بلاگنئون

يا ٽرمپ تيرا آسرا

سياست جو سج لهي نٿو، پر ادارن جي غلط پاليسين جي ڪري سياسي ڪيريئر تباھي جي ڪناري تي پڄن ضرور ٿا، سياسي مهم بازيءَ ۾ ڪجھ ٻاڙائي اچي ٿي وڃي، ڇو ته خلق سمجهي ٿي ته شهباز شريف جي هوندي عمران خان ڪڏهن به پختي سياست نه ڪري سگهندو، اتي اسٽيبلشمينٽ جي اها به چالاڪي آهي ته اهي هڪ کي جيل ۾ ٿا رکن ته ٻئي کي ريل ۾ ۽ ائين خلاق به ماٺي ٿي ٿي وڃي ۽ هڪٻئي کي سياست ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪن ٿا ته اهي هڪٻئي جي غلط پاليسين تي چٿر به ڪري سگهن ۽ سمجهن ته واقعي ئي شهباز شريف جي سرڪار غلط آهي ۽ عمران خان مڙئي صحيح هو يا ماضي جي هر حڪومت صحيح هوندي آهي ۽ ايندڙ هر حڪومت ويندڙ سرڪار کان ڀلي هوندي آهي ان ڪري اها ڳالھ به ڪير طئي ڪري ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط آهي. ساڳي ڳالھ يا نريٽو پي ٽي آءِ جي دور ۾ به هو ته نواز شريف سميت انهن جي سموري ڪٽنب جا ماڻهو (سياستدان) نااهل ٿي ويندا ۽ ڪوبه سياست ڪرڻ جي لائق نه رهندو، ان ڪري ته پاناما ليڪس ۾ نواز شريف تي جڏهن ڪوڙ ثابت ٿيو ته ان تي پابندي لڳي وئي هئي ۽ ڪورٽ 6 جولاءِ 2018 تي کيس 10 سالن لاءِ نااهل ڪري ڇڏيو هو ۽ ائين لڳندو هو ته نواز شريف وري سياست نه ڪري سگهندو، پر ڪورٽ وري کيس 21 آڪٽوبر 2023 تي 10 سال سزا معاف ڪري وري سياست ۾ بحال ڪري ڇڏيو، پر سياسي وٺ وٺان جي ڪري اسٽيبلشمينٽ هن کي وزيراعظم ٿيڻ نه ڏنو، پر ان کان اڳ مشرف جي دور ۾ جلاوطني ڪاٽڻ کانپوءِ هي وري 2011 ۾ وطن واپس آيو ۽ 2013 ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم به ٿي ويو، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ مالڪن جي شديد اسرار تي اهو ان ڳالھ تي آماده ٿيو ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه ٿيندو.

خلق جو حافظو ڪمزور آهي، انهن کان ڳالھ وسري ٿي وڃي ته عمران خان جا توشاخانا، فارين فنڊنگ، عدت ۾ نڪاح، القادر يونيورسٽي جو پئسن جو گبن، گوگي جون ڪرپشن، عليمه خان جون ڪرپشن ڪهاڻيون، ڪي پي ۾ آءِ ٽي پراجيڪٽ جا ڪيس، ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪرپشن، بي آر ٽي بس پراجيڪٽ جي ڪرپشن ۽ ڪجھ ٻيا مسئلا، پر اها به ڳالھ آهي ته ماڻهن کان وري شهباز شريف ۽ نواز شريف جا ڪيس به وسري ويا آهن انهن جي سمجھ ۾ اهي سڀ پاڪ صاف آهن پوءِ پاناما ليڪس جهڙين آڊٽ رپورٽن کي به منهن ڏئي ٿا وڃن، اهي پوءِ پيڊورا پيپرز به ڇو نه هجن يا کڻي وڪي ليڪس جهڙيون آڊٽ رپورٽون هجن يا اهي سياستدان ملڪ جي ڪورٽن جي آڏو ڪوڙ بدوڙ هڻي ڪم ڪڍي ٿا وڃن. هونئن عوام به دل دادا آهي اهي ڪهڙو پنهنجي عوامي ڪورٽن ۾ سياسي اڳواڻ کان حساب ڪتاب وٺندا آهن يا ووٽ ڏيڻ کان پهرين اهي سڀ ليکا چوکا ڪندا به آهن يا انهن کي ڪهڙو ياد هوندو آهي ته نواز شريف ڪهڙا ڪوڙ هڻي لنڊن ويو هو يا زرداري ڪهڙي انوکي ڪرپشن ڪئي هئي ۽ هاڻي وري اهي عوام جي سامهون اچي نوان واعدا وچن ڪندا يا عمران خان جيل ۾ آهي ته پنهنجي ڪئي تي آهي يا ان به ڪوڙ هنيا هئا. ڪجھ به هجي، پر انهن اڳواڻن ۾ اخلاقي جرئت ناهي هوندي، اهي عسڪري طاقتن آڏو ۽ سڳورين عدالتن ۾ به هٻڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ڪجھ ٿيندو ئي نه. ان ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو به ته اهو ئي فيصلو وري وقت گذرڻ سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏيندي ۽ اهي اڳواڻ وري لنڊن ۾ لڪي ڇپي ويهندا ۽ ٽائيم يا ڏکيو وقت گذرڻ کانپوءِ وري واپس ڪرسي تي ويهندا. ان ڪري “صبح ڪي تخت نشين شام ڪو مجرم ٺهري“ واري ڳالھ رڳو غير پنجابين جي لاءِ چيل آهي يا انهن تي هڻي سگهجي ٿي ۽ ”باقي سڀ جا سڀ غير پنجابي جيل ۾ ۽ پنجابي اڳواڻ ريل ۾“ واري ڪار لڳي پئي آهي يا ”ڪوئي يار سي نڪلي تو سوءِ دار چلي“ به غير پنجابي اڳواڻن تي ٺهي ٿو، ان ڪري جيئن رياست چئي ۽ جيئن اسٽيٽ جي مرضي هجي پوءِ اهي دادلا نوان هجن يا پراڻا هجن بس اڳواڻن جو ڪم آهي ته اهي انهن سان ها ۾ ها ملائي ڪم ڪڍي هلن نه ته انهن جو حشر خراب ٿيندو ۽ ڪنهن جي ڪرپشن ثابت نه ٿيندي ۽ نه ئي ڪو ڪرپشن ثابت ڪرڻ جي لاءِ هوندي آهي.

5 نومبر تي ٽڪ ٽاڪ تي ڪيترن ئي ماڻهن ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هو آمريڪي اليڪشن کٽڻ شرط عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ جي ڳالھ ٿو ڪري، پر وڊيو ڪلپ ڊب ٿيل آهي ۽ 2017 جي رڪارڊ ڪيل آهي. ڪلپ ۾ ٽرمپ کي اهو چوڻ ٻڌي سگهجي ٿو ته “هيلو، منهنجا پاڪستاني ۽ آمريڪي دوست مان واعدو ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مان کٽي آيس ته عمران خان کي تڪڙو جيل مان ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، خان منهنجو دوست آهي، مون کي هن سان پيار آهي، مان هن جي حمايت ڪندس ته هو ٻيهر حڪومت سنڀالي ۽ اسان گڏجي ڪم ڪنداسين، ڇو ته لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عمران خان ضروري آهي ۽ عمران خان زنده باد، وڊيو کي 2.4 ملين ڏٺو ويو آهي ۽ 19,300 ڀيرا شيئر ڪيو ويو آهي، پر وڊيو ڪلپ جي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ڇو ته آڊيو ۽ ٽرمپ جي چپن جي حرڪت ۾ تفاوت محسوس ڪري سگهجي ٿو. اصل ۾ 12 مئي 2017 تي NBC نيوز جي يوٽيوب چينل تي آيل انٽرويو جنهن ۾ ”ليسٽر هولٽ“ سان ڊونلڊ ٽرمپ جو خاص انٽرويو ڪندو آهي، يوٽيوب وڊيو ۾ ٽرمپ انٽرويو وٺندڙ کي ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جيمس ڪومي کي برطرف ڪرڻ جي پنهنجي عمل جو جواز پيش ڪري رهيو هوندو آهي. مارچ 2024 کان ساڳئي ڊب ٿيل وڊيو جون ڪجھ ڪلپون پڻ حاصل ڪري سگهجن ٿيون، انهي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ته ڊب ڪيل ڪلپ وائرل ڪئي وئي هجي.

