بلاگنئون

سنڌ جو منصور حضرت سچل سرمست رح

سنڌ جا صوفي آفاقي ۽ قومي شاعر، سنڌ، سنڌي ٻولي، قديم تھذيب، قومي ثقافت ۽ فڪري تاريخ جا سونهان ۽ سنڌي قوم جي نئين جاڳرتا جا علمبردار ۽ امين آھن، جن سنڌ جي اتهاس ۾ وڏي اٿل پٿل پيدا ڪئي ۽ سماج جي مدي خارج قدرن جي نندا ڪندي عوام جي سوچ ۾ تبديلي ۽ ذھني آزاديءَ جو ٻج ڇٽيو، انهن ۾ اسان جو سچل سائين به ھڪ آھي، جنھن نه صرف پنھنجي دور، پر ايندڙ سمورن دورن تي پنھنجي شاعريءَ ۽ فڪر جي ذريعي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آھن.

سنڌ جي ھن عظيم شاعر عبدالوهاب فاروقي المعروف سچل سرمست جو جنم 1152 ھ مطابق 1739ع ۾ ميان صلاح الدين فاروقيءَ جي گھر ۾ خيرپورميرس رياست جي ننڍڙي ڳوٺ درازا ۾ ٿيو. سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب ھو، پر سندس سچ چوڻ واري عادت ۽ سندس صاف گوئيءَ کي ڏسي ماڻھن کيس “سچل يعني سچ ڳالهائيندڙ” سڏڻ لڳا، جنھن کانپوءِ وري جو سندس شاعري ٻڌي ته ويتر ماڻھن جي دلين ۾ جذبا جاڳي پيا ۽ سرمست جو لقب پڻ ڏنو. سچل سائين جي والد جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو ھو. سنڌي شاعريءَ ۾ پاڻ پنھنجو تخلص سچل سچو ۽ سچي ڏنو اختيار ڪيو آھي. جڏھن ته فارسيءَ ۾ فدائي ۽ آشڪار جا تخلص ڪتب آندا اٿائين.

سچل سرمست ستن زبانن جو شاعر ھو سنڌي، فارسي، عربي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ بلوچي. ان ڪري سچل سائين کي هفت زبان شاعر (ستن زبانن جو شاعر) چوندا آهن. سچل سرمست پنھنجي موضوع، مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ کان صرف ھڪ شاعر نه، بلڪه ھڪ مڪمل تحريڪ ھو. سندس ذات جي لاٽ مان ڪيترائي سرمست وجود ۾ اچي ويا. سچل سائين پنھنجي پوين شاعرن تي پنھنجي ھستي، مستي، سوچ ۽ فڪر جو جيڪو اثر ڇڏيو آھي سو شايد ئي سندس دور جي ڪنھن ٻئي شاعر ڇڏيو ھجي. سچل سائين جي شاعريءَ ۾ پھريون دفعو ھڪ اھڙي ڳالھه آئي جيڪا کانئس اڳ ڪنھن ٻئي شاعر ۾ نٿي ملي. سچل سائين جي شاعريءَ ۾ پنھنجي وجود جي مڪمل اظهار جي خواھش جو ڀرپور احساس ملي ٿو ۽ ان لاءِ ھو سڄي دنيا بلڪه ڪائنات جي نفي ڪرڻ کان به نٿو ڪيٻائي.

ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي

مان جوئي آھيان سوئي آھيان٬

ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي٬

مان جوئي آھيان سوئي آھيان.

ھن قسم جو اظهار سو به اھڙي دور ۾ جنھن وقت بادشاھ وقت به مولوين جي چنبي ۾ ڦاٿل ھجي. ھن قسم جو بيان ڪنھن به شخص کي ڪافر ثابت ڪري واجب القتل بڻائي ٿي سگهيو ۽ اھو به تڏهن جڏھن شاھ عنايت شهيد جو مثال موجود ھجي! پر حقيقت ۾ سچل سائين پنھنجي وجود جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪوبه رستو اختيار ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻايو.

ڪر پاڻ کي سجود تون آھين جاءِ سجود جي

تون ئي عابد آھين تون ئي آھين معبود

ھيڏي ھوڏي نه ڏسين تون مڙيو ئي مقصود

سچو سمجھه ڳالھڙي محب موجود.

ھن شعر جي مفھوم تي غور ڪريون ته ان ذات جي وجود جو اظهار ٿي رھيو آھي. پاڻ کي محبوب جي وجود سان ھڪ ڪري ھن جي صورت اختيار ڪرڻ قطري کي سمنڊ جي حيثيت ڏيڻ ھڪ طرح سان پنھنجو پاڻ مڃرائڻ آھي اڃان به وڌيڪ چوي ٿو:

محبوب جي صورت وچ گم ھوڪي

ديک نظارا آپ سارا.

