نئون

هاڻي پاڻي ۾ مڇين سان گڏ روبوٽ به ترندا

آمريڪا جي سائنسدانن مڇي جي شڪل جهڙو روبوٽ به ايجاد ڪري ورتو آهي جنهن کي سوفي (SoFi) جو نالو ڏنو ويو آهي، هن مڇي جي صرف هڪ اک آهي. ميسا چوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڪمپيوٽر سائنس ۽ هٿرادو ذهانت ليبارٽري (CSAIL) جي سائنسدانن پاران هڪ اهڙي سافٽ روبوٽڪ مڇي تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا پاڻي اندر مڇين وانگر تري سگهندي ۽ سمنڊ اندر لڪل ڪائنات جي رازن جي ڄاڻ ڏيندي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اسان سافٽ مان سو ۽ فش مان ف کڻي هي نالو رکيو آهي. هن مڇي کي تجرباتي طور تي فجي جي جزيري وٽ سمنڊ ۾ 50 فوٽ جي اونهائي تائين پهچايو ويو جتي سوفي 40 منٽن تائين ترندي رهي جنهن کي آسپاس جي ٻين سامونڊي جاندارن به محسوس ڪري ورتو. هن مڇيءَ کي روبوٽ ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. جيئن ايندڙ لهرن کان هن کي بچائي سگهجي.