بلاگنئون

ماءُ بي لوث محبت ۽ قرباني جي علامت

مئي مهيني جي ٻئي آچر تي مائرن جو ڏهاڙو ملهائڻ نه صرف هڪ رسم، پر ان ڏينهن تي مائرن جي عظمت، اهميت ۽ سندن مقدس رشتي کي دنيا آڏو اجاڳر ڪرڻ آھي. ان ڏينھن جي شروعات 1908ع ۾ ٿي، جڏهن اناجاروز نالي عورت طرفان ماءُ جي يادگيري طور سينٽ اينڊريئو ميٿئيوڊسٽ چرچ گرافٽن اولهه ورجينا ۾ پنھنجي ماءُ کي ڀيٽا ڏئي ماءُ جو ڏينھن ملهايو ويو. ماءُ دنيا جو اهو عظيم ۽ مقدس رشتو رهيو آھي، جنھن جي متبادل ڪوبه رشتو جڳهه ڪو نه والاري سگهيو آھي. عورت جي روپ ۾ ماءُ نه صرف هڪ رشتو، بلڪه ماءُ لازوال قربانين جو هڪ مثال هجي ٿي. هونئن ته هر ڏينھن ئي ماءُ جي اهميت ۽ عظمت جو ڏينھن هوندو آھي، پر مائرن جي عالمي ڏينھن تي خصوصي طور ماءُ جي لازاول قربانين کي ياد ڪندي سندس اهميت، عظمت ۽ خصوصيت سان گڏ هن مقدس رشتي کي  ڀيٽا ڏئي اهو احساس ڏياريو ويندو آھي ته انسان هر رشتي ناتي کان بغير گذارو ته ڪري سگهي ٿو، پر ماءُ جهڙي مقدس رشتي کان بغير جياپو اڌورو ۽ نامڪمل بلڪه جيئڻ ئي مشڪل ٿي وڃي ٿو. اهڙي ڪيفيت جو اظهار اهي يتيم ٻار ئي ڪري سگهن ٿا، جن کان سندن  مائرون هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويون آھن. ماءُ جي شفقت ۽ ماءُ جي پيار جو اظهار ۽ ممتا جي رشتي جي ڇانو جو قدر هميشه اها ئي زبان بيان ڪري سگهي ٿي جيڪو ان کان محروم رهيو هجي. ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪي به لفظ يا جملا نا ڪافي آھن ۽ دنيا ۾ اهڙو ڪو ماپو ئي وجود ۾ ڪو نه آيو آھي، جيڪو ماءُ جي لازوال قربانين ۽ اولاد لاءِ برداشت ڪندڙ تڪليفن کي ماپي يا توري سگهي.

مائرون ته معاشري جو بنياد هونديون آھن، سندن وجود اڻ مٽ ۽ لازوال قربانين سان ڀريل هوندو آھي، مائرن جي بي مثال قربانين مان جيڪڏهن پاڻ سندن رڳو هڪ قرباني تي ئي نظر وجهون ته پاڻ ڄاڻي وينداسين ته هوءَ صرف هڪ انسان نه، پر خدا جي طرفان مليل عظيم نعمت، قربانين ۽ پيار جو اعليٰ روپ آھي. ماءُ جڏهن پاڻ ڪنھن جي اولاد هجي ٿي ۽ هوءَ شادي کانپوءِ پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ توڙي ڀائر، ڀينر، مٽ مائٽ ۽ ساهيڙيون مطلب ته هر رشتي کي ڇڏي جڏھن پنھنجي مڙس جو گهر وسائي ٿي ته ان کان وڌيڪ سندس ڪهڙي قرباني هوندي ۽ نه رڳو اهو، پر اتان ته سندس قربانين جو صرف باب کلي ٿو، اڳتي هلي جڏهن هوءَ اولاد کي پنھنجي پيٽ ۾ پالي کين جنم ڏئي ٿي ۽ پنھنجو سک چين ۽ آرام ڦٽائي ٻچن جي پالنا ڪري ٿي، اولاد جي بهتر پرورش ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏيندي راتين جون ننڊون ڦٽائي اوجاڳا ڪاٽي پوري ڄمار فڪر ۽ اولاد جي ڳڻتين ۽ ويچارن ۾ گذاري ٿي.

انسان جي زندگي ۾ ماءُ جو ڪردار املهه ۽ بي بها رهيو آھي. ماءُ جو رشتو ۽ شفقت ۽ پيار نه رڳو انسان جي روپ ۾ ئي مقدس ۽ شفيق آهي، پر ممتا جو پيار، شفقت ۽ قربانيون اسان کي جانورن ۽ پکين ۾ به بيشمار ملن ٿيون. مطلب ته قدرت ممتا جو روح نه رڳو انسان ۾ وڌو آھي، بلڪه پکين ۽ جانورن ۾ به اهوئي پسمنظر رکيو آھي. جيئن ڪنھن انسان کي تڪليف ۾ ڏسي ممتا جو روح تڙپندو آھي ته بلڪل تيئن ئي پکين ۽ جانورن جي ممتا به پنھنجي ٻچن کي تڪليف ۾ ڏسي تڙپندي نظر ايندي آھي. ماءُ پيار ۽ محبت جو عظيم مثال رهيو آھي. جيئن مولانا رومي فرمايو آھي ته: “اسان پيار جي پيداوار آھيون ۽ پيار ئي اسان جي ماءُ آهي.” ماءُ هر رشتي جو ڪردار نڀائڻ بخوبي ڄاڻي ٿي ڪڏهن هوءَ پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ توڙي هر رشتي کي نڀائي سگهي ٿي، پر اسان لاءِ صرف هڪ ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ ئي ڏکيو آھي، تڏهن ته خدا کيس عظيم رشتي ۾ منسلڪ ڪري هن دنيا ۾ موڪليو آھي، ماءُ کي دعائن جو مرڪز بڻائي بلڪه جنت به سندس پيرن ۾ رکي ماءُ جي رشتي کي وڌيڪ مقدس ۽ مطهر بڻائي ڇڏيو آھي.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄڪلهه  هر روز پاڻ سوشل ميڊيا تي اهو عام ڏسي رهيا آھيون جو اولاد ماءُ جهڙي مقدس رشتي کي پٺي ڏئي کين تشدد جو نشانو بڻائيندي گهرن مان بي دخل ته ڪڏهن وري سندن زندگي جو ڏيئو ئي اجهائي ڇڏين ٿا ته ڪي بدنصيب اولاد وري مائرن کي ضعيف خانن ۾ ڇڏي پاڻ کي آجو محسوس ڪن ٿا، يقينن اهي سڀ لمحا انھن مائرن لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندا آھن، جيڪي پنھنجون سموريون خوشيون ۽ زندگيءَ جو هر پل پنهنجي اولاد لاءِ وقف ڪري ڇڏين ٿيون، پر موٽ ۾ اسان کين سواءِ تڪليف ۽ در در جون ٺوڪرون کائڻ کانسواءِ ڪجهه به ته نٿا ڏيون.