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي زلفي بخاري آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم سان عمران خان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران جي ويجهي ساٿي زلفي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هو ٽرمپ سان ۽ ان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطي ۾ آهي، جنهن ۾ سندس ڌيءَ ايوانڪا ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر سان به هن ملاقاتون ڪيون آهن. ٽرمپ پاران عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نه رڳو عمران خان جي قانوني صورتحال، پر پاڪستان ۾ انساني حقن، جمهوري قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان وسيع مسئلن کي به حل ڪرڻ جو ڪوشش ڪندو. زلفي ۽ ٽرمپ ان اڳ به خان جي جيل ۾ هجڻ تي قانوني خدشا ظاهر ڪري چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي گهربل مقصدن کي لاءِ ممڪنه طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ زلفي سياسي اتحاد جو اشارو به ڏنو آهي. ان کان علاوه زلفي ٽرمپ کي سندس تازي صدارتي فتح تي مبارڪباد ڏني آهي، جنهن ۾ هن ٽرمپ جي جيت کي جمهوريت جي فتح قرار ڏنو آهي. هن پي ٽي آءِ طرفان ٽرمپ ۽ جي ڊي وينس کي به مبارڪون ڏنيون آهن، رڪاوٽن جي باوجود هن ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪامياب واپسي کي ساراهيو آهي. زلفي موجب ٽرمپ جي فتح خطي جي سياسي ۽ معاشي استحڪام جو پيغام پڻ آهي. ان ڪري ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دور ۾ جنگين کان نفرت ڪندو هو، هن ”ٽيل اوَيَو“ کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ ته قرار ڏنو هو، پر ساڳي جاءِ تي عرب ملڪن کي ان ڳالھ جي به تنبيھ ڪئي هئي ته اهي به اسرائيل سان سفارتي تعلقات بحال ڪن ۽ امپورٽس ايڪسپورٽس کي به هٿي ڏين جنهن ۾ مصر ۽ اماراتي سڀ کان اڳڀرا رهيا.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف ان کان اڳ عمران خان جي آزادي لاءِ آمريڪا جي سهڪار جي امڪان تي شڪ جو اظهار ڪندي چيو هو ته آمريڪا ۾ به پاڪستان جهڙي طاقتور اسٽيبلشمينٽ موجود آهي. هڪ خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي آصف زرداري پڻ تجويز ڏني هئي ته تازو ئي آمريڪي صدارت کٽيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستاني اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي لاءِ مداخلت ڪرڻ ممڪن ناهي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا تعاون تي ٻڌل رهندا، جتي مفاد هڪ جهڙا هوندا، پر پاڪستان تڪراري مسئلن تي ثابت قدم رهندو. هن خاص طور تي غزه، لبنان ۽ عراق ۾ جنگ بندي جي ضرورت تي زور ڏنو، ۽ نئين آمريڪي انتظاميا تي زور ڀريو آهي ته هو خطي ۾ تشدد کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي.  فسلطيني نسل ڪشي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ جنگ بندي حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، ان معاملي تي گڏيل قومن جي تنظيم ۽ هر فورم جي ڪوشش هوندي آهي ته ان ڳالھ کي ڀليڪار ڪن. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وسيع تر لاڳاپن تي تبصرو ڪندي آصف زرداري چيو هو ته اسلام آباد پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪندو ۽ ضرورت پوڻ تي ڪنهن به پرڏيهي دٻاءُ جي مزاحمت ڪندو. آمريڪي عملدارن هڪ مضبوط اسٽيبلشمينٽ جي اثر رسوخ جي ڪري امڪاني طور تي عمران خان جي آزاديءَ تي قومي مفادن کي اوليت ڏيندو، مطلب ته ڪنهن به صورت آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽيجڪ لاڳاپن کي خطري ۾ نه وجهندو. ٽرمپ ڪيترو به نسل پرست ڇو نه هجي، پر هن ڀيري به سدائين وانگي آمريڪا کي جنگين ۽ هٿيارن جي ڊوڙ کان پاسي تي رکندو، سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھ ته هو وچ اوڀر سميت پاڪستان ۾ به رجيم چينج جي ڳالھ ڪندو، ڇو ته عمران خان سندس پسند جو کلاڙي آهي ۽ هو پنهنجي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪرائيندو.