دنيا جو دستور رهيو آهي ته هر انسان جي اها خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ملڪ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ کي به خوشحال سرسبر شاداب ۽ ترقي يافته ڏسڻ چاهيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن به ڳوٺ، ملڪ يا قوم سان وابسطه هجي، ها ائين ئي ساڳئي طرح جڏهن منهنجي ڳوٺ نئينگ نغاول تي نظر وِڌي ويندي ته قدرتي سونهن سان مالا مال هي ننڍڙو ڳوٺ نئينگ نغاول کيرٿر جبل، ڀت جبل ۽ بڊو جبل جي دامن ۾ پنهنجي قدرتي سونهن جو بيتاج بادشاهه پنهنجي خوبصورتي جي عڪس کي سرشار ڪندي نظر ايندو وِک وِک تي قدرتي پاڻي جي چشمن ۽ کجين جا باغ ڄڻ ته هن ڳوٺ جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڳوٺ ۾ ناياب قسم جي جانورن سان گڏ، شام جو مال جا ڌڻ جڏهڻ وٿاڻن ڏانهن ورندا آهن ۽ جڏهن شام جو سج ڀت جبل ۾ پنهنجو وجود غم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته خوبصورت پکين جون مٺڙيون لاتون جڏهن ڪنن تائين پهچنديون آهن ته دل کي راحت بخشيندڙ ۽ من موهيندڙ منظر لڳندو آهي ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين پوري سنڌ جي سونهن هن ڳوٺ ۾ سمايل آهي. صرف آئون نه منهنجي ڳوٺ وارا نه، پر سنڌ، بلوچستان سميت سڄي ملڪ جا سياح اِن ڳالهه جي گواهي ڏيندا ته قدرتي سونهن جو ٻيو نالو وادي نئينگ نغاول آهي. هن علائقي اندر قدرتي سونهن سان گڏ قدرت طرفان هن ڳوٺ کي ڏنل تحفا به ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن. هتان جي زمين جي فصلن جي پيداوار پوري سنڌ کان ايوريج ۾ مٿانهين آهي، جبلن جو قيمتي پٿر ۽ ڳوٺ مان نڪرندڙ موتي جيئان وارِي جيڪا پوري ڄامشوري ضلعي جي شهرن ۾ وڏين وڏين بلڊنگن ۽ بنگلن ۾ استعمال ٿيل آهي، جڏهن قدرت طرفان ڏنل هڪ ٻيو تحفو هن ڳوٺ جي مسڪينن کي مليو 1997 ۾ جڏهن ڀت جبل سميت بڊي جبل مان قدرتي گئس ۽ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا ته هنن سوچيو ته هاڻي ته هنن جي قسمت ئي بدلجي ويندي ۽ هنن دل ئي دل ۾ وڏا خواب سجائڻ شروع ڪيا ته حڪومت جي نظر هن ڳوٺ تي پوندي ته اسان جا خواب ساڀيان ٿيندا ۽ دبئي جيان اسان به خوشحال زندگي گذارينداسين. انسان جي بنيادي سهولتن سان گڏ اسان جا ننڍڙا گلڙن جهڙا ٻار به تعليم جي زيور کان محروم نه رهندا. هنن جا خواب ايڏا ته وڏا هئا جو هنن سمجهيو ته اسان جو ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ قائم ٿيندو. گئس، بجلي، پاڻي، تعليم، صحت، روزگار سڀ ملي ويندا. ڇو ته هاڻي حڪومت هن ڳوٺ مان معدني وسيلن جي ذريعي روزاني ڪروڙين رپين جي بچت حاصل ڪري ٿي ته بنيادي سهولتون اسان جو حق آهن ۽ اسان کي ضرور ملنديون، پر هنن اٻوجهه مسڪين مارو ماڻهن کي اها خبر ئي نه هئي ته هنن جا خواب، خواب ئي رهجي ويندا ۽ پهرين کان به پوئتي بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا. ڇو ته هنن کي مليو ته ڪجهه به ڪونه، پر هنن جي جيئڻ جو سهارو به کسيو ويو. هنن جو گذران چوپايو مال ۽ جر جو شفاف پاڻي هو، جنهن تي هو ٿورو گهڻو فصل ڪاهي صرف پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ اَن جا چار داڻا ملندا هئا.