بلاگنئون

وڻجاري جي ڊائري: آتم ڪٿا-2

ٻاراڻي زندگيءَ کي ياد ڪندي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته آئون ٻاروتڻ کان ڪجهه خوابن تي وڌيڪ ڀاڙڻ وارو ماڻهو آهيان، يعني جيڪو خواب ۾ ڏسندس، اُهو زندگيءَ سان لاڳاپو ڪري اڳتي وڌندس. ماڻهو روزانو خواب ڏسي ٿو ۽ روزانو اُهي خواب هن جي ذهن تي سوار رهن ٿا يا جيڪڏهن وقت گذري وڃي ٿو ته پوءِ اُهي سندس لاشعور ۾ پکڙجي وڃن ٿا ۽ جڏهن به انهن خوابن سان ملندڙ جلندڙ واقعا ٿين ٿا ته پوءِ اُهي خواب ياد ايندا آهن ۽ وري ڄڻ ته اهي خوشيون يا غم موٽي ذهن کي خوش ڪندا آهن. اهڙا ڪيئي خواب زندگيءَ جي نديءَ ۾ منهنجي ذهن تي سوار رهيا آهن ۽ هن ڪهاڻيءَ جي آخر تائين سوين ڪهاڻيون انهن خوابن سان جڙيل مان هتي بيان ڪندس.

مون کي پنجاهه کانپوءِ محسوس ٿيو ته مون تي نفسيات جو ڪو حملو ٿيل آهي يا وري نفسيات جي ڪجهه بيمارين مان مون کي هڪ بيماري آهي جو جڏهن به ڪنهن واقعي يا ڪنهن شديد محبت يا نفرت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان ته نفسياتي طور تي پنهنجو پاڻ سان وڙهندو رهندو آهيان ۽ رستن تي هلندي نه صرف ڳالهائيندو آهيان، پر ڪيئي دفعا تقريرون پڻ ڪندو آهيان. باٿ روم ته انهيءَ عمل لاءِ آئيڊيل جڳهه آهي.

جڏهن مان پنجين جماعت ۾ هئس، پنجين جماعت جو ذڪر ان ڪري ٿو ڪريان جو منهنجي ذهن جي واديءَ ۾ پنجين جماعت کان شروع ٿيندڙ يادون نقش ٿيل آهن، ان کان پهرين وارا واقعا چٽيءَ طرح ياد ناهن. پنجين جماعت کان شروع ڪندي پنهنجون سموريون محبتون ياد آهن ۽ انهن محبوبائن جون اکڙيون ڄڻ ته روح جي ڪوهيڙي ۾ روشني پيدا ڪنديون رهنديون آهن. تڏهن جي ڳالهه آهي ته آئون روز رات جو ننڊ مان دانهون ڪري اٿندو هئس جو ڪجهه خواب ۾ ڏسندو هئس. اها ڳالهه واضح ناهي ته خواب ۾ ڇا ڏسندو هئس، پر ڪو  تصور خوف ۽ حراس جو هو. شايد تنهنڪري ئي جڏهن محبت ڪيم ته پنهنجي محبوبه کي چيم ته جيڪڏهن تنهنجي ٻانهن تي نه سمهندس ته ننڊ ڪانه ايندي. ٻه اهم محبوبائون زندگيءَ ۾ رهيون ۽ اهي ئي ٻه زالون به ٿي ويون سو هاڻ ڪجهه وقت ٿي ويو آهي جو مون سعيده جي ٻانهن کانسواءِ به ننڊ ڪئي آهي، پر جيڪڏهن اُها ٻئي ڪمري ۾ سمهندي آهي ته خوف محسوس ٿيندو آهي.

انهيءَ نفسياتي ڪشمڪش جا ڪيترائي واقعا ٿي گذريا آهن، پر شروعات انهن دانهن کان ٿي جڏهن آئون 12 سالن جو هئس. روز گهر وارن کي تنگ ڪندو هئس جو هُو منهنجون دانهون ٻڌي تنگ اچي ويا هوندا. منهنجي گهر ۾ منهنجي ماءُ کي ته شايد پنهنجو ڪو خوف هو، پر منهنجي ڏاڏي مون کي اچي ڳراٺڙي پائيندي هئي، جڏهن آئون ننڊ مان دانهون ڪري اٿندو هئس. اهو خوف اهڙو هو جهڙو حضرت موسيٰ کي اڳيان آيل باهه کان ٿيو هو جو الله تعاليٰ کيس لڪڻ عطا ڪيو جنهن سان نديءَ وچ ۾ رستا نڪري آيا.

اهو خوابن ۽ خوف جو پيچرو ظاهر ۽ باطن سان جڙيل آهي. مان سمجهان ٿو ته مون کي پنهنجي ظاهر جي ڪڏهن به پرواهه نه رهي آهي ۽ مون هميشه باطن کي ئي پنهنجي شخصيت جو مضبوط هٿيار بڻائي رکيو آهي. سو خواب خوف به ڏين ٿا، پر آساني به ڏين ٿا. جيئن ته شروعات خوف واري خواب کان ٿي هئي، تنهنڪري انهيءَ جي نتيجي جو ذڪر ڪيم.

انهيءَ ڪري اها ڪيفيت پڻ شخصيت ۾ شامل ٿي ته جيڪو به ڪم مان دنيا ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ شدت ۽ سوڀ جو يقين به اهڙو ئي رهيو آهي. انهيءَ جا مثال ڪيئي ڏيئي سگهجن ٿا، انسان جي زندگي 6 يا 7 ڏهاڪا رهي ٿي. سو هر ڏهاڪي ۾ مان هڪ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، پوءِ ڪجهه ماڻيون ۽ ڪجهه انهن مان رهجي ويون. ان ڪري جو اُهي الله تعاليٰ منهنجي لاءِ مناسب نه سمجهيون هونديون.

انهن ڏينهن ۾ ته مون انهيءَ دانهن ڪري ننڊ مان اٿڻ واري عمل کي ايترو اهم نه سمجهيو ۽ گهر وارن مون کي ڪنهن ڊاڪٽر کي به نه ڏيکاريو. ها البته گڏوگڏ مون کي رات جو هنڌ تي پيشاب به وهي ويندو هو جيڪو ٻارن لاءِ ته ڪو خاص ڇرڪائيندڙ عمل ناهي، پر مئٽرڪ تائين آئون بستري تي پيشاب ڪندو هئس ۽ روز صبح جو لاليءَ جا دڙڪا کائيندو هئس. منهنجو نانو سليم هالائي جيڪو هڪ اديب ۽ هوميوپيٿڪ جو حڪيم پڻ هو، ان مون کي ڪجهه دوائون ڏنيون جن سان ڪجهه ڏينهن لاءِ فرق پيو.

منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي اهڙا واقعا ٿيا آهن جيڪي ڪجهه ائبنارمل ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا، حالانڪه انهن واقعن کي وزن ڏيڻ لاءِ مون ڪيئي دليل جوڙي ماڻهن کي ٻڌايا ۽ في الحال پنهنجو پلڙو ڀاري ڪيم، پر جڏهن مون هاڻ هتي برطانيا ۾ نفسيات جي مريضن جا موضوع پڙهيا ۽ انهن جي عادتن ۽ سوچن کي پنهنجي واقعن سان ڀيٽيم ته محسوس ٿيو ته اهو منهنجي طبيعت ۾ هڪڙو پهلو آهي جيڪو باطن جي تلاش ۾ سرگردان رهي ٿو ۽ باطن جي غيب تي غالب ٿيڻ چاهي ٿو، پر انهيءَ کي حاصل ڪندي ڪندي دنيا جي روايتن ۾ جيڪي روداريون آهن، انهن کي اورانگهي وڃي ٿو ۽ پوءِ انهيءَ جي ڪري جيڪي گفتا يا جيڪي عمل مون کان ٿي وڃن ٿا، انهن کي آئون آزاديءَ جو نالو ڏيان ٿو. زنجير وڃي ٻاراڻي زندگيءَ جي خوابن سان ملي ٿي جن کي ڏسي آئون دانهون ڪري اٿندو هئس. ذهن تي زور ڏيان ٿو، پر هڪڙي به رات جو خواب ياد نٿو پوي، حالانڪه ويجهڙائي ۾ جيڪي خواب مون حج ڪرڻ جي دوران پنهنجي اندر ۾ پيهي ڇڏيا آهن، انهن جي يادگيري بلڪل لوهه تي ليڪ وانگر آهي.

توهان کي لڳندو هوندو ته آئون ڪجهه توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، پر اها ڳالهه زبان تي نٿي اچي، پر ان لاءِ مون کي همت گهرجي ٿي. آتم ڪٿا لکڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ کي صاف شفاف نموني سان پيش ڪري جو واقعن يا سوچن ۾ افسانوي رنگ نه اچي وڃي. منهنجو واعدو آهي پنهنجو پاڻ سان ۽ توهان سڀني سان ته مان پنهنجو پاڻ کي اهوئي پيش ڪندس جيڪو مان آهيان ۽ واقعن ۾ ڪجهه به رد و بدل نه ڪندس جو انهن لاءِ ڪيفيتن ۾ تضاد نڪري اچي. نه ئي پاڻ کي هيرو ڪري پيش ڪندس جو آتم ڪٿا لکڻ جو مقصد پنهنجو هانءُ هلڪو ڪرڻ آهي ۽ ٻيو ته تاريخ کي پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ ڪا تصوير پيش ڪرڻي آهي.

آزاديءَ جو تصور نه صرف مون پنهنجي شخصيت تائين محدود رکيو آهي، پر هر ڪنهن جيو لاءِ اهوئي محسوس ڪيو آهي ته هن کي منهنجي خيالات سان سهمت هجڻ ضروري ناهي ۽ هُو جيڪو به رستو اختيار ڪرڻ چاهي اهو هن جو ذاتي مسئلو آهي. خاص طور تي اولاد لاءِ اهو ڏکيو آهي جو جيڪڏهن آئون قرآن شريف جو پوئلڳ آهيان ۽ جيڪڏهن منهنجي پٽن مان ڪو اهو رستو اختيار ڪرڻ نٿو چاهي ته انهيءَ تضاد جي ڪري منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ڪابه اڻبڻت پيدا نه ٿيندي.