لطيف سائين انسان ۽ ان سان تعلق رکندڙ سامان جو تذڪرو پنھنجي لافاني پيغام ۾ ڪيو آھي. انھن ۾ سون جي ڌات به ھڪ آھي جيڪا انساني تاريخ سان گڏ پراڻي جنھن کي انسان وقت سان گڏ ڪتب آڻيندو رھندو آھي. سون جو ڌاتو نمبر 79 آھي. ھن ڌات کي سڀ وڌيڪ قيمتي تصور ڪجي ٿو، پر ھن ڌات کان ٻيون به وڌيڪ قيمتي شيون ھن ڌرتي تي موجود آھن، پر سون کي اھميت مليل آھي. سون ھڪ نھايت قيمتي ڌاتو آھي. ھن جي معنى آھي، اُھا ڌات جنھن تي ڪَٽ ڪڏھن به نه چڙھندي آھي. نج، اصل، اُتم، اعلى، اُچو، سٺو، عاليشان چون ٿا.
سينڌو ھوئين صرافن سين، ته ھوند نه ٿئين ھيئن
جيڪس جُوھرين سين، ڪين گذاريئي ڏينھن
جبل منجھان جيئن، سُوجھي ڪڍن سون کي
سون جو رنگ به اون سان منسوب ٿيل آھي جنھن کي سوناري چون ٿا. سون جي تلاش ڪندڙ ماڻھو به ھن سان عشق جي حد تائين سون کي چاھين ٿا. سون بابت ڪجھ پھاڪا به آھن، ھي ماڻھو سونو اٿئي. اِھو ماڻھو سون جو پئي پر ھن مان چڱائي ملندئي.
سون عورتاڻي زيورن ۾ ھيري کانپوءِ ٻئي نمبر تي عام آھي. اڄڪلھ ته دنيا جا ملڪ ڪاروھنوار سون جي حساب سان ڪن ٿا. يعني جيترو سون ھوندو اوترو پئسن جو قدر ان ملڪ جو وڌيل ھوندو جيترو گھٽ ھوندو اوترو ان ملڪ جي ڪرنسي ڪريل ھوندي. سون جي سڃاڻپ قيراط سان ٿيندي آھي، پر اڄوڪي دور ۾ سون سان گڏ ڪجھ ٻيون ڌاتون ملائي واپاري سون جي ڪاروبار ۾ پئسو ڪمائي رھيا آھن، جيڪو لطيف سائين اڳ چيو ھو ته:
سونا ونئن صراف سين، ڀڃي ڇڏ بازي
چـــاندي ڪيو چلائين، رپو روازي
جت ٿيندو رب قاضي، اُت توريندا تجويز سين
ھن بيت ۾ لطيف سائين سون سان مخاطب آھن ته اي سون تون صراف سان بازي ڀڃي ڇڏ، يعني سونارن کان ھاڻي پري رھ، جيڪي اصل سون کي چاندي ڪري پيا وڪرو ڪن، جيڪا عام آھي، پر جڏھن اصل حساب وارو ڏينھن ايندو اتي فيصلو رب پاڪ جي ھٿ ۾ ھوندو اُتي صراف يعني سوناري جو عقل نه ھلندو. ھن بيت تي جيڪڏھن غور و فڪر ڪجي ته ھي بيت لطيف ڌاتو واري سون جي ڳالھ مثال طور تي ڪئي آھي، اصل ۾ ته اصليت جو قدر گھٽجي ويو آھي، سچي ۽ اصل انسان کي پنھنجي اصلي قيمت نه ملندي آھي، اِھا اسان جي معاشري ۾ عام آھي، سچا انسان ھر وقت پريشان رھندا آھن، پر جيڪي منافق ۽ حريفي انسان ھوندا آھن سي حرفت سان پنھنجي مطلبي خيالن سان ڪوڙ جي چمڪ ھڻي ڪم وٺي وڃن ٿا. ڪبير چيو آھي ته:
