بلاگنئون

جيوڻ جي ڪهاڻي حقيقت جو آئينو

سنڌ جي ڌرتي هميشه اهڙن ڪردارن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جيڪي پنهنجي قسمت سان وڙهندي، تقدير جا نوان باب لکن ٿا. لاڙ جي سادي، مٽيءَ جي خوشبوءَ سان ڀريل علائقي شادي لارج مان اڀرندڙ هڪ نالو جيوڻ ريٻاري اڄ اميد، همت ۽ جدوجهد جو استعارو بڻجي چڪو آهي. هيءَ ڪهاڻي صرف هڪ فرد جي ڪاميابي نه آهي، پر هڪ اهڙي خواب جي تعبير آهي، جيڪو غربت جي اونداهين ۾ پلجي، محنت جي روشنيءَ سان چمڪي اٿيو. جيوڻ ريٻاري جو جنم هڪ اهڙي گهر ۾ ٿيو، جتي روزيءَ جا ذريعا محدود هئا، جتي خواهشن کان اڳ ضرورتون پوريون ڪرڻ ئي وڏو چئلينج هو. سندس والد هڪ پورهيت انسان، جنهن جي هٿن ۾ محنت جا ڦٽ ۽ اکين ۾ پنهنجي پٽ لاءِ روشن مستقبل جا خواب هئا. غربت سندن در تي مستقل مهمان هئي، پر اميد سندن دلين مان ڪڏهن به نه نڪتي. گهڻو ڪري اهڙين حالتن ۾ ٻار تعليم کان پري ٿي ويندا آهن، پر جيوڻ لاءِ علم ئي واحد رستو هو اهڙو رستو، جيڪو کيس تقدير جي زنجيرن کان آزاد ڪرائي سگهي. هڪ پيءُ جي محبت ۽ قربانيءَ کان وڏو ڪوبه سرمايو ناهي. جيوڻ جي والد پنهنجي وس کان وڌيڪ پورهيو ڪري، پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي، پنهنجي پٽ جي تعليم لاءِ راهه هموار ڪئي. اهو فقط مالي سهارو نه هو، پر اها هڪ خاموش دعا هئي، جيڪا هر ڏينهن پنهنجي پٽ جي ڪاميابي لاءِ آسمان ڏانهن اڏامي ٿي. اهي قربانيون ئي هيون، جن جيوڻ جي همت کي ٽٽڻ نه ڏنو. هر ڏکئي لمحي ۾کيس پنهنجي پيءُ جا پگهر ياد ايندا هئا ۽ اهو احساس ئي سندس ارادن کي فولاد بڻائيندو رهيو.

 سي ايس ايس جو امتحان ڪنهن به عام مقابلي کان مختلف آهي. اهو صرف ڪتابي علم نه، پر صبر، استقامت ۽ ذهني سگهه جو امتحان آهي. جيوڻ ريٻاري به ان ڏکئي سفر مان گذريو راتين جون ننڊون قربان ڪري، ڏينهن جون آسائشون ڇڏي، پاڻ کي علم جي جستجو ۾ وقف ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪيترائي نوجوان حالتن جون شڪايتون ڪندي رڪجي وڃن ٿا، تڏهن جيوڻ ثابت ڪيو ته حالتون رڪاوٽ نه، پر امتحان هونديون آهن ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن محنت رنگ لاتو. جيوڻ ريٻاري اي ايس پي بڻجي پنهنجي زندگيءَ جي وڏي منزل حاصل ڪئي. اهو صرف هڪ عهدي تائين پهچڻ نه هو، پر غربت تي فتح، مايوسيءَ تي غلبو ۽ خوابن جي تعبير هئي. هن جي ڪاميابي هڪ روشنيءَ جيان آهي، جيڪا انهن سڀني نوجوانن لاءِ راهه ڏيکاري ٿي، جيڪي اونداهين ۾ پنهنجو رستو وڃائي ويهندا آهن. جيوڻ ريٻاري جي ڪهاڻي انهن سڀني خيالن کي رد ڪري ٿي، جيڪي چون ٿا ته تعليم صرف اميرن جو حق آهي. هن پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ارادو مضبوط هجي ته وسيلا  گهٽ هجڻ باوجود به منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. هي ڪاميابي هڪ سوال به ڇڏي ٿي ڇا اسان جو سماج هر جيوڻ کي اهڙو موقعو ڏئي ٿو؟ يا پوءِ ڪيترائي خواب غربت جي ڀتين ۾ ئي دفن ٿي وڃن ٿا؟ جيوڻ ريٻاري اڄ صرف هڪ آفيسر نه، پر هڪ علامت آهي اميد جي، جدوجهد جي ۽ ان يقين جي ته محنت ڪڏهن به رائيگان نٿي وڃي. سندس ڪهاڻي هر ان نوجوان لاءِ هڪ سڏ آهي، جيڪو حالتن کان مايوس ٿي ويهي رهيو آهي. “اٿ، هل ۽ وڙهه… ڇو ته تنهنجي قسمت تنهنجي انتظار ۾ آهي.” زندگيءَ جي هن ڊگهي سفر ۾ جيوڻ ريٻاري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انسان جي اصل سڃاڻپ سندس حالتن سان نه، پر سندس همت سان ٿيندي آهي. غربت، تڪليفون ۽ مشڪلاتون صرف آزمائشون آهن جيڪي انهن لاءِ هونديون آهن، جيڪي ڪاميابيءَ جا حقدار هوندا آهن ۽ بيشڪ محنت ڪندڙ هٿ ڪڏهن به خالي ناهن موٽندا.

جيوڻ ريٻاري جي ڪاميابيءَ واري ڪهاڻي صرف هڪ شخص جي فتح ناهي، پر اها سماج جي هر نوجوان لاءِ هڪ زنده مثال ۽ سبق آهي اهڙو سبق، جيڪو ٻڌائي ٿو ته زندگيءَ جي راهن ۾ رڪاوٽون هونديون ضرور آهن، پر انهن کي شڪست ڏيڻ ئي اصل ڪاميابي آهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڪيترائي نوجوان آسانيءَ جي تلاش ۾ پنهنجا خواب وڃائي ويهندا آهن، جيوڻ ريٻاري جو سفر هڪ جاڳرتا جو آواز بڻجي اڀري ٿو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄڪلهه اسان جي سماج جو وڏو حصو، خاص ڪري نوجوان نسل، نشي جي لعنت ۾ ڦاسي رهيو آهي. “آئيس” جهڙا زهريلا نشا نه صرف جسم کي ڪمزور ڪن ٿا، پر انسان جي سوچ، ارادن ۽ مستقبل کي به تباهه ڪري ڇڏين ٿا. ڪيترائي نوجوان، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جا روشن ڏينهن تعليم ۽ ترقيءَ ۾ لڳائڻ گهرجن، سي نشي جي اونداهين ۾ گم ٿي رهيا آهن. اهي حالتون نه رڳو فرد لاءِ، پر سڄي سماج لاءِ هڪ خطرناڪ الميو آهن. جيوڻ ريٻاري جو سفر انهن سڀني نوجوانن لاءِ هڪ چٽو آئينو آهي، جيڪي چون ٿا ته “حالتون خراب آهن، اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون.” هن پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪيو آهي ته حالتون انسان کي ناهن ٺاهينديون، پر انسان پنهنجي همت سان حالتن کي بدلائي سگهي ٿو. جيڪڏهن جيوڻ غربت، تڪليفن ۽ محدود وسيلن باوجود پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اڄ جو نوجوان جنهن وٽ وڌيڪ موقعا موجود آهن، ڇو نٿو ڪري سگهي؟

مقابلو ڪرڻ ئي ڪاميابيءَ جو رستو آهي. زندگي ڪنهن کي به سولي ناهي ملندي. هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جون آزمائشون ملنديون آهن. اصل سوال اهو ناهي ته حالتون ڪهڙيون آهن، پر اهو آهي ته انهن حالتن سان ڪيئن مقابلو ڪجي. نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجي زندگيءَ جي اهميت کي سمجهن، پنهنجي والدين جي اميدن جو خيال ڪن ۽ اهڙن خطرناڪ رستن کان پاڻ کي بچائين. جيوڻ ريٻاري جي ڪهاڻي هر نوجوان کي اهو سڏ ڏئي ٿي “جيڪڏهن تون چاهين ته تون به پنهنجي قسمت لکي سگهين ٿو.” ڪاميابي ڪنهن مخصوص طبقي يا اميرن جي ميراث ناهي اهو هر ان ماڻهوءَ جو حق آهي، جيڪو محنت، صبر ۽ مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي مقصد ڏانهن وڌي ٿو. اڄ جي نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ جو رخ پاڻ طئي ڪن. جيوڻ ريٻاري جو مثال اسان کي ٻڌائي ٿو ته “جيڪو پنهنجي حالتن سان مقابلو ڪري ٿو، اهوئي ڪاميابيءَ جا در کوليندو آهي. تنهنڪري اٿو، جاڳو ۽ پنهنجي اندر جي طاقت کي سڃاڻو. ڇو ته هر نوجوان جي اندر هڪ جيوڻ ريٻاري لڪل آهي، جيڪو صرف همت جي انتظار ۾ آهي.