بلاگنئون

منهنجي ڳوٺ نئينگ نغاول جي درد ڪٿا!

دنيا جو دستور رهيو آهي ته هر انسان جي اها خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ملڪ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ کي به خوشحال سرسبر شاداب ۽ ترقي يافته ڏسڻ چاهيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن به ڳوٺ، ملڪ يا قوم سان وابسطه هجي، ها ائين ئي ساڳئي طرح جڏهن منهنجي ڳوٺ نئينگ نغاول تي نظر وِڌي ويندي ته قدرتي سونهن سان مالا مال هي ننڍڙو ڳوٺ نئينگ نغاول کيرٿر جبل، ڀت جبل ۽ بڊو جبل جي دامن ۾ پنهنجي قدرتي سونهن جو بيتاج بادشاهه پنهنجي خوبصورتي جي عڪس کي سرشار ڪندي نظر ايندو وِک وِک تي قدرتي پاڻي جي چشمن ۽ کجين جا باغ ڄڻ ته هن ڳوٺ جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڳوٺ ۾ ناياب قسم جي جانورن سان گڏ، شام جو مال جا ڌڻ جڏهڻ وٿاڻن ڏانهن ورندا آهن ۽ جڏهن شام جو سج ڀت جبل ۾ پنهنجو وجود غم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته خوبصورت پکين جون مٺڙيون لاتون جڏهن ڪنن تائين پهچنديون آهن ته دل کي راحت بخشيندڙ ۽ من موهيندڙ منظر لڳندو آهي ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين پوري سنڌ جي سونهن هن ڳوٺ ۾ سمايل آهي. صرف آئون نه منهنجي ڳوٺ وارا نه، پر سنڌ، بلوچستان سميت سڄي ملڪ جا سياح اِن ڳالهه جي گواهي ڏيندا ته قدرتي سونهن جو ٻيو نالو وادي نئينگ نغاول آهي. هن علائقي اندر قدرتي سونهن سان گڏ قدرت طرفان هن ڳوٺ کي ڏنل تحفا به ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن. هتان جي زمين جي فصلن جي پيداوار پوري سنڌ کان ايوريج ۾ مٿانهين آهي، جبلن جو قيمتي پٿر ۽ ڳوٺ مان نڪرندڙ موتي جيئان وارِي جيڪا پوري ڄامشوري ضلعي جي شهرن ۾ وڏين وڏين بلڊنگن ۽ بنگلن ۾ استعمال ٿيل آهي، جڏهن قدرت طرفان ڏنل هڪ ٻيو تحفو هن ڳوٺ جي  مسڪينن کي مليو 1997 ۾ جڏهن ڀت جبل سميت بڊي جبل مان قدرتي گئس ۽ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا ته هنن سوچيو ته هاڻي ته هنن جي قسمت ئي بدلجي ويندي ۽ هنن دل ئي دل ۾ وڏا خواب سجائڻ شروع ڪيا ته حڪومت جي نظر هن ڳوٺ تي پوندي ته اسان جا خواب ساڀيان ٿيندا ۽ دبئي جيان اسان به خوشحال زندگي گذارينداسين. انسان جي بنيادي سهولتن سان گڏ اسان جا ننڍڙا گلڙن جهڙا ٻار به تعليم جي زيور کان محروم نه رهندا. هنن جا خواب ايڏا ته وڏا هئا جو هنن سمجهيو ته اسان جو ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ قائم ٿيندو. گئس، بجلي، پاڻي، تعليم، صحت، روزگار سڀ ملي ويندا. ڇو ته هاڻي حڪومت هن ڳوٺ مان معدني وسيلن جي ذريعي روزاني ڪروڙين رپين جي بچت حاصل ڪري ٿي ته بنيادي سهولتون اسان جو حق آهن ۽ اسان کي ضرور ملنديون، پر هنن اٻوجهه مسڪين مارو ماڻهن کي اها خبر ئي نه هئي ته هنن جا خواب، خواب ئي رهجي ويندا ۽ پهرين کان به پوئتي بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا.  ڇو ته هنن کي مليو ته ڪجهه به ڪونه، پر هنن جي جيئڻ جو سهارو به کسيو ويو. هنن جو گذران چوپايو مال ۽ جر جو شفاف پاڻي هو، جنهن تي هو ٿورو گهڻو فصل ڪاهي صرف پنهنجي  پيٽ  پالڻ لاءِ اَن جا چار داڻا ملندا هئا.

جڏهن هنن جبلن تي وڏيون وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون اچي لٿيون ۽ هتان جي جبلن مان زوري وڏن ڪمپريسرن ذريعي گئس ڪڍيو ته هتان جي زمين جو جَر (جر جو پاڻي) سڪڻ لڳو ۽ غريب عوام بي حال ٿيڻ لڳو. جڏهن جر جو پاڻي سڪڻ لڳو ته هتان جون زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون، فصل تباهه ٿيڻ لڳا، کوهه (جر جو پاڻي) سڪڻ لڳو، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، ائين جيئن ڏڪار ۾ ٿر جي واري مينهن جي ڦڙي لاءِ سِڪندي آهي، جهنگ ۾ مال لاءِ چَرهو (جهنگ جو گاهه) سڪڻ لڳو، جهنگ جا وڻ تباهه ٿيڻ لڳا، چوپايو مال به بک وِگهي مرڻ لڳو. ڪمپني جي گٽر، ڪيميڪل ۽ نيڪال وارو گند ڪچرو زمين ۾ جَر اندر ڦٽو ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي جيڪا پيئڻ جي پاڻي جي لپ نلڪن (هينڊ پائيپ) ذريعي 200 کان 300 فوٽ تان پاڻي ڪڍي پيٽ پالنا ڪندا هئا ته ان ڪيميڪل ۽ گٽر جي ڪري پيئڻ جي پاڻي جي لپ به زهر ٿي، پاڻي کارو ٿيڻ لڳو جنهن جي پيئڻ سان ڳوٺ جا ماڻهو 90 سيڪڙو خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا، جنهن ۾ ڪاري سائي (هيپاٽائيٽس بي، سي، ڊي) جنهن جو مان پاڻ به پيشنٽ آهيان ۽ گيسٽرو جهڙيون موتمار بيماريون وڌڻ لڳيون. اڄ به هر گهر ۾ چار کان پنج ماڻهو ان بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. ليب ٽيسٽ ذريعي زهريلو پاڻي واپرائڻ جي ڪري هي بيماريون ٿيون آهن، جنهن بعد هتان جو پاڻي کڻي سٺين ليبارٽين مان ٽيسٽ ڪرائڻ بعد خبر پئي ته هي جر جو پاڻي هاڻي پيئڻ جي لائق ناهي رهيو، پر ڪري به ڇا ٿو سگهجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو هنن مسڪينن جون آهون ۽ دانهون آسمان چيري عرش تائين پهچن، جيڪي هي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪن ٿا، پر افسوس جو  هي مسڪين اهوئي پاڻي پيئڻ تي مجبور، هي ماڻهو جيڪي نه بجلي، نه اسپتال، نه گئس، نه واٽر سپلاءِ جي صاف پاڻي، نه تعليم، نه نوڪري، نه روڊ رستا، ۽ نه ئي ڪا ٻي سهولت هجڻ باوجود به ڪيڏا نه خوش هئا،  پنهنجي مال ۽ صاف پاڻيءَ تي گذر سفر ڪندا هئا، جو هاڻي هنن کان هي جيئڻ جو سهارو به کسيو ويو، پر بدقسمتي سان جو هنن جي ڳوٺ مان نڪتل گئس ڪي پي ڪي ۽ پنجاب تائين ته پهچي ٿو هنن جي گهر جي ٿَلهي (اڱڻ) تان پائيپ لائين گذري ٿي، پر هي اڄ به ان سهولت کان محروم آهن، هي ڪمپني جيڪا هنن جي گهر جي مٿان آهي ان ۾ وڏا آفيسر ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا آهن، پر مزدورن کان ويندي سيڪيورٽي گارڊ، چوڪيدار، ڊرائيور، هيلپر، مڪينيڪل ڪُڪُ، سُوئيپر کان ويندي مسجد جي پيش امام تائين ٻاهران ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن، پر لوڪل ڳوٺ جي ماڻهن جي نڙي تي لت ڏئي انهن کي چيچلائي چيچلائي ماريو ويو.  ڪڏهن هنن پيئڻ جي پاڻي جي ٽينڪر جي اپيل ڪئي ته سندن مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آر درج ڪري ڳوٺ جي قسمت ٽُٽل ماڻهن کي ٿاڻن ۽ جيلن حوالي ڪيو ويو. افسوس ته هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ ڳوٺ جي ڪامورن تي سوچڻ کپي ته هي ڳوٺ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي تعلقي سيوهڻ جي يو سي جهانگارا جو آهي. ڳوٺ جي معزز شخصيت پير صاحبان  جيلاني سيدن سان تعلق رکندڙ موجوده ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه جيلاني ۽ سندس والد صاحب مرحوم پير غلام شاهه جيلاني جن جو سياسي تعلق شروع کان پيپلز پارٽي سان رهيو جيڪو شايد 6 ڀيرا جوهي جو ايم پي اي ۽ صوبائي وزير به رهي چڪو آهي، جن جو آبائي ڳوٺ نئينگ نغاول آهي ڳوٺ وارن جي بدقسمتي جو سائين جي چوڻ تي ووٽ پ پ کي ڏيندا آهن، پر سائين جن به پنهنجي ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي مسڪين مارو ماڻهن لاءِ  ڪجهه نه ڪيو. پاڪستان آزاد ٿيڻ کي 79 سال گذري چڪا آهن، 1947 کان 2026 تائين، پر بدقسمتي جو اسان جي ڳوٺ وارا نالي ۾ صرف پاڪستاني آهن سي اين آءِ سي ڪارڊ پاڪستان جو ٺهيل اٿن اهو به ان لاءِ جو ڪامورن کي ووٽ جي ضرورت پوندي آهي، باقي ته هنن کي قوم جو حصو به تسليم نٿو ڪيو وڃي. 79 سالن ۾ ڳوٺ نغاول ۾ گورنمينٽ جي ڪا هڪ سِرَ به لڳل ناهي نه اسڪول، نه اسپتال، نه روڊ، نه گهٽي، نه نالي، نه گئس، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه نوڪري، نه ڪو ٻيو ڪو عام روزگار، هي پاڪستان جا رهواسي آهن 2009 ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ ۾ بجلي ڪجهه پئسن عيوض تقريبنَ 20 لکن ۾ لڳرائي جنهن جا بِل به هر مهيني ڀريا پوءِ به اها بجلي 2014 ۾ مڪمل طور ڪٽي وئي ۽ جيڪا اڄ ڏينهن تائين نه آئي.  وري تازو 2018 ۾ ڳوٺ جو روڊ منظور ٿيو جنهن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ٺيڪيدار سامان کڻي آيو ۽ ڪم شروع ڪيائين مٿان سائين پير صالح شاهه جي مهرباني سان ٺيڪيدار کي روڪي ڪم بند ڪرايو ته جيڪڏهن روڊ ٺهي ويندو ته ڳوٺ جا ماڻهو شهر جو رخ ڪندا ۽ هتي اسڪول ناهي ته جهانگارا ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندا ته پوءِ اسان جي بنگلن تي ٻُهاري ڪير ڏيندو. لکڻ سان اکين ۾ لڙڪ اچي ٿا وڃن ته ڳوٺ ايڏو سارو مالا مال ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ ڳوٺ جا مالڪ فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن آخر ائين ڇو آهي. ڳوٺ جا معصوم گلن جهڙا ٻار گهڻي تعليم ته ڇڏيو، پر پنج درجا به نٿا پڙهي سگهن، ڳوٺ جون عورتون سڄو ڏينهن پاڻي ۽ ڪاٺين جي ڳولها ۾ آهن. جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي هجي ته ان مريض کي سيوهڻ پهچائڻ لاءِ 65 ڪِلو ميٽر سفر ڪرڻو پوندو. هونئن ته اهو سفر ڪلاڪ جو مَس هوندو، پر روڊ نه هئڻ جي ڪري 4 کان 5 ڪلاڪ لڳي ٿا وڃن. سيوهڻ تائين پهچڻ ۾ ۽ اهو مريض رستي ۾ تڙپي تڙپي مري ٿو وڃي.