چين ۽ روس پاران آمريڪا جي ميزائيل ٽيسٽ جي مذمت

آمريڪا پاران چيو ويو آهي ته هن هڪ نئون نيو ڪليئر ميزائيل ٽيسٽ ڪيو آهي. جنهن کي چين ۽ روس 1987 جي انٽرميڊئيٽ نيو ڪليئر فورسز معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته هن معاهدي تحت ڪوبه ملڪ وچين ليول نيو ڪليئر ميزائيلن جي نئين ٽيسٽ نٿو ڪري سگهي. روس پاران هن ٽيسٽ کانپوءِ چيو ويو آهي ته آمريڪا جي کنيل قدم سان دنيا ۾ ڪشيدگي وڌي ويندي. ٻئي طرف چين پاران چيو ويو آهي ته آمريڪا جي هن عمل سان دنيا ۾ هٿيارن جي هڪ نئين ڊوڙ شروع ٿي ويندي.  آمريڪا کي هاڻي پنهنجي ڪولڊ وار واري ذهنيت کي ختم ڪرڻ گهرجي. روس جي صدر به چئي ڇڏيو آهي ته آمريڪا جي کنيل هن قدم کانپوءِ اسان به اهڙا ميزائيل ٺاهينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *