سڃاڻپ جي وڏي نشاني نڪ ئي هوندو آهي
شوڪت لوهار
هونئن ته هر انساني توڙي حيواني عضوو ڪارگر ۽ ڪارائتو آهي ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر خدمت ڪري ٿو ۽ جڏهن ان ۾ ڪا خرابي ٿئي ٿي ته مالڪ جي مالي حالتن موجب مڙئي هلڪي سلڪي مستري يا طبيب کان ٺيڪ ٿيو وڃي ۽ وري پنهنجي خدمت ۾ جنبجي ٿو وڃي پر سڀ کان اهم عضوو “نڪ” آهي. چهري جي خوبصورتي جو ڪارڻ منهن مهانڊي ۾ سڃاڻپ جي وڏي نشاني نڪ ئي هوندو آهي. جنهن جاندار جو نڪ جاندار هوندو آهي انکي پنهنجي ڪڙم قبيلي ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
هونئن ته نڪ هر جاندار لاءِ هڪ اهم عضوي جي حيثيت رکي ٿو ائين سمجهجي ته جيڪڏهن نڪ نه هجي ته باقي بچيو ڇا؟ پر سائنسدانن جي ڏينهن رات کوجنائن ۽ تحقيق ۾ جتي انهن جون ڏاڙهي مُڇون هڪ ٿيو وڃن ۽ انهن جو نڪ انهن ۾ ڪٿي گم ٿيو وڃي انهن مطابق دنيا ۾ خشڪي توڙي پاڻي ۾ اهڙا جاندار پڻ موجود آهن جن کي نڪ نه آهي يا اهڙا ساهوارا پڻ آهن جن جو نڪ ظاهر ۾ نظر نٿو اچي پر تنهن هوندي به هو بغير نڪ جي پنهنجي زندگي بسر ڪن ٿا ۽ پنهنجي برادري ۽ پنهنجي سماج ۾ ٻانهن لوڏي هلن ٿا. انهيءَ کان مٿي نڪ جي پڪائي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
مان جڏهن ترڪي جا ڊراما ڏسي ترڪي ٽوپي پائي رات جي اونڌاهي ۾ سرخاب جي پرن وارو کنڀ جو ٺهيل قلم هٿ ۾ جهلي ۽ ڪاٺ جي جتي پائي پنهنجي مطالعي واري هجري ۾ داخل ٿيان ٿو، تڏهن اونڌاهي کي مات ڏيڻ لاءِ مان هيٺ جهُڪي پنهنجي هجري کي روشن ڪرڻ لاءِ پاڙي واري دڪاندار جناب ملاوت رام کان آندل ان جي جسم جهڙي ٿلهي ميڻ بتي شمع دان ۾ وجهان ٿو ۽ پوءِ هاڪي جي راند جي بربادي تي سوچي هاڪي ماچس مان هڪ تيلي دکايان ٿو ۽ هيٺ جهڪي شمع دان جي ويجهو ٿيان ٿو تڏهن منهنجو نڪ به هيٺ ٿي وڃي ٿو. پوءِ تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وڃان ٿو، جتي گهوڙن جا هڻڪاٽ ۽ تلوارن جا کڙڪا ٻڌجن ٿا ۽ ان سان ڪيئي مسڪين بي ڏوهي ماڻهن جا سر زمين تي ڪرندي نظر اچن ٿا. ڪن جا هٿ وڍيل هجن ٿا، ڪن جا نڪ وڍيل هجن ٿا. جيئن ته اسان وٽ تاريخ جي مضمون سان اِها ئي جُٺ ڪئي ويئي آهي جهڙي جٺ هن ريپبلڪ جي راجائن بجلي نالي هڪ مائي توانائي سان ڪئي ويئي آهي تنهنڪري مان نڪ سڻڪي سڻڪي جيڪو ڪجهه نڪ جي تاريخ بابت ڳولهيان پيو اهو مون کي بهرحال ملي ڪو نه ٿو. هونئن به اسان جي تاريخ ۾ گهڻين ڳالهين تي متضاد رايا هوندا آهن يا وري ڪٿي تاريخ خود گونگي هوندي آهي. جيڪڏهن تاريخ پيدائشي گونگي نه هوندي آهي تڏهن ان کي هٿ ٺوڪيون دوائون ڏيئي ان کي خاموش ڪيو ويندو آهي يا اهڙيون حالتون پيدا ڪري ان کي مفلوج ڪيو ويندو آهي جيئن مان هينئر ميڻ بتي جي جهيڻي روشني ۾ ويهي ڪاڙهي جو مزو وٺندي به پاموڪ جي سِنو (برف) کي ڀريل نگاهن سان ڏسان ٿو. ان کي کوليان ٿو پر ان ۾ به نڪ جي تاريخ بابت ڪجهه به نٿو ملي. وري مايوسي جي پاتال ۾ هليو وڃان ٿو جتي مون کي ڊانتي جيDivine comedy جو خيال اچي ٿو. ڊانتي پنهنجي وقت جو تمام وڏو مطلب قد توهان ۽ اسان جيترو هئس پر تخيل ۾ وڏو ليکڪ جنهن کي جيئري ئي جنت ۽ دوزخ جو منظر اهڙو چٽو اچي بيٺو جو هڻ وٺ ڪري “آسماني چهچٽو” لکيائين، جنهن ۾ دوزخInferno جو منظر چٽيو اٿائين. جنهن تي هن وقت جي هٿوهٿ کپجندڙ ڪتاب ڊوانچي ڪوڊ جي قلم ڌڻي ڊان برائون جو ٻيو شاهڪار دوزخInferno جي اوساري ڪئي آهي پر انهن ڪتابن ۾ به مون کي ڪٿي نڪ جي تاريخ نٿي ملي. شايد نڪ جي تاريخ تي تاريخ خاموش آهي…!
چون ائين ٿا ته جيڪڏهن مصري راڻي قلوپطرا جو نڪ ٿورو ڊگهو هجي ها ته هن دنيا جو نقشو ٻيو هجي ها! مائي سهڻي ضرور هئي مگر سهڻي هجڻ سان گڏ پُرتجسس پڻ هئي جيئن اسان وٽ ميڊيائي قلوپطرا وينا ملڪ جيڪا هاڻ توبهه تائب ٿي نوان خيال کڻي هن پاڪ سرزمين ڏانهن واپس ٿي آهي ان ۾ گهڻن جون مهربانيون آهن جن مائي کي رستي تي آندو آهي. نڪ ماڻهو کي گهڻو ڪم اچي ٿو. گهڻي ڪم مان مراد ماڻهو جي نڪ بابت اسپيشل پيڪيجز آهن. ماڻهو جي منهن تي نڪ جو هجڻ ان جي ساهه کڻڻ جي سرشتي لاءِ تمام اهم آهي. ڇاڪاڻ ته نڪ ويچارو چوويهه ڪلاڪ آڪسيجن جا سلينڊر پنهنجي ڪمزور ناسن مان لنگهائي ڦڦڙن تائين پهچائي ٿو ۽ پوءِ وري اتان ڪاربان ڊآءِ آڪسائيڊ جيڪا گئس ٻوٽن لاءِ ضروري آهي ٻاهر آڻي ٿو ۽ هو اها مزدوري مزدورن جي عالمي ڏينهن تي به بنهه مفت جاري رکي ٿو. اسين خوش نصيب آهيون جو في الحال اسين نڪ جي موجودگي ڪري مفت آڪسيجن کڻي رهيا آهيون نه ته چوويهه ڪلاڪ آڪسيجن استعمال ڪرڻ جا سِڪا رائج الوقت مطابق اکرين ساڍا ٽي هزار رپيا آهن جيڪي مان ڪنهن ڪنڪريٽ تجربي جي بنياد تي ٻڌايان پيو. شاباش هجي نڪ کي. نڪ جون کوڙ خدمتون ۽ گڻ آهن ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻايان؟ توڙي جو نڪ کي شاعرن کان شڪايت آهي ته اهي محبوب جي رڳو اکين جي تعريف ڪندا آهن، ڪي وڏا شاعر ۽ ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن نڪ جو حوالو ڏيندا آهن پر اڪثر ڪري گهڻن پڙهيلن ۽ اکين کان وڏن مصنفن کي نڪ نظر ئي نه ايندو آهي. هو هميشه محبوب جي زلفن جا اسير چيلهه جو چيتي جهڙو هجڻ ۽ چپ سنگتڙن جي جوڙ ۽ ڏند موتي ۽ ڏاڙهون سان ڀيٽ ڏيندا آهن پر نڪ ويچاري کي لفٽ ڪونه ڪرائنيدا آهن جيڪا بي واجبي آهي. جيتوڻيڪ محبوب جي انهن سڀني عضون جي خوبصورتي ۾ نڪ جي وڏي جاکوڙ شامل هوندي آهي پر ڇاڪاڻ جو اسان وٽ جيئن ته محنت جو قدر نه آهي محنت جي عظمت صرف اسين پنهنجي مدي خارج نصاب ۾ ئي پڙهندا آهيون. نڪ هونئن ته ڀلي ننڍو هجي يا وڏو ڪارآمد ٿئي ٿو پر وڏو نڪ ۽ ڊگهو نڪ سونهن ۽ سوڀيان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن به ماڻهو جو نڪ ڊگهو هوندو آهي ان جي حسناڪين جا چرچا ماڻهن کي چريو ڪري ڇڏيندا آهن. مون کي پاڻ کي خود اڳوڻي ٽينس اسٽار اسٽيفي گراف ۽ هاڻوڪي ماريا شراپوا جو ڊگھو نڪ ڏاڍو وڻندو آهي پر ڇا ڪريان نه ئي سندس تعريف لاءِ ڪا ميل موڪلي ٿو سگهان ۽ نه هڙ ۾ ايترو پئسو ڏوڪڙ اٿم جو روس تائين وڃي مائي سان چار ڳالهيون ڪري سندس ڊگهي نڪ تي کيس خراج تحسين ڏيئي اچان… هونئن ڍور ڍڳا وڪڻي وڃان به سهي پر مُئي ماسڪو جي ٿڌ ۽ سائبريا جي رت ڄمائيندڙ برف باري کان به ڊڄان ٿو جو روس جي گهڻن ئي اديبن اتان جي ٿڌ جو ذڪر ڏاڍي خوفناڪ انداز ۾ ڪيو آهي. توڙي جو اسين نيپولين بوناپارٽ جا قول وڏي خوشيءَ سان ڏيندا آهيون پر اهو بوناپارٽ به ٿڌ جو ڀاڙي نڪتو ۽ ان پنهنجي سپاهه کي ٿڌ ۾ بکيو ۽ اڃيو ڇڏي پاڻ نڪ هيٺ ڪري ڀڄي وڃي پيرس پهتو…. ٻي اها ڳالهه ڊيڄاري ٿي ته متان منهنجو نڪ بند ٿي وڃي يا نڪ وهڻ لڳي ته پوءِ ڪير پڇندو تنهنڪري مائي شراپوا جو گهر ويٺي نڪ هيٺ ڪري سندس نڪ ڏسي وٺون ٿا.
نڪ هونئن ته هڪ ڪارائتو عضوو آهي پر سردين ۾ جڏهن زڪام لڳندو آهي ته پوءِ دل چوندي آهي ته نڪ وڍي ڇڏجي… پر اسين عملي طور ائين ڪندا نه آهيون. هونئن اسان وٽ کوڙ اهڙا ماڻهو موجود آهن جن کي نڪ هوندي به نڪ ڪونه هوندو آهي جو هو نڪ جي پڪائي سان پوءِ به ٻين جي کيسن ۾ پيا نڪ وجهندا آهن جيڪا نڪ لاءِ هڪ سٺي سرگرمي ڪو نه آهي. اسان وٽ هونئن ته ماڻهو جي حسين و جميل هجڻ لاءِ ٻيون ضرورتون/گهر جون پڻ هجن ٿيون پر نڪ جو هجڻ هڪ اهم عنصر آهي ۽ اهو به ڪنڊي تلوار جهڙو نڪ… جو ماڻهو نڪ کڻي ته گهڻن جا نڪ هيٺ ٿي وڃن. محفل وغيره ۾ ويهي جتي پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ سٺي ڳالهه ڪانهي اتي نڪ ۾ آڱر وجهڻ به ڪو سٺو عمل نه آهي… مجبوري ٻي ڳالهه آهي اها ڳالهه ڪيميائي سعادت ۾ لکيل آهي، جيڪو امام غزالي لکيو آهي، مون مسڪين ۾ ايتري جرئت ڪٿي؟
نڪ بابت ڪيئي محاورا مشهور آهن ۽ جيڪڏهن اوهان کي نڪ متعلق ڏهه ٻارهن محاورا يا چوڻيون ياد نه ٿيون ته اوهين ڪچا سنڌي آهيو ۽ اوهان کي پڪو سنڌي ٿيڻ لاءِ نڪ بابت کوڙ محاورا ۽ قول ياد ڪرڻا پوندا…!
ننڍي وڏي نڪ جي ڳالهه تي سمجهه ۾ اچي ٿي پر “لوسڻ جو نڪ” هجڻ هڪ محاوري طور استعمال ٿئي ٿو. لوسڻ اسان وٽ عام ٿيندڙ گاهه آهي جيڪو مال کي کارائجي ٿو ۽ جنهن جو ٻج تمام گهڻو مهانگو ٿئي ٿو. اهو انهيءَ ڪري جو لوسڻ کي جيترو وڍبو اوترو جلدي اُسرندي اهڙي نموني لوسڻ جو نڪ هجڻ به ان سان تشبيهه طور ڪم ايندو آهي ته هڪ ماڻهو کي جنهن ڪم کان روڪبو ۽ اهو ويتر وڃي اهو ڪندو ته پوءِ اسين ان کي چوندا آهيون ته مئا ڪو “لوسڻ جو نڪ اٿئي”! حقيقت ۾ ان کي لوسڻ جو نڪ نه هوندو آهي ان کي اسان سڀني جيان ئي نڪ هوندو آهي پر ڇاڪاڻ ته ان جي حرڪت ان جي بي حيائي ۽ نڪ جي پڪائي جو ثبوت هوندي آهي ان ڪري اسين چوندا آهيون ته فلاڻي جو نڪ لوسڻ جو آهي. ٻيو ته اسين عام طور ٻڌو آهي ته “ڪهڙي نڪ سان ڪنهن سان ملجي” اصل ۾ نڪن جا ڪي برانڊ موجود نه آهن جو ماڻهو نڪ بدلائي وڃي ڪنهن سان ملندو. ٿئي ائين ٿو ته ماڻهو ڪا خطا ڪري ٿو ۽ پوءِ لڄي ٿئي ٿو ان کي پنهنجو ضمير چڪ پائي ٿو ۽ هو روئي ٿو تنهنڪري هو ائين چوي ٿو مان هاڻي ڪهڙي طرح حيثيت سان وڃي ان ماڻهو سان ڳالهايان يا معافي وٺان يا ڪهڙو نڪ کڻي وڃان!
نڪ جو مسئلو عورتن لاءِ تمام حساس موضوع آهي. ڳوٺن ۾ مايون نڪ ۾ بولو، ڦلي نڪ زيور طور وجهن ٿيون هاڻ خبر ناهي وجهن ٿيون يا نه. سڄاڻ عورتن جو خيال آهي ته عورتن جي نڪ ۾ نٿ، بولو، ڪوڪو، ڦلي وجهڻ ان کي غلام بنائڻ جي هڪ علامت آهي. خبر ناهي اهو صحيح آهي يا غلط آهي پر مون سمن دي بوائر جي ڪنهن به ڪتاب ۾ اهڙو حوالو ڪو نه پڙهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن ملڪن ۾ وري غلامي جي علامت کي ڪنهن ٻي اذيت سان تعمير ڪيو ويندو هجي. ڇاڪاڻ ته غلام رکڻ جي صرف هڪ علامت ٿورو ئي آهي. بهرحال مائي کي نڪ ۾ ڪوڪو يا ڦُلي ان جي سونهن جي حسناڪين ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي، ان جي اسان سڀ شاهدي ڏيئي سگهون ٿا.
اسان وٽ هونئن به “پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي” واريون چوڻيون مشهور آهن پر اسان جنهن نڪ جي پڪائي سان ٻئي جي شيءِ تي قبضو ڪري ان کي پنهنجو ڪري نڪ کڻي هلندا آهيون اهو تمام گهڻو ڪجهه ظاهر ڪري ٿو. خاص طور تي جيئن انڊيا وارا انگريزي فلمون ڪاپي ڪري ٿورو گهڻو انڊين پائوڊر هڻي ان فلم کي بلاڪ بسٽر بڻائي ڇڏيندا آهن، اها به نڪ جي پڪائي ئي چئبي. هينئر ملاوت رام کان آندل منهنجي ميڻ بتي ڳري ڳري هڪ نڪ جي شڪل جهڙي ٿي وئي آهي ۽ مان وري انڌاري ۾ گم ٿي ويو آهيان پوءِ به مون کي پاموڪ جو ڪتاب “سِنو” نظر اچي رهيو آهي.