اَبڙو وَڏ وَڙو

سنڌ جي مهان استاد، صوفي عالم، اديب، مفڪر ۽ کاهوڙي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو جنهن جي هن سال 16هين ورسي آهي، تنهن کي علمي ادبي ۽ ديني حلقن ۾ نهايت دل سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر ابڙو 8 فيبروري، 1935ع ۾ تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ امام بخش ٿيٻو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اباڻي شهر ميهڙ ۾ حاصل ڪيائون. سال 1953ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ استاد مقرر ٿيو. سال 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم.اي (فارسي) امتيازي پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. جنهن بعد سال 1962ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه ۾ فارسي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. تعليم کي جاري رکندي سن 1964ع ۾ اسلامي تاريخ ۾ ايم.اي ٿرڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. سن 1965ع بيچلر آف ٽيچنگ ۽ سن 1966ع ۾ ايم.ايڊ جي ڊگريون حاصل ڪيائون، سال 1976ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان اسڪالرشپ ڏئي ايران موڪليو ويو، جتي تهران يونيورسٽي مان جديد فارسي ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائون ۽ اهڙي طرح سال 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر ابڙي صاحب جا ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب ۽ مضمون شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ علمي ۽ ادبي موضوعن جو احاطو ڪيو ويو آهي، پاڻ امام غزالي مرحوم جي ڪتاب ”ايصاالولد“ جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو ۽ دنيا جي نامياري فيلسوف افلاطون جي جڳ مشهور ڪتاب ريپبلڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”رعيتي راڄ“ نالي سان ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ يونان جي فلسفي تي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ افلاطون جي ذاتي تجربي، سندس استاد سقراط جي ڏنل تعليم ۽ فلسفي جي اپٽار ڪئي وئي آهي. ان ڪتاب تي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”لائق مترجم اصل خيالن ۽ احساسن کي اهڙن موزون سنڌي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، جو ائين پيو لڳي ڄڻ افلاطون ڪو سنڌي ڏاهو هو“ ان کانسواءِ ڊاڪٽر ابڙي وزارت تعليم حڪومت پاڪستان طرفان ڏنل موضوع ”مواصلات جا وسيلا“ تي هڪ ڪتاب لکيو. ساڳي ريت وزارت تعليم پاران جوڙايل سائنسي ۽ هنري لفظن جي لغت جي سنڌي ترجمي لاءِ ٽن ميمبرن جي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جو چيئرمين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي هو. ڊاڪٽر ابڙي انگريزي ۾ هڪ ڪتاب “In search of Allah” لکيو، جيڪو پاڪستان کان علاوه پرڏيهه ۾ آمريڪا، ڪئنيڊا، انگلينڊ ۽ جرمني ۾ پڻ وڪري لاءِ موڪليو ويو. سنڌيءَ ۾ سندس جوڙيل ڪتاب ”ٻنهي جهانن جو والي وسيلو“ صلي الله عليه وسلم ۽ ساڳئي ڪتاب کي اردو ۾ ترجمو ڪري ”نور نبوت“ جي عنوان سان پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي پڙهڻ سان هر مومن جي دل ۾ عشقِ رسول ۽ اطاعتِ رسول صلي الله عليه وسلم جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. ڊاڪٽر ابڙو صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪري جيڪا هاءِ اسڪول جي استاد، ڪاليج جي ليڪچرار، پرنسپل ۽ انتظامي طور ڊپٽي ڊائريڪٽر (ڪاليجز) سيڪريٽري/چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪرڻ کان علاوه پاڪستان ڪاليج مسقط (اومان) ۾ پرنسپال طور سانده چار سال ڪم ڪيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ کيس سنڌ حڪومت پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو، جتي ڇهه سال وڏي جاکوڙ ۽ جستجو سان ڪم ڪيائين جنهن جي نتيجي نياڻين لاءِ پبلڪ اسڪول گرلس جو قيام عمل ۾ آيو. پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو ذاتي زندگيءَ ۾ انتهائي سادو انسان هو. فطرت سان چاهه رکندڙ، سچ، سُونهن ۽ سرهاڻ جو چاهه رکندڙ. باغ ۽ باغات ۾ دلچسپي رکندڙ ۽ صوفين، فقيرن توڙي ديني عالمن اديبن سان دوستي رکندڙ هو. سماجي زندگيءَ ۾ سندس لڳ لاڳاپا تمام گهڻا هئا، ان ڪري کيس هر دلعزيز شخصيت طور به ياد رکيو وڃي ٿو. ساڻن منهنجي نياز مندي ڳچ عرصي کان هئي. هو پاڻ مون کي پنهنجو وڏو پُٽ ڪري سمجهندا هئا ۽ هميشه مونکي اولاد جي ڄمڻ جي دعا ڪندا هئا ۽ سندن جي نيڪ دعائن سان رب پاڪ اولاد جي نعمت سان سرفراز ڪيو (الحمدالله).

شاهه ڀٽائي پنهنجي هن بيت ۾ اهڙن انسانن جي صفتن کي ساراهيو آهي ۽ ان ۾ ”ابڙو“ لفظ کي وڏو مان مليو آهي.

اَبڙو وَڏ وَڙو، سوڙو، سمو سونهن سڀن

تنهن در سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي

(شاهه)

(پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو 31 مئي، 2007 تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو).

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments