پارليامينٽ جي خواجه سرائن لاءِ تاريخ ساز قانون سازي
ڪالهه اسلام آباد ۾ پارليامينٽ خواجه سرائن جي لاءِ قانون سازي ڪري هڪ تاريخ ساز قدم کنيو آهي. پارليامينٽ (Transgender persons protection of rights) ايڪٽ کي اڪثريت سان پاس ڪيو. هن قانون ذريعي خواجه سرائن جي بنيادي حقن کي آئيني طور مڃيو ويو آهي. جنهن ۾ کين ٻين پاڪستاني مردن ۽ عورتن جيترا ۽ جهڙا آئيني حق حاصل هوندا. جنهن ۾ سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ کين آئيني تحفظ حاصل هوندو. هن قانون تحت شهرين کي پنهنجي سڃاڻپ هڪ مرد، عورت يا ٻنهي جي ميلاپ سان ٺهندڙ ٽين جنس (خواجه سراءِ) جي طور رجسٽر ڪرائڻ جو حق حاصل هوندو. اهو حق کين پنهنجن سڀني دفتري دستاويزن جنهن ۾ شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ تعليمي سندن ۾ ڏيکارڻ جو حق شامل آهي. قانون تحت هڪ عام شهري کي اهو حق حاصل هوندو ته هو پنهنجي جنس جو اظهار ڪهڙي ريت ٿو ڪري. ڇا هو خود کي مرد، عورت يا خواجه سراءِ جي طور شناخت ڪرائڻ ٿو چاهي. پاڪستاني سماج ۾ خواجه سرائن کي قومي وهڪري ۾ اچڻ کان هميشه روڪيو ويو آهي ۽ انهن تي مختلف قسمن سان زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. کين اڇوت بڻائي تنگ ۽ تاريڪ گلين ۾ ڌڪيو ويو آهي. هي مجبور ڪميونٽي خيرات وٺڻ، سيڪس ورڪر طور ڪم ڪرڻ يا وري شادين ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ کي پنهنجو ڌنڌو ٺاهي گذر بسر ڪندي رهي آهي. اڪثر اوقات کين تشدد جو شڪار بڻايو ويندو آهي ۽ کين قتل به ڪيو ويندو آهي. نئين قانون مطابق هاڻي هو عام اسڪولن ڪاليجن، ۽ يونيورسٽين ۾ سڀني شاگردن سان گڏ پڙهي سگهن ٿا. سرڪاري يا خانگي ادارن ۾ پنهنجي مهارت مطابق ڪم ڪري سگهن ٿا. کين جنسي بنيادن تي سندن حقن کان محروم رکڻ ڏوهه هوندو. حڪومت سندن تحفظ لاءِ دارالامان جهڙا ادارا جوڙيندي جتي کين ڪنهن به خطري جي صورت ۾ امان ڏني ويندي. ڏوهن ڪرڻ جي صورت ۾ سندن لاءِ جيلن ۾ الڳ سيل قائم ڪيا ويندا.
زاهده ابڙو