پاڪستان جي عوام لاءِ جتي روزانو جي بنياد تي ڇرڪائيندڙ خبرون اينديون رهنديون آهن ان وقت اها خبر يقينن هڪ خوشخبريءَ وانگر آهي ته 2026ع ۾ پاڪستان جو پاسپورٽ رينڪنگ ۾ 97 نمبر تي اچي ويو آهي. هر سال “هينلي اينڊ پارٽنرز” دنيا جي پاسپورٽن جي درجابندي ڪندو آهي ۽ انهن جي انڊيڪس جاري ڪندو آهي. هن درجابنديءَ جي ذريعي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ڪهڙي ملڪ جو پاسپورٽ مستحڪم رهيو، ڪهڙي ملڪ جو پاسپورٽ پنهنجي گذريل سال جي درجابنديءَ کان هيٺ ڪريو ۽ ڪهڙي ملڪ جو پاسپورٽ درجابنديءَ ۾ بهتر ٿيو. 60-70 واري ڏهاڪي تائين پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي حيثيت تمام بهتر هئي. ان وقت پاڪستانين کي برطانيه سوڌو ڪيترن ئي يورپي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه پوندي هئي. ڇو ته ان وقت ۾ پاڪستاني پاسپورٽ دنيا جي معتبر پاسپورٽن ۾ شامل هو. بدقسمتيءَ سان 1980ع کان پاڪستاني پاسپورٽ لاٿ جو شڪار ٿيو. جڏهن افغان جنگ سبب اسان جي ملڪ ۾ علاقائي ۽ سياسي تبديليون رونما ٿيون، ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، ڪيترن ئي ملڪن پاڪستانين کي آمريڪا ۽ روس جي جنگ جي سزا ڏيڻ شروع ڪئي. هينلي پاسپورٽ انڊيڪس 2006ع ۾ باقائده پنهنجي رينڪنگ شروع ڪئي. ان وقت پاڪستان جي پاسپورٽ جي صورتحال ڪجهه بهتر هئي، ان وقت ۾ پاڪستان جو پاسپورٽ 79 نمبر تي هو ۽ لڳ ڀڳ 52 ملڪن ۾ ويزا فري اينٽري هئي. 2024-2025 ۾ پاڪستان دنيا جي چوٿين ڪمزور ترين پاسپورٽ ۾ شامل هو ۽ پاڪستان جي رينڪنگ 100-102 جي وچ ۾ هئي، جنهن جا سبب پاڪستان اندر غير قانوني ماڻهن جو گهڙي اچڻ، ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ پوءِ ڪوڙا پاسپورٽ ٺهرائي وري ٻاهرين ملڪن ڏانهن نڪري وڃڻ ۽ اتي غير قانوني ڌنڌن ۾ سرگرم ٿيڻ هو.
افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهو سڀ ڪجهه اسان جي ملڪ جي نامور نادرا جهڙن ادارن جي اندر شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي سلسلي سان شروع ٿي پاسپورٽن تي ختم ٿئي ٿو ۽ سزا پاڪستان جي عوام کي ذلت ۽ رسوائي جي نتيجي ۾ حاصل ٿي رهي آهي، جو پاڪستاني پنهنجو گرين پاسپورٽ هٿ ۾ پڪڙي جڏهن ڪنهن به ايئرپورٽ تي بيٺل هوندا آهن ته انهن کي مضبوط ۽ معتبر پاسپورٽن جي مقابلي ۾ پٺيان ڌڪيو ويندو آهي ۽ ايئرپورٽ تي بيٺل عملي جي نامناسب رويي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پر پوءِ پاڪستان جي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ پاڪستاني پاسپورٽ جي رينڪنگ ۾ ڪجهه بهتري آئي، جنهن ۾ افغانين جي ملڪ مان نيڪالي، غير قانوني رهائشين جي نيڪالي، اِي پاسپورٽ جو اجراءَ، جنهن ۾ ڊجيٽل چپ وارا اِي پاسپورٽ جيڪي سيڪيورٽي ۾ مضبوط آهن ۽ جعلي پاسپورٽ ٺهرائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. جڏهن حڪومت سخت قدم کنيا ته پاڪستان جي پاسپورٽ کي عزت ملڻ شروع ٿي ۽ ٻين ملڪن جي اندر پاڪستانين کي ويزا آن ارائيول ملڻ شروع ٿيو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان به ٻين ملڪن جي شهرين لاءِ پنهنجي پاليسيءَ کي نرم ڪيو، جنهن جو فائدو به پاڪستان کي ملڻ شروع ٿيو. هن وقت پاڪستان جي پاسپورٽ جي رينڪنگ ماضيءَ جي مقابلي ۾ اڃان تائين معياري يا آئيڊيل ناهي. 2014ع ۾ پاڪستان جو رينڪنگ نمبر 92 هو ۽ هينئر 97 آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان کي پوري ڏهاڪي ۾ پنهنجي رينڪنگ کي بهتر ڪرڻ جو اڃان وڌيڪ موقعو نه ملي سگهيو آهي، پر ان هوندي به گذريل ڪجهه سالن جي مقابلي ۾ پاڪستان جي پاسپورٽ جي رينڪنگ ڪجهه بهتر ٿي آهي. 2014ع اهو سال هو جڏهن پاڪستان ۾ وڏا سياسي ۽ معاشي قدم کنيا ويا ۽ پاڪستان کي هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ طور ڏٺو پئي ويو. سي پيڪ جو آغاز ٿيو هو، اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي بهترين مارڪيٽن ۾ شامل هئي، آپريشن ضربِ عضب سبب امن امان بهتر ٿيو هو. جنهن سبب يورپي يونين پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو ڏنو. جنهن سان پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ واڌارو ٿيو جرمني، فرانس ۽ اٽلي ڏانهن پاڪستاني مصنوعات وڃڻ لڳيون ۽ انهن ملڪن پاڪستان کي ٽيڪس فري مارڪيٽ فراهم ڪئي. هن وقت سينگاپور جو پاسپورٽ نمبر ون آهي.
اتان جا شهري دنيا جي 195 ملڪن ۾ بغير ويزا جي ويزا آن آرائيول جي سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ جاپان ٻئي نمبر تي آهي. ان جا سبب اهي آهن ته اهي ٻئي ملڪ تعليم يافته معاشرا آهن، قانون جي پاسداري ڪرڻ وارا ۽ اخلاقي قدرن ۾ سڀني کان وڌيڪ معتبر سمجهيا وڃن ٿا ۽ دنيا انهن لاءِ پنهنجا دروازا کليل رکيا آهن. ڇو ته انهن کي يقين آهي ته اهي ماڻهن سان دوکيبازي يا ڪابه غير قانوني نه ڪندا. اها انهن ملڪن جي معاشي ۽ اخلاقي فتح آهي. پاسپورٽ ڪنهن به ملڪ جو شناختي ڪارڊ هوندو آهي. جڏهن ان جي عزت ٿيندي آهي ته ان ملڪ جي معاشي ۽ اخلاقي فتح ثابت ٿيندي آهي. پاڪستان کي به پنهنجي ان شناختي ڪارڊ جي بهتري لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. عوام تي گهڻو خرچ ڪرڻو پوندو. عوام جي تعليم ۽ اخلاق تي گهڻي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان ڏوهن کان پاڪ معاشرو تعمير ڪري سگهون. اِي پاسپورٽ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي ذريعي پاسپورٽ کي محفوظ ڪرڻو پوندو، سفارتي لاڳاپن ذريعي ملڪن سان اهڙا معاهدا ڪرڻا پوندا ته جيئن هو اسان وٽ اچي سگهن ۽ اسان هنن وٽ وڃي سگهون ۽ پاڪستان کي غير قانوني تارڪينِ وطن مٿان پابندي لڳائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ڪنهن به سرحد کان ڪوبه غير قانوني ماڻهو پاڪستان جي حد اندر قدم نه رکي سگهي. ڇو ته اهڙا ماڻهو پاڪستان کي هڪ پليٽ فارم طور استعمال ڪري پنهنجا غير قانوني ڪم آسانيءَ سان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، پر ان جو نقصان پوري قوم کي ڀوڳڻو پوي ٿو.