ادببلاگڪهاڻيون

ڪاري

حنيف سوڍر

سرءُ جي هڪ شام جو پاڇا طويل ٿيڻ لڳا، سِجُ پنهنجي رفتار سان ڍوري ۾ غروب ٿيڻ لاءِ روان هو، تڏهن سانت جي ديوي سڄي ڳوٺ مٿان خاموشيءَ جي چادر اوڍي ڇڏي هئي، سا واهيري وير اڄ ڪنهن لوهي پڃري جيان قيد خانو لڳي رهي هئي ۽ ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ آزاديءَ جا گيت جهونگاريندڙ آزاد پکيئڙن کي بغير ڪنهن ڏوهه جي عمر قيد جي سزا ملي هجي، جنهن کان هو خوف کائي هراس وچان طرحين مٺڙيون ٻوليون ٻولڻ بجاءِ رڙيون ڪندي محسوس ٿي رهيا هئا. تنهن مهل منهنجي جسم ۾ اڻڄاڻ جنبش پيدا ٿيڻ لڳي تنهن کانپوءِ جسم آهستي آهستي سن ٿيڻ لڳو. منهنجي شعور مٿان ڪجهه دير لاءِ ايتري ته ماٺار ڇانئجي وئي جو ساهه الوداع چئي واپس ورڻ جي راهه وساري ويٺو هو. پاڻ کي آٿت ڏيڻ خاطر منهن مونن ۾ هڻي، خارجي پيڙائن ۽ پيچيدگين سان اندر ۾ جنگ ڪرڻ لڳيس، مان موت کي مات ڏئي سگهان ٿي ۽ ڏيندم. تڏهن پهريون ڀيرو محسوس ڪيم ته هي وقت مون کان ڪيڏو تيز ڊوڙي رهيو آهي، تنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اٽل ارادو ڪيم ته ساهه سبتا ٿيڻ لڳا ۽ آئون ماضيءَ ڏانهن واپس ورڻ جي ڪري اباڻي اڱڻ تي پهتيس، جتان آئون جيجل جي لولي سڻي، سمجهي ڳالهائڻ لائق ٿيس ۽ بانبڙا پائيندي ڪڏهن بابل ته ڪڏهن جيجل جي چيچ پڪڙي پنڌڙو ڪري وک وڌائڻ سکي هيم. لوئيءَ جي لڄ رکندي، لاڏ مان ڪڏندي جلد ايتري وڏي ٿي ڏور پرڻجي آيس، جو اڄ اباڻن کي ايندي واٽ تي سجڙو لهي ويندو.

اهو سوچيندي سوچيندي هينئون هاري ويٺيس. منهن مونن مان ڪڍي اکڙيون کوليم ۽ کن پل آسمان ڏانهن نهاريم ته ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، تنهن مهل بابل جون توريل تڪيل، سمجهڻ ۽ ويچارڻ جهڙيون ڳالهڙيون ياد پوڻ لڳيون ته ڌيءَ روح آسمان ۾ رهندا آهن. مون بابل جي لفظن جي اهميت تي غور ڪيو ۽ ڏٺم ته هڪ ڪڪر پٺيان ٻاجهه ڪندڙ خدا ساري جهان کي رحم جي نگاهه سان ڏسي رهيو هو ۽ منهنجي ذهن جي تهن تي جڏهن وَرَ جو ڀوائتو چهرو تري سامهون آيو تڏهن کانئس پناهه ڏيڻ لاءِ دانهون ڪرڻ لڳيس، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي واڪا ڪرڻ لڳيس، پر سڏ سان سڏ ڏيڻ وارو ڪوبه چهرو سامهون نه آيو. ايئن پئي محسوس ٿيو جيئن ساري ڳوٺ مٿان راڪاس جو پهرو هجي ۽ مون سان گڏ خدائي به روئندي رڙندي پناهه لاءِ واجهائيندي هجي. تڏهن ڌرتي هوريان هوريان پنهنجو توازن وڃائڻ لڳي ۽ مون تيز ڊوڙندڙ وقت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ست ساريو ۽ محسوس ڪيم ته کانئس ايترو تيز ڊوڙڻ لڳيس جو روح رڙندو مون منجهان نڪري آسمان جي بلندين ڏانهن اڏامي خدا جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيو. حوصلو بلند ڪيم تنهن موت کي مات ڏيڻ لاءِ وقت کان گهڻو اڳتي وڃي واپس ساڳيءَ جاءِ تي وريس.

مون ڏٺو ته روز مره جيان گهر جا سمورا ڀاتي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ بجاءِ اڄ مون کان پري پري هئا پنهنجائپ بجاءِ نفرت ۽ ڌڪار جي نظر سان ڏسڻ لڳا، اوڙي پاڙي جون بيوس ۽ لاچار جوان نينگريون پهريون ۽ آخري ڀيرو بي نام ملاقات ڪرڻ لاءِ وٿيرڪيون ٿي مقدس نگاهن سان مون ڏي ڏسي پنهنجي مستقبل تي فڪرمند ٿيڻ لڳيون سندن ماڪ ڦڙن جيان اُجري جوانيءَ واري منهن تي معصوميت بکي رهي هئي. سندن خاموش زبانون برپا ٿيندڙ قيامت کان رب جي بارگاهه ۾ انصاف لاءِ دانهي رهيون هيون. گهڙيءَ پل ايئن محسوس ٿيو ڄڻ مون کان گهر ڀاتين جيان فطرت به ازلي رشتو ٽوڙي منهن موڙي رهي هجي. هينئون لاهڻ بجاءِ ڏاڍو ڪري جڏهن پنهنجي ئي ڪک مان جنم وٺندڙ معصوم ۽ ابهم پُٽڙي کي هميشه جيان پنهنجي گود ۾ ويهڻ ۽ ڪُڏڻ بجاءِ اڄ کيس ڏُور راند رهندي ڏسي رهي هيس، تڏهن ايئن پئي محسوس ٿئي، ڄڻ هو به خدائيءَ جي ڌُر ٿي بيٺو هجي.

حيرانگيءَ وچان سوچڻ لڳيس….نه…!نه…! ڪوبه کير پياڪ ٻالڪ پنهنجي امڙ کان نفرت نٿو ڪري سگهي…ايئن ٿي نٿو سگهي…! بس…منهنجو جسم مون سان بيوفائي ڪرڻ لڳو آهي. جيئن جيئن ناحقي ۽ بي وقتائتي موت جو خوف طاري ٿيڻ لڳو، تيئن تيئن اکين منجهان بي پناهه شفاف ۽ پاڪ لڙڪ ڪنهن سانوڻيءَ برسات جيان لڳاتار وسندا رهيا ۽ مون يڪدم پُٽڙي کي ڪڇ تي کڻي بي انت پيار ڪندي، سُڏڪندي روئندي تڪڙي تڪڙي ڪمري ڏانهن پيشقدمي ڪيم، ڪمري اندر داخل ٿيندي ئي بنا ڪنهن دير جي دروازو بند ڪري اتر ۽ اولهه واري ڪُنڊ ۾ ويهي پنهنجي کير پياڪ پُٽڙي کي بنا روئڻ ۽ چون چران ڪرڻ جي ٿڃ ڏيڻ لڳيس، تنهن مهل پهريون ڀيرو پنهنجو جسم کوکلو ٿيندي محسوس ٿي رهيو هو، پر من کي ايتري ته سرهائي ٿيڻ لڳي هئي جنهن جي ڪا حد ئي نه هئي، بي خوف ٿي بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي شائستگيءَ سان لولي جهونگاريندي پٽڙي سان ڳالهائڻ لڳيس.

اي! معصوم ۽ ابهم پٽڙا..! منهنجي جگر جا ٽڪرا…! تنهنجي هرهڪ چُوس تان گهور وڃان، اڄ سمورو کير پي ڇڏ، تنهنجي ان ٿڄ اڳيرڻ سان مون کي هميشه جيان اڄ بي انت خوشي ٿي رهي آهي. توکي هن جيجل جي ٿڃ جو قرض چڪائڻو پوندو. جوان ٿي هن سماج ۾ هٿ ٺوڪين اهڙين بيهوده رسمن خلاف جنگ جوٽڻي آهي. جنگ، فقط قلم سان، نه ڪي ڪنهن موتمار هٿيارن سان. اڄ تنهنجي جيجل تنهنجي مقدس ۽ چنڊ نما پيشاني چُمي تنهنجي لاءِ دعاڳو آهي. تون اڳڀرو ٿيندو ويندين، ماڻهو ايندا ويندا ۽ قافلا جُڙندا ويندا. قدرت طرفان جُوڙيل چاهتن ۽ محبتن وارن عظيم رشتن وچ ۾ شيطان صفت کوکلي انسان پاران نفرتن جي ديوار کڙي ڪري هن سماج ۾ خون جي رشتن کي هڪٻئي جو جاني دشمن ۽ رت پياڪ بڻائي انسانيت کي کُلي عام صليب تي چاڙهيو وڃي ٿو. مون کي قسم آ تنهنجي انهن پوتر گلابن جيان اڻ ڇهيل چپڙن جو، جيڪي منهنجي ڇاتيءَ طرف وڌائين ٿو ۽ کير اڳيري اُڃ ۽ بُک اُجهائي پاڻ کي توانو ۽ رُڪ جيان مضبوط بڻائين ٿو. اَڄُ هي بيقصور ماءُ توکان ڏُور وڃي رهي آهي.

دراصل ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي. جوا ۽ نشي جي عادي تنهنجي پيءُ ڳاٽي ٽوڙ قرض کنيا. جنهن لاءِ هن گهر جو مال متاع ۽ مون کي ڏاج ۾ مليل سون وڪڻي ڪجهه ڏاڍن مڙسن جا قرض ته لاٿائين، پر اڃان ڪجهه ماڻهن جا قرض ادا نه ڪري سگهيو، جنهن لاءِ اڪثر ماڻهو اوطاق تي ايندا هئا جن مان هڪڙو ته هر هفتي اوطاق ۾ ايندو هو. جنهن جي اچڻ ۽ قرض گهرڻ تي تنهنجي پيءُ کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. پر اڄ صبح جو منهنجي منع ڪرڻ باوجود مون مٿان زور ڀريائين ۽ ڏاڍ ڪندي چيائين ته وڃ اوطاق ۾ مهمان کي پاڻي ڏيئي اچ. بس جيئن ئي مون اوطاق ۾ قدم رکيو، تيئن ئي پٺيان هو دونالي بندوق کڻي اچي ڪاوڙ مان تارا ڦوٽاري بي قصور مهمان تي ڇوهه ڇنڊيندي ٻئي فائر ڪري مارڻ کانپوءِ تڪڙو بندوق ۾ ٻيا ڪارتوس وجهندي جيئن ئي مون طرف وڌيو تيئن ئي مان پاڻ بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندي ڊوڙي گهر آيس. گوڙ مچي ويو، ڳوٺاڻان مڙيا، جن کيس قابو ڪري ورتو. اها خبر تيزيءَ سان جيئن جيئن هر گهر پوندي وئي تيئن تيئن ڳوٺاڻن جي چپن تي تالا لڳندا ويا، ڳوٺاڻن ٻني ٻاري ۽ عورتن گهرگهاٽ جو ڪم ڪار ڪرڻ وساري ڇڏيو. هرڪو پنهنجي عقل جو استعمال ڪندو رهيو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ان سڄي ڏينهن ۾ منهنجي ذهن اندر ايترو ته هل هلاچو متل هو جو مون کي آذان جو آواز به ٻڌڻ ۾ نه آيو. شام تائين ڳوٺ تي ڄڻ راڪاس جو پهرو هو. ان کانپوءِ اهو ٿيو جو ٿيڻو هو. جرڳو ٿيو، وڏيري حقيقت ۽ سچ کان باخبر هوندي پنهنجي منشا موجب فيصلو ٻڌايو. ڪنوارپ کان ناجائز تعلقات ڄاڻائيندي واحيات ڳالهيون ڪري، مون تي ڪاريءَ جو الزام مڙهيو ويو. بي قصور لاش جي وارثن مٿان پنج لک چٽي وڌي وئي ۽ لاش جي عيوض هڪ لک ادا ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ عشاءَ جي آذان کان اڳ مون کي مارڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي. ڪافي دير کانپوءِ مون کي پتو پيو ته تنهنجي پيءُ ۽ وڏيري پاران ملي ڀڳت ڪري قرض مان جان ڇڏائڻ ۽ پئسن کائڻ لاءِ ٻه ڏينهن اڳ اهو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو هو. اها خبر ٻڌڻ سان ڏٺم ته وقت گهڻو گذري چڪو هو. ناحقي ۽ بي وقتائتي موت جي اچڻ تي لڙڪ لڳاتار لڙندا رهيا. رات جي آمد ڪنهن ٻانڀ جيان ڊيڄارڻ لڳي. لڪن کان لڙندڙ سج منهنجي حياتيءَ جو آخري سج هو جنهن کي لهندو ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.

