ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي ۽ دنيا جو ٻارهون وڏو شهر آهي، جيڪو ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪراچي انساني آباديءَ جي لحاظ کان جيئن ته ملڪ جو وڏو شهر آهي ۽ صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي مقرر ٿيل ماحولياتي حدن کان ٻاهر نڪري ويو آهي. جيئن ته سڄي دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ وڌي رهي آهي، جنهن سبب موسمون تبديل ٿي رهيون آهن، گرميءَ جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ساهه جي بيمارين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪارخانن، گاڏين ۽ جديد اوزارن مان خارج ٿيندڙ دونهين سان اوزون سطح به متاثر ٿي رهي آهي، جيڪا زمين کي سج جي نقصانڪار ڪرڻن کان بچائي ٿي. اوزون تهه تي ٿيندڙ اثر سڄي دنيا جي ماحولياتي ماهرن لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب آهن. نه صرف ڪراچي، پر سڄو ملڪ ماحولياتي گدلاڻ جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ فضائي آلودگيءَ جي سطح سڄي دنيا کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ ڪيل ماحول جي سروي جي مطابق هتي جي وڏن شهرن ۾ دنيا جي گهڻن ئي شهرن جي ڀيٽ ۾ ڌوڙ ۽ دونهين جا ذرا ٻيڻا آهن. جڏهن ته ترقي يافته ملڪن جي نسبت پنج ڀيرا وڌيڪ آهن، جيڪو اسان جي ماحولياتي ماهرن ۽ شهرن جي انتظام سنڀاليندڙن جي توجهه جا مستحق آهن. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته فضائي ماحول جي مسئلي جو بنياد پاڻيءَ جو بحران پڻ آهي.
پاڻيءَ جي غير منصفاڻه ورڇ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مسئلا پيدا ڪيا آهن ۽ سنڌ جيئن ته درياءَ جي پڇاڙ ۾ آهي، ان ڪري پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇو ته وفاق ان کي پنهنجو پورو حصي جو پاڻي ڏيڻ کان هميشه لنوايو آهي ۽ ان جي پاڻيءَ جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي. سروي وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته في ماڻهوءَ لاءِ پاڻيءَ جي ساليانه فراهمي 1105 ڪيوبڪ ميٽر تائين وڃي پهتي آهي، جيڪا فردن جي انفرادي ضرورتن کان گهٽ آهي. هڪ طرف پاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي ٻئي طرف آباديءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. انهيءَ سبب اهو مسئلو ڏکيو ٿيندو وڃي. تنهنڪري ڪراچيءَ جي آبادي انهيءَ مسئلي جو پهريون شڪار آهي. گذريل ويهن سالن کان پاڪستان جي روڊن تي ٽريفڪ پنج ڀيرا وڌي وئي آهي، جن ۾ ڊيزل تي هلڻ واريون گاڏيون جيڪي سامان کڻي اچڻ وڃڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي نقصان جو سبب ٿيون آهن. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهو مسئلو تڏهن ختم ٿيندو جڏهن اسان جي ٽرانسپورٽ ٻين وسيلن ڏانهن منتقل ٿئي، جيئن بجليءَ تي هلندڙ ٽرانسپورٽ ماحول لاءِ گهٽ نقصانڪار آهن. صاف پاڻي ۽ توانائيءَ جا بهتر ذريعا ملڪ مان فضائي آلودگيءَ کي گهٽ ڪري سگهن ٿا. ڪراچي جيئن ته ملڪ جو مالياتي، صنعتي ۽ واپاري مرڪز آهي انهيءَ شهر جو حق آهي ته انهيءَ جا شهري صاف هوا ۾ ساهه کڻن. ڪراچي شهر جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ٻڌائي ٿي ته ڪراچي دنيا جو چوٿون گدلو شهر بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪراچي ۾ فضائي آلودگيءَ جا وڏا ذريعا ٽرانسپورٽ، صنعتي گند ڪچرو، بجليءَ تي استعمال ٿيندڙ اوزارن مان خارج ٿيندڙ دونهون آهن. ڪراچيءَ جو ماحول فضائي گدلاڻ مان گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ ٻئي طرف ماحول کي صاف رکڻ جا انتظام ڏسڻ ۾ نٿا اچن، جن ۾ وڻ پوکڻ ۽ شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي بنيادي حيثيت رکن ٿا.
ٻئي طرف ٿيو ائين آهي جو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ جيڪي مينگروز جا وڻ هئا اهي متاثر ٿيا آهن. ڪراچيءَ جي سامونڊي پٽيءَ کي سر سبز هجڻ گهرجي، ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ايئن ناهي. ٻارن جي بيماريءَ جي ماهر ڊاڪٽرن جي تنظيم پيڊيا ٽرڪس ايسوسئيشن شهر ۾ فضائي آلودگيءَ جي ڪري ساهه جي مرض ۾ اضافي جي ڳالهه ڪئي آهي. ٻارن جي بيماريءَ جي ايسوسئيشن جي صدر اها ڳالهه ڪئي آهي ته ساهه جي بيمارين ۾ ٻيڻو اضافو ٿي ويو آهي. ڪراچي جيئن ته ملڪ جي مالياتي، صنعتي ۽ واپار جي مرڪزي شهر طور سڃاتو وڃي ٿو. ڇا اهو انهيءَ سلوڪ جو مستحق آهي ته اتي نه صاف پاڻي هجي نه صاف هوا هجي. اسين شهر جي انتظاميه، صوبائي انتظاميه ۽ وفاقي سرڪار کي اهو ضرور چونداسين ته ڪراچيءَ کي اوليت ڏني وڃي ۽ شهر کي ماحول دوست بڻايو وڃي.