اھڙيءَ طرح ئي شاھ عبداللطيف ڀٽائي به چيو آھي:

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رھاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، جان سسئي تان سور ھئَا.

سچل سائين عشق کي عقل تي ترجيح ڏئي ٿو مذھبي رسومات کان بيزاري ظاهر ڪري ٿو.

مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا٬

شيخي پيري بزرگيءَ بيحد ڀلايا٬

ڪي نمازون نوڙي پڙهن٬

ڪن مندر وسايا٬

اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

ھيءَ بيباڪي اصل ۾ انھيءَ بي چينيءَ جو روپ ھئي جيڪا سچل سائين جي اندر ۾ موجود ھئي.

سچل سائين جي شاعري ۾ راز ۽ رمزون نادر نقطا  ڳجھه جون ڳالھيون، موج ۽ محويت ملي ٿي. سچل سائين جي سنڌي شاعر سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري سونھن ۽ سرھاڻ جو سبب آھي.

وحدت الوجود:

وحدت الوجود جو مطلب سادن لفظن ۾ ھي آھي ته “وجود” يا “ھستي” صرف “واحد” آھي، باقي سمورو “عدم” آھي. “وجود واحد” (خدا تعاليٰ) کانسواءِ ڪائنات ۽ جيڪي ڪجھه منجهس آھي ان جو ڪوبه اعتبار نه آھي. ان جو ٻيو مطلب “ھمه اوست” ھن ڳالھه مان معلوم ٿيو ته ھي جھان ۽ جيڪي ڪجھه ان ۾ نظر اچي ٿو (ظاھري اکين ۾) اھو سمورو مانڊاڻ ان “وجود واحد” جو جلوو آھي. ان کان ڪا ڌار شيءِ نه آھي. سچل سائين فرمائي ٿو:

پنھنجي ذات لڪائي ڪيئن ٻي ذات سڏايان٬

اعليٰ اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان٬

منصور جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان.

سنڌ جو منصور سچل سائين به ساڳيو ئي نعرو ھڻي رھيو آھي ۽ ساڳي منصور واري مستيءَ سان سوليءَ کي سڏ ڪري رھيو آھي، پر ڪو جاھل ئي چئي سگھندو ته سچل اناالحق چئي ڪري خدائي جي دعويٰ ڪري رھيو آھي. سچل سائين قرآن مجيد جو حافظ ھو، الله تعالي جي توحيد وحدانيت ۽ ھيڪڙائي تي ان جو ايمان ھو، ھو خدا پاڪ کي پنھنجي ذات توڙي صفات ۾ واحد ۽ لا شريڪ ئي ڄاڻندو ھو. ھو توحيد وجودي جو قائل ھو ۽ مصور وانگر ذات ۽ صفات ۾ “ھمه اوست” فڪر جو قائل ھو. ھڪ ھنڌ فرمائي ٿو:

ذات صفات ھڪائي ڀول نه وجھين ڀولي٬

سوئي اندر سوئي ٻاھر سولي تنھنجي چولي٬

تو ۾ مو ۾ ھن ۾ ھر جا سچل سچ ٿو ٻولي.

حُسن ۽ عشق:

سونھن سان انسان جو ازلي ناتو آھي، ھو ھميشه سونھن جي تلاش ۾ رھيو آھي. ھن ھر ماڳ ۽ مڪان، وٿ ۽ وکر ۾ حُسن کي ڳولهيو آھي ۽ عشق کي پنھنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني آھي. ھن جي رھڻي ڪھڻي جي ڦير گهير، ثقافت ۽ معاشري جي اٿل پٿل، جمال جي جلوي جو نتيجو آهي. حُسن ۽ عشق جا داستان انسان جي فن ۽ فڪر تي اثر انداز ٿيا آھن. خاص ڪري شاعريءَ جو بنياد ئي انسان جي جماليات ذوق ۽ شوق تي آھي. جڏھن حُسن ۽ عشق دل ۾ تڙپ پيدا ڪري ٿو ته شاعري وجود وٺي ٿي. اھوئي سبب آھي جو شاعري سراپا سونھن آھي ۽ سونھن سان ان جو گھرو گهاٽو ۽ ازلي سنٻنڌ آهي.

وفات: سچل سائين وفات کان ٿورا ڏينهن اڳ ماڻھن جون محفلون ۽ ميڙ ڇڏي وڃي گوشا نشيني اختيار ڪئي. پڇڻ تي چوندو ھو “سر ڪار جي سلاميءَ جي تياري ٿو ڪريان.”

سنڌ جي منصور لافاني شاعر سڄي سنڌ کي وحدت الوجود ۽ اناالحق جو پيغام پھچائي 90 سالن جي ڄمار ۾ 14 رمضان 1242 ھجري مطابق 1829 عيسويءَ تي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو. سندس مقبرو ٽالپر حاڪم مير رستم علي خان ٽالپر تعمير ڪرايو.

***