پُٽڙو ڳالهيون ٻڌڻ دوران جيئن جيئن هنگڙيون ڏيئي، ٻاتڙا ۽ هلڪا هلڪا ٽهڪڙا ڏيئي ڇاتيءَ کي چُوس مٿان چُوس ڏيندو رهيو، تيئن تيئن منهنجو من سرهو ٿيڻ لڳو، ايتري ۾ اچانڪ ٻاهران ور جو ڀيانڪ زوردار آواز آيو.

ڪاڏي وئي ڪاري…!! جلد نڪري اچ ٻاهر…!!

در کان ٻاهر موت لامارا ڏئي رهيو هو، ذهن تي پٽڙي سان ٿيل گفتگو جي سحر انگيزي ڇانيل هئي، وقت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اڃان ارادو اٽل ۽ حوصلو بلند هو. وهندڙ لڙڪ منهنجي بيگناهه هجڻ جي شاهدي ڏيئي رهيا هئا. مون بي ستي جسم جي باقي ساري سگهه ڪٺي ڪري پيرن تي زور ڏنو ۽ اڳتي قدم ڀريو ۽ دروازي جي سنهي سير مان جڏهن ٻاهر نهاريم ته سج جا ڪرڻا سونو روپ اختيار ڪري چڪا هئا. گهر جا ڀاتي ۽ اوڙي پاڙي وارا انبوهه جي صورت ۾ پري کان خاموشيءَ وچان ايئن ڏسي رهيا هئا، جيئن ڪنهن بيهوده رسمن ۽ وحشت تي مبني ڊرامي جي سچي شوٽنگ ٿيڻ واري هجي، جنهن کي روبرو ڏسڻ لاءِ هو صدين کان عادي هجن. ڪنهن جو به اڳتي وڌڻ ڄڻ موت جي منهن پوڻ هو. ڇو جو دونالي بندوق جا لامارا هئا. منهنجي ور جي چپن تي غيرت جي للڪار هئي ۽ سندس اکين منجهان رت ٽهڪندو نظر اچي رهيو هو. اهو سڄو لقاءُ ڏسي مون يڪدم پُٽڙيکي آخري ڀيرو پيار ڪري. ٿيندڙ انياءُ کي ڊائريءَ ۾ قلم سان سچ جي سرهاڻ اوتڻ لاءِ مڪمل وارتا لکڻ کانپوءِ آخري سٽن سان پڄاڻي ڪرڻ چاهيم، پُٽڙي کي کٽ ۾ ٻَڌل جهوليءَ ۾ سمهاري جيئن ئي لولي ڏنم تيئن ئي سندس چپڙن تي هلڪي مسڪراهٽ بکڻ لڳي. مون لڙڪ پوتيءَ جي پلاند سان اُگهي، هميشه جيان مٿي تي اوڊيم ۽ اها تسلي ڪيم ته هاڻي مان وقت سان مقابلو ڪري موت کي مات ڏئي چڪي آهيان. هاڻي مون کي ڪوبه خوف نه هو. آخر ۾ ڊائريءَ کي محفوظ جاءِ تي رکي بي خوف ٿي دروازو کولي ٻاهر نڪتيس.