سنڌ جو الستي آواز- علڻ فقير

فقير محمد سنڌي

فقير منش انسان سنڌ جو الستي آواز علڻ فقير جنھن سدائين پنھنجي ثقافتي انداز ۾ راڳ کي اهميت ڏني جو سندس سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو مثالي راڳ ورلي ملي سگهندو.

علڻ فقير 1932ع  ۾ جمع جي ڏينھن شعبان جي 5 تاريخ تي مڱڻھارن جي گهر ۾ آمري ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد ڌمالي فقير مٿس پنھنجي پيءُ جو نالو ٽونئر رکيس، پر علڻ فقير جيئن پنھنجي زندگي ۾ سير سفر ڪيو تيئن ئي ان جي نالي به تمام گهڻا سفر ڪيا. پنھنجي ڏاڏي نالو رکيس عليءَ ڏنو جنھن مان ڦري ٿيو علي بخش پر ڏاڏيءَ کي اڃا مزو ڪونه آيس سو لاڏ مان علڻ چوڻ شروع ڪيائينس. 5 سالن جي عمر ۾ علڻ فقير مس پھتو ته امڙ هيءَ فاني جھان ڇڏي ويس وري جنھن جي ڇپر ڇانوَ ۾ آيو سندس ڏاڏي هئي، ان به ٿوري عرصي ۾ راهه رباني ورتي. علڻ فقير جي پيءُ ٻي شادي ڪئي ته علڻ فقير جو ٻالڪپڻ لڪيءَ ۾ گذريو، جتي سندس ناناڻا رهندا هئا. علڻ فقير ايترن حادثن کانپوءِ تعليم پرائي نه سگهيو، پنھنجي ابي ڏاڏي جي ڪرت سان لڳي ويو. جيئن ئي جوان ٿيو ته شادين مرادين ۾ دهل وڄائڻ شروع ڪيائين، اها ئي علڻ فقير جي فني شروعات هئي.

علڻ فقير کي پنھنجي ننڍپڻ جي هستين تي تمام گهڻو ناز هو، جنھن ۾ سنڌ جو مشھور چترڪار ۽ آرٽسٽ ظفر ڪاظمي جيڪو علڻ فقير جو دين جو ڀاءُ به هو، ظفر ڪاظمي علڻ فقير ٿڃ شريڪ ڀائر هئا. ٻيو علڻ فقير جي ننڍپڻ جو دوست مشھور شاعر منصور ويراڳي جنھن سان آمريءَ ۽ لڪيءَ ۾ گڏ گهمندي ڦرندي سندس ننڍپڻ گذريو. علڻ فقير کي پنھنجي راڄ ڀاڳ ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۾ مزو ڪونه آيو جنھن ڪري هڪ نئون رستو اختيار ڪيائين. جنھن ۾ هن مسخري باز جو روپ اختيار ڪيو ۽ پاڻ تي نالو رکيائين “علڻ آزاد” هڪڙي پراڻي هندستاني فلم جي ڪنھن گاني مان هڪڙو ڊگهو شعر جوڙي ان تي نالو رکيائين “علڻ آزاد ڪا چڪر” جيڪو ڪجهه هن ريت هو.

سڄي دنيا پئسي جي ڦيري ۽ ڦندي ۾ ڦاٿل آهي،

ڪو مانيءَ پويان،

ڪو ونيءَ پويان،

ڪو پئسي پويان،

ته ڪو وري پرينءَ پويان.

ڪو ڏک ۾ روئڻھارڪو

ڪو ڍاول ته ڪو بکيو.

پوءِ سڄو شعر مڪمل ڪري ڏاڍا ٺينگ ٽپا ڏئي سانگ وجهي ماڻهو کلائي پوءِ آخر ۾ چوندو هو “بس هڪڙو آزاد آهي جيڪو دنيا جي مڙني جهنجهٽن کان آزاد آهي.” هائو ادا ڏيو ڪو علڻ آزاد کي، خدا جي ڏني مان ڪو ٽڪو آنو، فقير جو هٿ نه موٽايو، ڏيندا ته دعائون ڪندس نه ڏيندو ته اوهان کي دل ۾ پٽيندس، فقير جي پِٽَ نه کڻو هڙ خلاصي ڪريو. پوءِ ريل جي ٿڪائيندڙ سفر ۾ علڻ جي مسخريءَ مسافرن کي موهي وڌو. ايئن ئي علڻ فقير ڪافي عرصو ان مشغلي سان هليو. علڻ فقير زماني جا ٻيا ڪم ڪار ڇڏي جڏهن راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو ته علڻ فقير ٿي ويو، ڪنھن ڏاهي سچ چيو آهي ته انسان سراسر پنھنجي ماحول جي پيداوار آهي، ماضيءَ مستقبل اهڙيءَ طرح مليل آهن، جيئن پاڻيءَ جي قطري پويان قطرو.

راڳ جي دنيا ۾ علڻ فقير کي راڳ جي ديوي جو پاسو مليس. ان ڀاڳ واري ديويءَ جا سڀ جلترنگ هئا ممتاز مرزا وٽ، علڻ فقير جي پھرين ملاقات ممتاز مرزا سان بيسنت هال ۾ ڪُل سنڌ مزاحيه ڪانفرنس جيڪا 14-آڪٽوبر 1961ع تي علڻ فقير ماهر مسخري باز طور شرڪت ڪئي. زندگيءَ جو سفر روان هو ته ملير allan fakirجي ملڪ ڀالوا ۾ جتي مارويءَ جو ميلو لڳندو آهي، اُتي علڻ فقير ۽ حاجي مير محمد  ميلي جو حصو هوندا هئا. ميلو جيئن ختم ٿيو، ممتاز مرزا، مير محمد بخش کي چيو ته تو وٽ هڪ راڳي آهي، مان ان کي ڳارائيندس. ايئن ئي ممتاز مرزا ريڊيو جي دنيا ۾ علڻ فقيرکي متعارف ڪرايو. زندگيءَ ۾ هر بند دروازي پٺيان هڪ مھربند راز آ، جنھن تي ست ست مھرون لڳل آهن، پر ان راز کي ڪي مرد مانجهي ئي حاصل ڪري سگهندا آهن جن هميشه پاڻ کي فتح ڪيو آهي، علڻ فقير فن جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو ۽ سرائيڪي ۾ ڪلام پيش ڪيا. ريڊيو جي دنيا ۾ پھريون “آئون مارن لئه ماندي، مارون مون لئه ماندا”، طور پيش ڪيو. ٽيليويزن تي عبدالڪريم بلوچ جي ڪوشش سان هن جي فن کي داد مليو. علڻ جي من ۾ سدائين شاهه لطيف جي وائي “ٻولي منھنجي ٻانڀڙياڻي، الا وو، وو ٻولي منھنجي ٻانڀڙياڻي الا” آلاپيندو رهندو هو.

فن جو قدربه ڪنھن ڪنھن مھان انسان ۾ ٿئي ٿو، جيئن سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز، علڻ فقير کي سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڏني. فن ڪٿي به بک ناهي مرندو پوءِ چاهي ان وٽ تعليم جي ڊگري هجي چاهي نه هجي. دنيا ۾ علڻ فقير جي پنھنجي سڃاڻپ هئي، ان لاءِ ڪافي ملڪن ۾ پنھنجي فن کي متعارف ڪرايائين جو ايترو ڪم هڪ تعليم يافته به نٿو ڪري سگهي.

محنت جو ڦل انسان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ ضرور ملندو آهي، علڻ فقير راڳ جي ابتدا ڏنڊي ۾ گهنگهرَ ٻڌي ڪئي. راڳ هن کي تمام وڏي منزل تي اچي رسايو، جنھن ۾ هن کي ملڪ جو وڏو ايوارڊ “پرائيڊ آف پرفارمنس” کانسواءِ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين.

علڻ فقير اڪثر ڪارو لباس پائيندو هو، پر مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏي طُري سان ٻڌندوهو. 4 جولاءِ 2000ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ فالج جي حملي کانپوءِ وري صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ راهه رباني ورتائين. سندس وصيت مطابق کيس ڄامشوري ۾ سندس گهر جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.

 

One thought on “سنڌ جو الستي آواز- علڻ فقير

  • September 30, 2017 at 11:55 am
    Permalink

    همسري رسالو سنڌيء جو سفير آهي
    علڻ فقير جي زندگيء جو وچور تخليقي انداز ۾
    سرجل آهي

    Reply

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *