ايڊيٽوريلنئون

سنڌ سرڪار جا تعليم ۽ ماحول جي بهتري لاءِ احسن قدم

سنڌ جي صوبائي حڪومت پنهنجي هڪ اهم اجلاس ۾ تعليم ۽ ماحول جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا آهن. سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي تياري ۽ استعمال، عادي ڏوهارين جي نگراني لاءِ اليڪٽرانڪ ڊوائسز جهڙوڪ: اينڪليٽس ۽ بيلٽس (ڪڙو ۽ پٽو) جي استعمال جي منظوري، انتهاپسندي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سينٽر فار ايڪسيلينس جي قيام جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. انهيءَ اجلاس ۾ دهشتگردن جي مالي مدد تي نظر رکندڙ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ورڪنگ گروپن جي حمايت جو پڻ عهد ڪيو. اجلاس ۾ ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال ۽ وڪري تي 60 ڏينهن اندر پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ماحول جي تحفظ لاءِ اهو پراڻو مطالبو آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳڻ گهرجي، ڇو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهي نه صرف شهر جي گٽر لائينن کي بند ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي، بلڪه درياءَ ۽ سمنڊ جي جيوت کي به تمام گهڻو نقصان ڏئي ٿي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ انتهائي درجي جو اضافو ڪري ٿي. ٿيڻ ته اهو گهڻو اڳ کپندو هو، پر جيڪڏهن 60 ڏينهن کانپوءِ به اها پابندي لڳائي ٿي وڃي ته اهو اهم فيصلو هوندو. هتي انهيءَ سلسلي ۾ اسين ايترو ضرور چونداسين ته اڄ کان ايندڙ ٻن مهينن تائين پابندي کان اڳ وارن ڏينهن ۾ عوام کي آگاهي ڏني وڃي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهي ڪيتري نقصانڪار آهي. جڏهن اهي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون واهن، شاخن، ڍنڍن ۽ سمنڊ جي وهڪري ۾ وڃن ٿيون. تڏهن اهي اتي جي فطري ماحول کي بگاڙين ٿيون ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهي سمنڊ ۽ واهن ۾ مڇين کي ماريو ڇڏي. هونئن به شهرن ۾ جيڪڏهن اسين ڏسون ته ڊرينيج جو سسٽم پلاسٽڪ جي ٿيلهين خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي ڪري مڪاني حڪومتن کي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڏهوڻ تي خرچ ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن نظام هلندو رهي ۽ يقينن انهن جي بندش جو فيصلو وقتائتو آهي.

سنڌ ڪابينا سيڙپڪاري جي کاتي جي درخواست تي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي قومي شاهراهه  N-5 سان ڳنڍڻ لاءِ رستو اڏڻ لاءِ 10.2 ايڪڙ زمين جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا پنهنجي چئن ڪلاڪن جي انهيءَ اجلاس ۾ هڪ فيصلو اهو به ڪيو آهي. هندو ڪائونسل پاڪستان جي اپيل ۾ ننگرپارڪر ۾ رام آشرم جي تعمير لاءِ 5816 چورس فوٽ، ڏيپلي ۾ آشرم جي تعمير لاءِ 165415 چورس فوٽ ۽ ننگرپارڪر جي چوڙيو مندر جي چوڌاري 20.12 ايڪڙ سرڪاري زمين الاٽ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ڪابينا جا ماحول، تعليم ۽ سماج جي بهتري لاءِ ڪيل فيصلا اهم آهن. سنڌ ڪابينا جو اجلاس جيڪو 4 ڪلاڪن تائين جاري رهيو هو. جنهن ۾ تعليم جي متعلق اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري تعليمي بورڊن ۾ بي قائدگين جي جاچ لاءِ سٺن آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو چيو. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ به حڪم ڏنا ويا. سموري صوبي جي پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن جي هيڊماسترن کي انتظامي ۽ مالي اختيار ڏنا ويا آهن ته جيئن اهي انهيءَ اسڪول جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي سگهن. سنڌ جي عوام جي اها هڪ ڊگهي عرصي کان گهر هئي ته سنڌ جي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان جي لاءِ اسڪولن جي عمارتن، اسڪولن جي ليبارٽرين، لائبريرين کي بهتر سهولتون ڏنيون وڃن، ڇو ته انهن سهولتن جي نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ پوءِ ٻارن جو هڪ وڏو انگ خانگي اسڪولن طرف وڃي ٿو.

اسڪولن جي بهتريءَ جي نظام طرف سنڌ سرڪار جو هي قدم جنهن ۾ گهڻي زماني کانپوءِ اهو ٿيو آهي ته انهن کي جيڪو انتظامي اختيار ڏنو ويو آهي، انهيءَ ۾ اهي اسڪول لاءِ چوڪيدار ۽ پٽيوالو ڀرتي ڪري سگهن ٿا. اهو اختيار ڏيڻ انهيءَ ڪري ضروري هو ته هيڊ ماستر علائقي جي ماحول ۽ ماڻهن کان به واقف هجي ٿو، انهيءَ ڪري اهو بهتر مقرريون ڪندو. جنهن سان اسڪول جو ۽ اتي پڙهندڙ ٻارن جو تحفظ يقيني ٿي سگهندو. مالي اختيارن جي ڪري جيڪڏهن ڪتاب ۽ ڪمپيوٽرن جي ضرورت پئي ته اهي تعليم جي بهتري لاءِ خريد ڪري سگهبا. اسڪولن ۾ لائبريريون ٺاهي سگهبيون ۽ اسڪول جي عمارت کي جيڪڏهن ننڍي پئماني تي تعمير ۽ رنگ روغن جي ضرورت پئي ته اهو انتظامي ۽ مالي اختيار جي ڪري ممڪن ٿي سگهندو، جنهن سان انهيءَ اسڪول جون عمارتون به بچي وينديون. ٻارن جي تعليم يقيني ٿي سگهندي ۽ ٻارن لاءِ سٺو ماحول ۽ ان جو تحفظ ممڪن ٿي سگهندو. نه صرف ايترو، پر اسڪولن جا هيڊ ماستر ۽ ماسترياڻيون انهيءَ اختيار ملڻ کانپوءِ ان اختيار جو استعمال ڪيئن ٿا ڪن، انهن جي ڪارڪردگيءَ کي به ظاهر ڪندو. اميد آهي ته ان اختيار ملڻ کانپوءِ اسان جا هيڊ ماستر ۽ هيڊ ماسترياڻيون به پنهنجي ان اختيار جو استعمال اسڪول جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪندا ته جيئن سنڌ جي تعليم ۾ بهتري اچي سگهي ۽ اسڪول کان ٻاهر ويٺل شاگرد اسڪول طرف اچي سگهن.