(پاپي بيٺا راج کري، سادو مانگي بيک)
رب سائين جا به عجب فيصلا آھن جن کي ڪوبه مٽائي نٿو سگھي. رب پاڪ پنھنجن کي ھر وقت ڪنھن نه ڪنھن پيڙاءُ ۾ رکن ٿا ۽ جن کي مزا ماڻائي ٿو، اُھي اڪثر کيس مڃينس ئي ڪونه ٿا“ جيڪي چاھي سو ڪري، جن ماڻھن سان رب سائين پيار ڪري ٿو ته انھن جي مقام کي دنيا وارا ماڻھو صرف سوچي ته سگھن ٿا، پر پھچي نٿا سگھن. دولت، شھرت، علم، محل ماڙيون دنيا جو مال آھي، جيڪا به بقا آھي ضرور ختم ٿي ويندي، پر فقيرن وٽ اُھا ملڪيت آھي جيڪا ڪڏھن به ختم ئي ڪونه ٿي ٿئي. دنيا جي ملڪيت ڪڏھن ڪنھن وٽ ته ڪڏھن ڪنھن وٽ، پر جيڪا فقيرن جي دولت آھي اُھا انھن کي ڪنھن نه ڪنھن سُٺي عمل جي ڪري کين مليل ھوندي آھي يا وري رب پاڪ انھن کي عطا ڪري ٿو. رب جي عطا ۾ ڪابه خطا نه ھوندي آھي، پر جيڪڏھن انھن کي ڪنھن چڱائي جي عيوض مليل ھوندي آھي ته اُھا به انھن جي ميراث آھي.
جُه صرافن لڏيو، ته تون پڻ لڏج سون
قدر ڪندئي ڪونه، نيئي گڏيندئي گڏون سين.
ھن بيت ۾ لطيف سائين جن فرمايو آھي ته اصل (سونارا) صراف ھليا ويا، اي سون تون ھاڻي ڪنھن جي آسري تي ھتي آھين. ھاڻي جيڪي صراف ايندا اُھي توکي عام ڌاتن سان ملائي تنھنجي اصليت وڃائي، بي مُلھ ڪري ڇڏيندا. ھن بيت ۾ اصل انسانن سان لطيف سائين مخاطب آھن ته جن ماڻھن وٽ تنھنجو قدر ھو، اُھي ويچارا ھليا ويا، جيڪي انھن جا پونئر آھن اُھي توکي ايتري عزت نه ڏيئي سگھندا، جيڪا عزت تون لھڻي ٿو.
آءُ نھين، آڌر نھين، نھين نينا نينھن
اس در ول نه جاوڻا ڪبيرا، توڙي موتيا وسي مينھن
اصل ۾ انسان ئي آھي جنھن سون کي عزت ڏني آھي، پر اصلي قيمتي انسان آھي، جنھن ان جي ملھ جو قدر ڪيو آھي.
نه ايندي چونئي آءُ، نه ويندي چونئي ويھه
ٻيو کٽو اٿئي ڏيھه، اڱڻ وڃين انھن جي
سون مرد کي پائڻ نه گھرجي ۽ عورت جي زيورن جي زينت آھي. اڄوڪي دور ۾ سون جا تاج بادشاھ سرن تي پائين ٿا. مرد ھٿن ۾ سون جون منڊيون، گلي ۾ ڏورا، ٻانھن ۾ به سون جا زيور پائڻ مردن لاءِ عام ڳالھ آھي. سون عورت جي پسنديدہ زيور طور تصور ڪيو وڃي ٿو خاص ڪري شادين ۾ ته سون جو پائڻ عام ھوندو آھي، جيڪو ڪنوارن کي پارايو ويندو آھي، پر پاڙي واريون عورتون به سون پائي شادين ۾ وينديون آھن. سسئي جي شادي ۾ پاڙيچن جيڪي سونا زيور پاتا ھئا انھن جا نالا ھن بيت ۾ آھن.
ڳائـــــــــي ڳـــــــچيءِ ۾، پاتا پاڙيچــــن
نٿـــــون بُولا نــــڪ ۾، واريائـــــــون ورن
ورڙا، والا، منڊيون، ڪڙيون سان ڪنگڻن
ڪَــــــٺمالون، ڪَـــــتريا، ٻانــــــھوٽا ٻانھن
ڇلا، پازيب، ڇڳيون، جھالر سين جھومڪن
پونچيون، واڍولا پڻ سھڻا، نسبيون سان نازن
دُھريون ھس درسن وڏي ھئا، ڍولڻ سان ڍارن
موتـــــي لعلون تن مٿي، جَـــــڙيا ياقــــــــوتن
مــــــاڳ مامينن، ساري سِٺا ھئـــــي سون جي.
ڪيئي سوين سال اڳ به سون انساني معيشت جو حصو ھو، ھاڻي به ساڳيو حال آھي، پر اڳتي خدا کي خبر آھي ته ھن ڌات کي ڪيتري عزت ملي، پر رب پاڪ جنھن کي عزت ڏي ان کان ڪير به کسي نٿو سگھي. سنياسي سون جا قيمتي نسخا پڻ ٺاھين ٿا، يعني (سون کي مارڻ) سون جي ڌات اڪسير ڪري انسانن کي کارائڻ. سون جو ڪُشتو انساني ھڏ کي جسماني طاقت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. مردانه بيمارين ۾ ھي سون جا نسخا انمول قيمتي آھن، جنھن کي سنياسي کٿوري، زعفران ۽ عنبر جي مدد سان ملائي ٺاھين ٿا. سون جھڙي انمول ڌات کي ڪشتي ڪرڻ جا سنياسي حڪيم ماھر ھوندا آھن.
تون تنين سي گھار، جي سيھي مان سون ٺاھين
سون جا شوقين سون کي ٺاھڻ جا شوق به رکن ٿا، جن کي ڪيماگر يا ٺرڪي چون ٿا. ٺرڪ جو شوق به عجيب انساني عادت آھي جن کي محوسي به چون ٿا، جيڪي ھر وقت سون جي ٺاھڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. محوسي ڪجھ حڪيمي جي لباس ۾ پاڻ کي لڪائي محوس تي ڪم ڪن ٿا. سون ٺاھڻ لاءِ ھميشه ڪوشان رھن ٿا. سون ته ڪونه ٿا ٺاھي سگھن، پر ان بابت مختلف روايتون ٻُڌل ڳالھين تي زندگي جا قيمتي پل وڃائڻ ۾ ويرم نٿا ڪن. تيزابن تي تجربا ڪن ٿا. ٽامي جي ڌات تي سون جھڙا رنگ چاڙھين ٿا. ڌاتن مٿان رنگ چاڙھڻڻ لاءِ رنگن کي ٺاھڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. اصل سون جي سڃاڻپ آھي ته ان کي تيزاب ۾ وجھبو ته ڳري ويندو، پر ختم نه ٿيندو. اھڙو سون ٺاھڻ لاءِ ڪوشان ھوندا آھن جنھن کي تيزاب کائي نه سگھي پوءِ ڪڏھن پارو ته ڪڏھن وري ڪنھن ٻئي ڌات کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا.
سون جا شوقين ڪجھ وري زميني خزاني جي تلاش ڪن ٿا، جن جو وري ھڪ الڳ شوق آھي. انھن ماڻھن جو تصور آھي ته ڪيترائي سال زمين پراڻي آھي جنھن تي ڪيترائي انسان ھتي رھيا آھن انھن جا خزانا زمين جي اندر موجود آھن. انھن خزانن کي تلاش ڪرڻ لاءِ پڙھايون ڪن ٿا. عامل ان تي پڙھايون ڪن ٿا ته سون جي ديڳ انھن کي ملي وڃي. سادن ۽ عام ماڻھن کي انھن عاملن جي ڳالھ تي اعتبار آھي. سون مليو ته شايد ڪنھن کي به ڪونھي، پر انسان پنھنجي خواھشن جو محتاج آھي ان ڪري تلاش ضرور ڪري ٿو، پر جنھن کي رب پاڪ عطا جيڪا ملڪيت ڏيئي سگھي ٿو، پر ھاڻي جديد دور سان انسان (ميٽل ڊيڊيڪٽر) مشين جي مدد سان به سون کي ڳولين ٿا. شايد ڪنھن کي مليو ھجي.
قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار
پاڻيٺ جي پرکڻان، ويا سي وينجھار
عينڪ پائي اکين، لھن سڀ ڪنھن سار
صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.
ملاوٽي ماڻھو ھر دور جو حصو رھيا آھن جن اصل جي اھميت کي گھٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آھن، پر اصل ئي اصل ھوندو آھي، چاھي اھو انسان ھجي يا قدرتي ڌات سون. اصل جو نقل ته ٺھي ويندو، پر اصل جيڪا شيءِ رب پاڪ پنھنجي حڪمت سان ٺاھي آھي اُھا ٺاھڻ ڪنھن انسان جي وس جي ڳالھ ناھي، اصل جھڙا ھٿرادو سامان اڄ جي انسان کوڙ ٺاھيا آھن، پر اصل جيڪي به رب پاڪ جي ٺاھيل آھي ان جو مالڪ پاڻ ڌڻي آھي، پر انسان حوس جو پوڄاري آھي ھن جي اندر مان مايا جي موھ نه اڳ ختم ٿي ھئي نه وري ھاڻي ختم ٿيندي. دنيا جي ملڪيت کي انسان پنھنجي خوشي جو سامان محسوس ڪري ٿو، پر درحقيقت اِھا ان جي ڀُل آھي، اصل ملڪيت ته انسان جي اندر جي خوشي ھوندي آھي، جنھن جو انسان وٽ قدر تمام گھٽ ھوندو آھي.
سونا ونئن صراف سين، لڏو ھڏ م لاہ
آھي تن اونداہ، جن جواھر ضايع ڪيا.
ھن بيت ۾ لطيف انسان کي ھدايت ٿا ڪن ته جيڪي انسان اوھان جي قدر و قيمت نٿو ڄاڻي انسان کان پري رھڻ سک، ھتي دنيا جي ھر نگر ۾ ھر موڙ تي ڪوڙ ۽ دوکي جو راڄ آھي. ھتي ڪير ڪنھن جو ناھي، جيڪي انسان اوھان جو قدر ڪن ٿا اُھي اصل ۾ اوھان جي قيمت ۽ اھميت کان واقفڪار آھن، انھن سان گڏ رھندين ته قيمتي رھندين نه ته توکي ڪير نه پڇندو.
اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي
پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران
ڪنھن فقير وٽ ڪو انسان ويو ۽ سندس اڳيان عرض ڪيائين ته سائين مون کي سون ٺاھڻ وارو نسخو عطا ڪريو. مون کي ان جي تمام گھڻي ضرورت آھي. فقير ان سان انڪار ڪيو ته آئون سون ٺاھڻ واري نسخي کان ناواقف آھيان، پر تون ان جي تلاش ڇو ڪري رھيو آھين؟ جيڪڏھن سون ٺاھڻ وارو نسخو اوھان کي ملي وڃي ته ان کانپوءِ ڇا ڪندين؟ چيائين ته سائين سڀ کان پھرين عاليشان گھر ٺھرائيندس، ان کانپوءِ دنيا جي عيش آرام وارا سامان خريد ڪندس، پوءِ شادي ڪندس، پوءِ آرام سان زندگيءَ جا ڏينھن گذاريندس، فقير کلي ڏنو، چيائين ابا توکي معنيٰ آرام جي ضرورت آھي، محل ماڙيون ٺاھڻ کانپوءِ به ڪندين ته آرام، يعني اوھان کي سون ٺاھڻ واري نسخي جي ضرورت گھٽ ۽ آرام ڪرڻ جي ضرورت وڌيڪ آھي. ايتري جفاڪشي ڪرڻ کانپوءِ به آرام ڪندين تہ ھينئر ئي آرام ڪر.
