ڏنو وڃي. ياد رهي ته 16 ڊسمبر 2014 تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دهشتگردن طرفان حملي ۾ 130 شاگردن سميت 144 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.