عريشا بنگلاڻي سان ڳالهه ٻولهه
زاهده ابڙو
توهان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ همسري جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته اوهان پاڪستاني معاشري ۾ عورت جي حالت کي ڪيئن ٿيون ڏسو ۽ ان جي لاءِ توهان ڇا ٿيون ڪرڻ چاهيو، ان کان علاوه توهان پاڪستاني تعليمي نظام ۽ نيڌرلينڊز جي تعليمي نظام کي ڪيئن ڀيٽيندوَ.
منهنجو نالو عريشا بنگلاڻي آهي، مان حيدرآباد ۾ پيدا ٿيس. شروعاتي تعليم فائونڊيشن پبلڪ اسڪول ۾ حاصل ڪئي، اي ۽ او ليول آرمي پبلڪ اسڪول مان ڪيم، لمس لاهور مان اينٿرو پولوجي ۾ بيچلر ڪئي، هاڻي آئون Utrecht يونيورسٽي ۾ Gender & Women’s Studies جو ڪورس ڪري رهي آهيان. اينٿرو پولوجي ۾ ماسٽرز جي دوران مون فيمنزم جي باري ۾ ڪافي شيون پڙهيون ۽ پوءِ منهنجي دلچسپي ان ۾ وڌيڪ پيدا ٿي ان لاءِ مان هي ڪورس ڪري رهي آهيان. مان عملي طور عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. مان پاڻ به سنڌي معاشري سان تعلق رکان ٿي، پر ان هوندي به اڳتي وڌي اسڪالرشپ وٺي هيستائين پهتي آهيان. جنهن ۾ منهنجن مائٽن جي دلچسپي ۽ انهن جو ساٿ به شامل آهي.
منهنجو ارادو آهي ته عملي طور ڪم ڪيان ۽ ماڻهن جي ذهنن کي تبديل ڪريان ۽ ان تبديلي جي لاءِ مون وٽ ٻه رستا هوندا يا ته مان ڪنهن اين جي او ۾ ڪم ڪريان يا وري ڪنهن يونيورسٽي ۾ استاد بڻجي نوجوانن کي پڙهايان. اسان وٽ روايتي طور تي سماج ۾ ٻٽو سسٽم رائج آهي عورت ۽ مرد جي لاءِ الڳ الڳ قانون آهن. ننڍن ڳوٺن ۾ عورتن کي بنيادي صحت جون سهولتون ميسر نه آهن، جنهنڪري هر سال ڪيتريون ئي عورتون ويم جي دوران مري وڃن ٿيون. ڪيتريون ئي ڇوڪريون ڊگريون وٺڻ کانپوءِ به نوڪريون نٿيون ڪري سگهن انهن کي شادي ڪرڻ جي لاءِ مائٽن جي مرضي اڳيان جهڪڻو پوي ٿو ۽ شاديءَ کانپوءِ جيڪڏهن هنن جي پنهنجي مرد سان ذهني هم آهنگي نه آهي ته ان جي باوجود به ڇوڪرين کي انهيءَ ماحول ۾ گذارو ڪرڻو پوي ٿو. ان کان علاوه عورتن تي مختلف طريقن سان جسماني ۽ ذهني تشدد به اسان جي معاشري ۾ هڪ عام روش آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ته ٿيل آهي پر ان تي ڪو خاص عمل نظر نٿو اچي. اسان کي ان ماحول کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن جي لاءِ اڃان تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻي آهي. اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين ماڻهن جي ذهنيت اها ئي آهي ته جيڪڏهن ڇوڪريءَ جو ريپ ٿئي ٿو ته هن کي خاموش رهڻو آهي نه صرف ايترو پر ان کي ميڊيڪل ايگزامنيشن وارا به ذليل ڪندا آهن ان سڄي عمل کي بدلائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي آهي.
آئون پنهنجي تعليمي نظام جي باري ۾ ڪجهه چوڻ چاهينديس، اسان کي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار هجڻ کپي، پنهنجو لٽريچر پڙهڻ گهرجي، انگريزي ۽ اردو ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي ضرور سکڻ گهرجي. هتي اچڻ کانپوءِ مون کي اهو احساس ٿيندو آهي ته پاڪستان جي لمس يونيورسٽي جو تعليمي معيار هتان جي يونيورسٽين کان ڪافي بهتر آهي. لمس ۾ اسان کي استادن ايتري محنت ڪرائي جنهن جي ڪري مون کي هتي ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي محسوس نٿي ٿئي ۽ آئون بين الاقوامي معيار مطابق هڪ سٺي شاگرد واري اسٽيٽس ۾ آهيان پر اسان جا سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج خاص ڪري سنڌ ۾ اها معياري تعليم فراهم نه ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري شاگرد بين الاقوامي سطح تي اچي دنيا جي ٻين شاگردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهن. اسان جا شاگرد جڏهن هتي اچن ٿا ته هنن کي ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن جو سبب صرف اسان جي تعليمي نظام جون ڪوتاهيون آهن.
تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ منهنجو ارادو واپس پنهنجي ملڪ اچڻ جو آهي پر جيڪڏهن مون کي هتي ڪا نوڪري ملي ٿي وڃي ته هڪ ٻن سالن جي تجربي حاصل ڪرڻ کانپوءِ آئون واپس وطن وري پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهينديس.