خاصنئون

ڪشمور لڳ مسافر وين ۾ ڌماڪو 5 ڄڻا فوت

ڪشمور ٽال پلازه وٽ مسافر وين جي سيلينڊر ڦاٽڻ سبب 2 ٻار ۽ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور ايندڙ مسافر وين جو سيلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن سان وڏو نقصان ٿيو. ڌماڪي سبب 5 فوت 8 زخمي ٿي پيا ۽ وين به سڙي وئي. ڌماڪي بعد امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو.