دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جڏهن ماڻهو جدوجهد جي حالت ۾ روڊن تي نڪرندا آهن ته طاقتور ايوان به ڌڏي ويندا آهن. طاقتور حڪمران، وڏيون سيڪيورٽيون ۽ هٿياربند فوجون ماڻهن جي شديد احتجاج کي روڪي نٿيون سگهن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن مظلوم ماڻهو متحد ٿين ٿا ۽ پنهنجن بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿارين ٿا ته وڏا وڏا حڪمران ۽ مضبوط ترين حڪومتون به ٽٽي پون ٿيون. بنگلاديش کانپوءِ هاڻي نيپال جو مثال اسان جي سامهون آهن. بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد، جيڪا ڪيترن سالن کان اقتدار ۾ هئي، عوامي غصي جو شڪار ٿي وئي. عوامي تحريڪ ايتري تيز ٿي وئي جو آخرڪار کيس نه رڳو اقتدار، پر ملڪ به ڇڏي ڀڄڻو پيو. ٻئي طرف، نيپال ۾ به صورتحال اهڙي موڙ تي پهچي وئي جو وزيراعظم کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ذريعي ملڪ مان ڀڄڻو پيو. ڪاوڙيل ماڻهن وزيراعظم هائوس ۽ پارليامينٽ کي به باهه ڏئي ڇڏي. دنيا اهي سڀ منظر ڏٺا ۽ سبق سکيو ته جڏهن ماڻهو متحد ٿي، زيادتي، ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناانصافي جي خلاف اٿي بيهن ٿا ته ڪابه طاقت انهن جو رستو روڪي نٿي سگهي. جيڪڏهن اسان پاڪستان جي صورتحال جو جائزو وٺون ته اها سچائي سامهون اچي ٿي ته هتي به ماڻهو ڪيترن سالن کان مهانگائي، بيروزگاري، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ هوندي وڌندڙ قيمتن، خراب صحت، ناڪاره تعليمي نظام ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن جو شڪار آهن. حالت اها آهي ته هڪ عام ماڻهو لاءِ گذر سفر ڪرڻ نهايت ئي مشڪل ٿيندو پيو وڃي. بجلي جا بل، گئس جون قيمتون، کير، چانور، ڀاڄيون، گوشت ۽ ٻيون ضروري شيون ان سطح تي پهچي ويون آهن جو سفيد پوش طبقي کي چيڀاٽيو پيو وڃي. اڄ پاڪستان ۾ هڪ مزدور، هڪ استاد، هڪ سرڪاري ملازم، هڪ رٽائرڊ پينشنر، سڀ هڪ ئي سوال پڇي رهيا آهن ته هي زندگي ڪيئن گذارجي؟ ان جي گهر جا خرچ، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان اٿڻ ويهڻ جا ايترا خرچ ٿي ويا آهن جو هن لاءِ اڪيلي سر گهر ۾ گاڏو هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جن علائقن ۾ گئس آهي اک ڇنڀ ۾ گذرندڙ مهيني کانپوءِ جڏهن بل ايندو آهي ته ان جا هوش اُڏامي ويندا آهن. کير، کنڊ، ڀاڄيون، گوشت ۽ داليون، سندس وس کان ٻاهر آهن۔ اولاد جا تعليمي خرچ آسمان کي ڇُهي رهيا آهن. حڪومت سرڪاري اسڪولن کي روز نئين پاليسي هيٺ آڻي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رهي آهي. جڏهن ته خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن جون فيون عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿينديون پيون وڃن. اسپتالن ۾ علاج جون بنيادي سهولتون موجود نه آهن، غريب لاءِ دوائون غائب آهن، جنهن ڪري هو پيناڊول گوري به خانگي اسٽور تان وٺڻ تي مجبور آهي۔ ڊاڪٽرن جون فيون ۽ دوائن جون قيمتون ايتريون وڌي ويون آهن جو مريض جي جان بچائڻ بدران کيسا خالي ٿي وڃن ٿا، پر بيماريءَ تي ٽڪي جو فرق به نه ٿو پوي. اهڙي ڏکئي وقت ۾، عوام اميد رکي ٿو ته حڪمران بي غرضي جو مظاهرو ڪندا، پنهنجا خرچ گهٽائيندا ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻندا، پر بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي. عام ماڻهن جي گهرن جي بجيٽ وڌندي رهي ٿي، پر وزيرن ۽ صلاحڪارن جون پگهارون 200 سيڪڙو وڌايون وڃن ٿيون. ننڍو ملازم طبقو هر شيءِ تي ٽئڪس ڀري ٿو، پر ايوانن ۾ ويٺل وزير عياشيون ڪري بنا ٽيڪس جي گهمندو رهي ٿو، سرڪاري گاڏين جا قافلا وڌندا رهن ٿا غير ضروري پرڏيهي دورا ڪري سرڪاري خزاني جي لٽ مار ڪئي وڃي ٿي ۽ عوام کي چيو ٿو وڃي ته صبر ڪريو، هي ڏکيو وقت آهي جلد گذري ويندو.