تون سَپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏوھ
تون پارس آئون لوھ، جي سڃين ته سون ٿيان.
انسان اندر جي سڪون کي حاصل ڪرڻ لاءِ مال ملڪيت تي وقت وڃائي ٿو، پر انسان جو سڪون پنھنجي مليل رب پاڪ جي نعمتن تي شڪر ڪرڻ ۾ اصلي سڪون موجود آھي، جيڪو وقت گذري ٿو ان تي شڪر ڪندڙ انسان ئي اصلي سڪون واري ڪيفيت ۾ ھوندا. اوھان اندازو لڳائي ڏسو اسان کي گذريل وقت سڪون وارو محسوس ٿئي ٿو، پر ان وقت به انسان ناشڪري ڪري رھيو ھوندو آھي، پر جڏھن وقت گذري ٿو ان ماضي جو احساس سڪون واري حالت کي ظاھر ڪري ٿو، پر جنھن حال ۾ اسان ھن وقت به آھيون اھو به ڪو گھٽ ته ناھي، ڪمال جو وقت اسان وڃائي رھيا آھيون، دنيا جي موہه ۾ ھن وقت اسان کي بلڪل قدر ناھي، پر ايندڙ وقت ۾ اسان کي محسوس ضرور ٿيڻو آھي ته گذريل وقت تمام ڀلو ھو. اُھو ماحول وري ڪيئن ٺھي ان وقت ۾ وري اسان ڪيئن داخل ٿيون، جيئن اصلي زندگي جو مزو ماڻي سگھون. ماضي، حال، مسقبل انسان جي زندگي جا حصا آھن. ماضي گذري ويو جيڪو اسان جي ھاڻي وس ۾ ناھي، ايندڙ وقت به انسان جي وس کان ٻاھر آھي، حال اسان جي وس ۾ آھي جنھن جو اسان کي قدر ڪرڻ گھرجي. گذريل ھر پل ماضي ٿي ويندو آھي. حال ماضي جو حصو آھي، حال جي سنڀال ڪرڻ سان ماضي ڀلوڙ ٿي ويندو آھي. خوشين ڀريا احساس اسان جي ماضي جو حصو ھوندا، جنھن وقت ۾ اسان آھيون اھو اسان جو بھترين پل جنھن ۾ اسان پنھنجن پيارن رشتن سان، پيارن دوستن سان وقت گذاريون، جنھن ۾ اسان جي لافاني خوشي آھي. پنھنجن جو قدر ڪرڻ گھرجي. ملڪيت اچڻي وڃڻي آھي. ملڪيت کي ھٿ مير به چون ٿا ته ڪوڙي دنيا به چوندا آھن. ان ڪري اصل ملڪيت پنھنجا آھن جن سان اوھان وقت گذاري رھيا آھيو، جيڪي ويندا ته وري ڪونه ايندا، دنيا اچڻي وڃڻي آھي، جيڪي طاقت ھن وقت اوھان جي جسم ۾ آھي اھا به وري ناھي اچڻي. پنھنجي پاڻ سان گڏ رھڻ ۾ اصلي خوشي آھي، ٻين جي خوشي خاطر پنھنجن خوشين کي نيلام نه ڪجي. اھو ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن مان اوھان کي اصلي دلي سڪون ملي. پنھنجي پاڻ سان سچائي ڪجي، اھا ئي اصلي ملڪيت آھي.