سعودي عرب جي شهر رياض ۾ اسلامي ملڪن جو سربراهي اجلاس سومر ڏينهن ٿيندو. اها ڪانفرنس تمام اهم موقعي تي ٿي رهي آهي، جڏهن غزه، لبنان، ايران، يمن ۽ اسرائيل ۾ جنگ واري صورتحال آهي. جنگ جيڪا 40 هزار کان مٿي ماڻهن جون جانيون وٺي چڪي آهي، وچ اوڀر جا سڀ ملڪ انهيءَ جنگ جي ڪري پريشان آهن. ان ڪانفرنس ۾ فلسطين ۽ لبنان سميت خطي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ اسلامي ملڪن جا سربراهه، جنگ واري صورتحال تي پنهنجون تجويزون پيش ڪندا. پاڪستان جو وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف به انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي. انهيءَ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت آڪٽوبر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ اهڙي ڪانفرنس جو اعلان ڪيو هو، جيڪا هاڻي ٿي رهي آهي. تڏهن ته سعودي پرڏيهي وزارت انهيءَ ڪانفرنس جي مقصد لاءِ اهو ٻڌايو هو ته غزه ۾ جاري اسلامي جنگ ۽ لبنان تي اسرائيلي يلغار جي تناظر ۾ سعودي عرب پنهنجو ڪوششون ڪندو جيئن انهيءَ خطي ۾ ٻن رياستن واري حل جي ڪوششن کي اڳيان وڌائي سگهجي، يعني اسرائيل ۽ فلسطين ٻه رياستون جيڪي پرامن گڏيل سلامتي واري اصول هيٺ پنهنجي سرڪارن جو ڪاروهنوار هلائين ۽ اتي جي ماڻهن جي زندگين مان جنگ کي ختم ڪري انهن کي زندگيءَ جي پرامن مقصدن ڏانهن موٽائي سگهجي.
غزه ۽ لبنان تي اسلامي جارحيت نئين ڳالهه ڪونهي، پر آڪٽوبر 2023ع کان انهيءَ جارحيت سڄي خطي کي مسئلن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، تنهن جي نتيجي ۾ عرب ۽ مسلمان ملڪن جي سربراهن جي هيءَ غير معمولي ڪانفرنس رياض ۾ طلب ٿي آهي. عرب ۽ مسلم ملڪن جا رهنما سومر ڏينهن شروع ٿيندڙ غزه ۽ لبنان جي متعلق انهيءَ اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي شهر رياض پهچي رهيا آهن. اسان جي ملڪ جو وزيراعظم به رياض پهچي چڪو آهي. سعودي گادي واري شهر رياض پهچڻ تي ڊپٽي گورنر شهزادو محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز سميت ٻين اعليٰ سعودي اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو. او. آءِ. سي جي اڳواڻيءَ ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس گهڻي وقت کان منعقد ٿينديون رهيون آهن. ڪانفرنس ۾ 57 رڪن ملڪن جي فيصلن جي تشڪيل ميمبر ملڪن جي ترقيءَ لاءِ هميشه دروازا پئي کوليا آهن. 2016 ۽ 2018 ۾ ترڪيه جي ميزبانيءَ ۾ اها ڪوشش ڪئي وئي ته اسرائيل ۽ فلسطيني تنازعي لاءِ انصاف اتحاد ۽ يڪجهتي ڏانهن پهچجي ۽ خطي ۾ ديرپا امن جو خواب تعبير ٿي سگهي. پاڪستان ۾ 23 مارچ 1922ع تي اسلام آباد ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو اجلاس منعقد ٿيو هو. سال 1969ع کان اڄ تائين عرب اسلامي ملڪ پنهنجون ڪوششون ڪندا رهيا آهن ته جيئن وچ اوڀر ۾ ۽ اسلامي ملڪن ۾ بهتر سماجن جي تعمير ٿي سگهي ۽ اتي ترقي ٿئي ۽ وڌيڪ ترقيءَ جا امڪان پيدا ٿين، پر تازو وچ اوڀر ۾ غزه جي صورتحال انهيءَ سڄي خطي کي انديشن سان ڀري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن جنگ ڦهلجي ٿي ۽ اها غزه ۽ اسرائيل کان ٻاهر نڪري جيئن لبنان تائين پهتي آهي ۽ ايران تي به ان جا اثر پيا آهن، ائين نه ٿئي جو سڄي خطي ۾ جنگ جي باهه ڀڙڪي پئي. انهيءَ ڪري رياض ۾ ٿيندڙ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس هن موقعي تي تمام ضروري آهي ته جيئن غزه جو مسئلو حل ڪري سگهجي ۽ اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ هڪ مستقل جنگ بندي خطي جي ضرورت آهي.
ڇاڪاڻ جو جنگيون بيگناهه ماڻهن جي جان وٺي رهيون آهن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، علم ۽ تعليم بني نوع انسان جي ڀلائي لاءِ ڪم اچي، پر موجود وقت ۾ ته اهو سڀ جنگين ۾ ڪتب اچي رهيو آهي، انهيءَ ڪري اسين هن موقعي تي عرب اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس جي حمايت ڪريون ٿا ۽ اها اميد ڪريون ٿا ته غزه جي مسئلي جو حل ٻن رياستن جي قيام ۾ آهي انهيءَ ڪري ڌرين ۾ جلد جنگ بندي ڪئي وڃي ۽ مستقبل لاءِ ڳالهيون ٻوليون ڪيون وڃن ته جيئن وچ اوڀر ۾ 75 سالن کان مٿي اسرائيل ۽ فلسطين مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي سگهي. اسين پنهنجي وزيراعظم ميان شهباز شريف کي جيڪو عرب اسلامي سمٽ ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي انهيءَ مان اهو يقين ٿا رکون ته اهو مسئلي جي دائمي حل لاءِ ڪوششون وٺندو.