ڊاڪٽر شڪيل واري ڪيس بابت ڳالهائڻ تي وزيراعظم خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل

اڳوڻي ڊپٽي اٽارني جنرل محمد خورشيد خان پاران وزيراعظم عمران خان خلاف آمريڪا ۾ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي بابت ريمارڪس ڏيڻ تي توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. محمد خورشيد خان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عدالت جي فيصلي خلاف ريمارڪس ڏنا آهن. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري دوران هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي بدلي ۾ آمريڪا حوالي ڪري سگهجي ٿو. ڪيس داخل ڪندي خورشيد خان چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ شڪيل آفريدي بابت فيصلو ڏنو هو ۽ حڪومت به خاطري ڪرائي هئي ته شڪيل آفريدي کي ملڪ کان ٻاهر قيدي جي بدلي ۾ نه ڏنو ويندو. ياد رهي ته ڊاڪٽر شڪيل آفريدي 2011 کان وٺي جيل ۾ قيد آهي، عدالت هن کي 23 سالن جي سزا ٻڌائي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *