بلاگنئون

ڀٽائي ۽ ٻيائِي کي ٻَکُ

“وحده لا شريڪ له هي هيڪڙائي حق،

ٻيائي کي ٻک جن وڌو، سي ورِسيا”

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر جو مرڪز “وحدت” آهي. وحدتِ وجود، وحدتِ عشق ۽ وحدتِ حق. هي بيت توحيد جو نغمو، عشقِ الاهيءَ جو درس ۽ روح جي نجات جو راز آهي. ڀٽائي پنهنجي بيت ۾ فقط عقيدي جي ڳالھ نٿو ڪري، پر انسان جي اندروني روشني، باطني حقيقت ۽ روحاني استقامت جو سفر بيان ڪري ٿو.

هي بيت هڪ صوفيءَ جي دل جي صدا آهي، جيڪو چوي ٿو: “هو اڪيلو آهي ۽ اڪيلائي ئي حقيقت آهي.” هتي “هيڪڙائي” جو مطلب آهي، خدا جي وحدانيت فقط لفظي نه، پر وجودي حقيقت. سڄي هستي، سڀ مخلوق، سڀ صورتون، سڀ رنگ، هڪ ئي نور مان نڪتل آهن ۽ اهو نور الله جو جلوو آهي. صوفيءَ لاءِ “وحده لا شريڪ له” پڙهڻ سان گڏوگڏ ان کي محسوس ڪرڻ اصل عبادت آهي. جڏهن سالڪ پنهنجي دل مان سڀ غيرن جي تصويرون ميساري ٿو، تڏهن اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته سڄي ڪائنات فقط هڪ ئي “هو” آهي، جيڪو هر ذري ۾ موجود ھجي ٿو. شاھ جو “هيڪڙائي حق” ان ڳالھ جي شاهدي ڏئي ٿو ته وحدت ئي وجود جو بنياد آهي، جيڪو الله کي هڪ ٿو مڃي، اهو پاڻ به هڪ ٿي وڃي ٿو، نه تڪرار ۾، نه غرور ۾، نه شرڪ ۾.

“ٻيائي کي ٻک جن وڌو” روحاني بغاوت جو انجام

ڀٽائي هتي خبردار ڪري ٿو ته “جن ٻيائي کي ٻک وڌو”، يعني جن دلين ۾ “ٻن” جو تصور وڌو، جن پنهنجي اندر “غير” جو بت رکيو، تن پاڻ سان جنگ جو آغاز ڪيو. ٻيائي فقط ٻئي خدا کي مڃڻ نه آهي، پر اهو هر خيال آهي جيڪو انسان کي حق کان ڌار ڪري، جيڪو پنهنجي نفس، خواهش، دولت يا شهرت کي معبود بڻائي ٿو، اهو به شرڪ جي راھ تي آهي. صوفي جي نظر ۾ شرڪ جا بت صرف پٿر جا نه، پر دل جي خواھشن جا بت به آهن. انهيءَ لاءِ ڀٽائي چوي ٿو: “ٻيائي کي ٻک وڌو” يعني جن دلين ۾ ٻي محبت، ٻيو غرض يا ٻيو محور رکيو، سي پنهنجي اصل وحدت کان پري ٿي ويا.

“سي ورِسيا” فنا جو فيصلو:  هي لفظ “ورِسيا” ڀٽائيءَ جي زبان ۾ نهايت دردناڪ ۽ روحاني طور تي ڳوڙهو لفظ آهي. اهو رڳو دنياوي تباھيءَ جو اشارو نه، پر روحاني زوال جو بيان آهي. جيڪو وحدت کان پري ٿيو، اهو فڪر جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. جيڪو “هو” کي وساري، “مان” ۾ اچي ويو، اهو فنا ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته “مان” جو وجود فقط “هو” سان ڳنڍيل آهي.

صوفيءَ لاءِ بقا جو راز “فنا في الله” ۾ آهي. جيڪو پاڻ کي الله جي نور ۾ فنا ڪري ٿو، اهو ئي حقيقت ۾ زنده آهي. جن ٻيائِي ڪئي، سي پاڻ کان به جدا ٿي ويا، ۽ الله کان به. اهو ئي ڀٽائيءَ جو فڪر آهي.

“جيڪڏهن تون پاڻ ۾ ٻيو ڄاڻين ٿو، ته تون اصل ۾ پاڻ کي وڃائي ٿو ويھين”

روحاني سطح تي بيت جو پيغام:

  1. وحدت جو شعور: الله جي وحدت کي رڳو زبان سان نه، پر دل جي سڪ سان مڃ. جڏهن تون سڀني مظاهر ۾ هڪ ئي جلوو ڏسين ٿو، تڏهن ئي تون “حق” ڏانهن ويجهو ٿئين ٿو.

  2. نفس سان جنگ: “ٻيائي” جو مطلب آهي، نفس جي غلامي، جيڪو پنهنجن ارادن، حسد ۽ خود پرستيءَ کي ماري ٿو، اهو وحدت جي راھ تي آهي.

  3. فنا ۾ بقا: “ورِسيا” جو مطلب ظاهري موت نه، پر روحاني موت آهي، جيڪو خدا سان نه جڙيو، سو جيتوڻيڪ زنده آهي، پر اندر مري چڪو آهي.

ادبي خوبيون ۽ استعارا: هي بيت مختصر، پر معنوي ڪائنات آهي.

“هيڪڙائي” ۾ وحدت جو تصور، “ٻيائي” ۾ تفرقي جو فتنه ۽ “ورِسيا” ۾ نتيجي جو اعلان آهي.

ڀٽائيءَ جا لفظ ڄڻ آيتن جي ترجماني ڪن ٿا:

“هيڪڙائي حق” قُلْ هُوَ اللَّهُ أحَدٌ

“ٻيائي کي ٻک” وَمَن يُشْرِك بِاللَّهِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلَالًا بَعِيدًا

“سي ورِسيا” إنَّ الشِّرْك لَظُلْمٌ عَظِيمٌ

اهڙيءَ طرح هي بيت روحاني قانون کي شاعريءَ جي لباس ۾ پيش ڪري ٿو. جيئن بيت قرآن جي فڪري لهجي ۾ سرائيت ڪري ويو هجي.

صوفيانه نقطهءِ نظر. صوفي چوي ٿو: “وحدت نه رڳو عقيدو آهي، پر هڪ عشق آهي.” عشق ئي آهي، جيڪو دل ۾ سڀ ٻيائي ميساري ٿو ۽ هر غير کي غير سمجهي، فقط هڪ کي پنهنجو ڪري ٿو. ڀٽائيءَ جو “هيڪڙائي حق” دراصل عشق جي وحدت آهي، جتي عاشق ۽ معشوق ۾ فرق ختم ٿي وڃي ٿو. “ٻيائي کي ٻک جن وڌو” يعني جن پنهنجي دل ۾ ٻه معشوق رکي، سي عشق جي تقدس کان محروم ٿيا. اهو ئي “ورِسيا” جو مطلب آهي.

دل ۾ ٻيائي، ٻه محبتون، ٻه رخ ۽ پوءِ فنا جو نتيجو. هن بيت جو پيغام سڄي انساني زندگي لاءِ روشنيءَ جو مينار آهي، جيڪو الله کي هڪ ڪري مڃي ٿو، اهو سڀني ۾ هڪ الله جو جلوو ڏسي ٿو. اهو نفرت نه، پر محبت، تفرقي نه، پر اتحاد، اونداهي نه، پر نور جو مسافر بڻجي ٿو؟ شاھ ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌائي ٿو ته زندگيءَ جي نجات، امن ۽ سڪون فقط “هيڪڙائي” ۾ آهي، ٻيائيءَ ۾ نه. جيڪو “وحده لا شريڪ له” کي دل سان تسليم ڪري، اهو پنهنجي اندر ۾ جنت جو احساس محسوس ڪري ٿو. آخر ۾ ڀٽائيءَ جي هي بيت اسان کي ياد ڏياري ٿو ته توحيد رڳو منبر جو سبق نه، پر دل جو تجربو آهي، جيڪو دل ۾ خدا کي هڪ ڪري، دنيا جي هر صورت ۾ سندس جلوو ڏسي، اهو ڪڏهن به “ورِسيو” نه ٿيو، بلڪه “هوءَ روشني بڻجي وڃي ٿو، جيڪا فنا نٿي ٿئي.”