پي آءِ اي جو فلائٽ آپريشن ڪنٽرول سسٽم تبديل ڪرڻ جو فيصلو.

ڪراچي جھاز حادثي کان پوءِ پي آءِ اي فلائٽ آپريشن ڪنٽرول سسٽم تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. پي آءِ اي پراڻي فلائٽ آپريشن ڪنٽرول سسٽم کي جديد اسٽيٽ آف دي آرٽ سسٽم سان تبديل ڪرڻ وڃي رھيو آھي. جديد ۽ عالمي معيار مطابق فلائٽ آپريشن ڪنٽرول سسٽم ترڪي جي ھٽاچي ڪمپني کان حاصل ڪيو ويندو. ان سان پي آءِ اي جھازن کي حادثن کان بچڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي. ذريعن جو چوڻ آھي ته اسٽيٽ آف دي آرٽ فلائٽ سسٽم سان پي آءِ اي جي سروس ڊليوري عالمي معيار جي ٿي ويندي. نئون فلائٽ آپريشن سسٽم آءِ اي ٽي اي ۽ انٽرنيشنل سول ايويئيشن کان منظور شده ھوندو. جديد فلائٽ آپريشن ڪنٽرول سسٽم سان پي آءِ اي جي موجوده صورتحال تبديل ٿي ويندي

 

 

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments