خاص

چين ۾ لامحدود وقت تائين هوا ۾ رهندڙ ليزر ڊرون جو تجربو ڪامياب

چيني انجنيئرن ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ هڪ حيرت انگيز خاصيت پيدا ڪئي آهي ته هو زمين کان اڇلايل ليزر سان توانائي ٺاهي ڪيترائي هفتا بلڪه ڪيترائي مهينا زمين تي لهڻ کانسواءِ هوا ۾ سفر ڪري سگهن ٿا. چيان يانگ ۾ واقع نارٿ ويسٽرن پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج سان وابسته ماهرن ريموٽ چارجنگ تي ٻڌل ڊرونز ٺاهيا آهن، جيڪي ليزر سان چارج ٿيندا رهندا ۽ انهن ۾ بيٽري مٽائڻ يا چارج ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.