ھي ڌرتيءَ جا حلالي پٽ سنڌ ڌرتيءَ جا لاڏلا، ڏاهپ، بهادري، شعور ۽ قرباني جي جذبن سان مالا مال آهن. سنڌو درياءَ، جيڪو ان ڌرتي جي ساهه رڳ آهي، ان تي ٿيندڙ ظلم خلاف جڏهن قانون جا محافظ، سنڌ جا باهمت وڪيل، ميدان ۾ نڪتا آهن ته اها جدوجهد تاريخي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. هن تحريڪ ۾ صرف قانوني احتجاج ناهي، پر اهو قومي شعور، ڌرتي سان محبت، ايندڙ نسلن جي فڪر ۽ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿارڻ جو عظيم مثال آهي. سنڌو درياءَ جي حيثيت رڳو پاڻيءَ جي ندي تائين محدود ناهي. هي درياءَ سنڌ جي وجود، زراعت، ماحوليات، تاريخ، ثقافت ۽ روزگار سان واڳيل آهي. جڏهن به ان درياءَ تي بند، ڊيم يا ڪئنال ٺاهڻ جون سازشون ٿيون آهن. تڏهن سنڌ جي ماڻهن جي زندگين تي سڌو اثر پيو آهي. 1991ع پاڻيءَ جي ورڇ واري معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان ان تي عملدرآمد نٿو ٿئي. سنڌ جي وڪيلن جي احتجاج، لانگ مارچ ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ھن ڪئنالن جي تحريڪ ۾ جان وجھي ڇڏي آھي. وڪيلن جي عملي جدوجهد هڪ اهڙو باب آهي، جيڪو نه وسارڻ جهڙو آهي نه نظرانداز ڪرڻ جوڳو. انهن وڪيلن پاران ڪراچي کان خيرپور تائين ٿيندڙ لانگ مارچ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مسلسل ٻاھتر ڪلاڪن کان لڳاتار ڌرڻو اھو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جا شعور رکندڙ ماڻهو اڃان زنده آهن. اهي وڪيل عدالتن ۾ قانون جي بنيادن تي جدوجهد کان ويندي پنھنجي اڃ بک گرمي سردي ڏک سک ذاتي مجبوري کي پاسي تي رکي ڌرتيءَ جي سينڌ سجائڻ ۾ ڌرتي جا لڙڪ اگھڻ ۾ اڳڀرا آھن. ان سموري تحريڪ ۾ جتي سياسي سماجي شاگرد استاد ھاري ناري مزدور سنڌ جو ھر شعور رکندڙ ماڻھو ان تحريڪ ۾ سر فھرست نظر اچي رھيو آھي.
ڪالھه ڪراچي کان ويندي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تائين ھر ھنڌ سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ڪئنال سمورا نامنظور جا نعره ئي نعره وفاق توسان جھيڙو آهي جا نعره ئي نعره آھن. ھتي ڪوبه جھنڊي جي سياست ۾ نظر نه پيو اچي، ھتي سمورا سنڌي آھن، جيڪي صرف سنڌ ۽ سنڌو تي ٺھندڙ غير قانوني ڪئنال چولستان منصوبي جي ڀرپور مذمت لاءِ اڳ ڀرا آھن، جن کي نه اڃ جي ڳڻتي آھي نه بک جي نه گرمي جي اس جي بيماري جي ھو ھر شئي کان مٿي آھن پنھنجي اڃ بک کي ھاڻ ڄڻ ھن قوم پوئتي ڇڏي گھڻو اڳتي نڪري آئي آھي. ھاڻ ايئن ٿو لڳو ڄڻ قوم ڄاڻي ٿي ۽ ڄاڻي چڪي آھي ته اسان جي وسيلن اسان جي جزيرن تي ھر ڏينھن ناحق قبضا ڪري اسان جي سلامتي کي مٽايو ميساريو وڃي ٿو. ھن جدوجھد کي سنڌ جي ھر طبقي ھر شعور رکندڙ فرد ڀرپور جدوجهد سمجھندي اڳڀرو نظر اچي ٿو. نوان ڪئنال چولستان منصوبو ان جي پويان جيڪي سياسي ۽ معاشي مفاد لڪل آهن، اهي ڪنهن کان لڪل ناهن. اهي ڪئنال رڳو پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ جي موجوده آباد زمينن کي پاڻي نٿو ملي. هي واضح طور تي وفاقي ناانصافيءَ جو تسلسل آهي، جنهن ۾ سنڌ کي بار بار نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان ناانصافيءَ خلاف اٿي بيهڻ هر سنڌي جو قومي فرض آهي. وڪيلن سياسي سماجي شعور رکندڙ ھر طبقي جي اهڙي تحريڪ رڳو احتجاج نه آهي، پر اها هڪ بيداريءَ جي لهر آهي، جنھن ۾ سياسي پارٽيون اديب شاعر صحافي فنڪار اداڪار ھاري ناري مزدور شاگرد استاد ۽ وڪيل ميدان ۾ آھن. هنن وڪيلن پاڪستان جي آئين، قانون ۽ عدالتي نظام جي اندر رهندي، پنهنجا دليل پيش ڪري قوم کي ڄاڻايو آهي ته سنڌ جا وسيلا رڳو سنڌ جا آهن.
وڪيلن جو موقف بلڪل واضح آهي ته جيستائين وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻيءَ تي ناجائز قبضن، نون ڪئنالن ۽ جي منصوبا بنديءَ کان باز نٿي اچي، تيستائين جدوجهد جاري رهندي. اسان جي وڪيلن جي بهادري ۽ جرئت اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي. هي تحريڪ رڳو وڪيلن جي نه آهي، بلڪه پوري سنڌ جي آهي. ان تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ، ساٿ ڏيڻ ۽ آواز سان آواز ملائڻ سنڌ جي نوجوانن، استادن، شاعرن، دانشورن، مزدورن ۽ هر طبقي جي ذميواري آهي. جيڪڏهن اڄ خاموش رهياسين ته سڀاڻي سنڌ جي نئين نسل کي صاف پاڻي، زرعي پيداوار، ۽ ماحولياتي سلامتي نه ملي سگهندي. ان جدوجهد مان سبق وٺندي، ضروري آهي ته سنڌ جي هر شعبي مان ماڻهو اڳتي اچي، پنهنجي ڌرتي، درياءَ ۽ وسيلن لاءِ پاڻ وقف ڪري. ڇاڪاڻ ته هي رڳو اڄ جو مسئلو ناهي، پر مستقبل جو سوال آهي. سنڌ جي وڪيلن جيڪا اڳڀرائي ڪئي آهي، اها هڪ تاريخي قدم آهي.
اسان کي ان تي فخر آهي ۽ هن جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي سورمن جي علم، شعور، بهادري ۽ ڌرتي سان محبت کي هزار سلام. سنڌ کي اوهان تي ناز آهي. اوهان جي جدوجهد اسان سڀني جي همت وڌائي ٿي. تاريخ اوهان جي نالن کي سنهري اکرن سان لکندي. سنڌ ڌرتي جي دفاع لاءِ وڪيلن جي هيءَ تاريخي تحريڪ نه رڳو موجوده مسئلن جو حل طلب ڪري ٿي، پر مستقبل ۾ ايندڙ نسلن لاءِ تحفظ جي ضمانت به فراهم ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان سڀ هڪ ٿي، ڌرتي لاءِ وڙهڻ جي جذبي سان اڳتي وڌنداسين ته ڪابه قوت سنڌ جي وسيلن تي ناجائز قبضو نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري اچو ته سنڌ جي وڪيلن سان گڏجي هن قومي جدوجهد ۾ حصو وٺون. آواز اٿاريون. قلم ۽ زبان سان ساٿ ڏيون. سنڌ جي ساهه، سنڌو درياءَ لاءِ وڙهون. ڇو ته جيستائين سنڌو وهي ٿو، تيستائين سنڌ جي زندگي جاري آهي. هي جدوجهد ڪنھن ھڪ فرد ۽ طبقي جي نه آھي، بلڪه سنڌ ۾ رھندڙ ھر سنڌي جي آھي. ھن تحريڪ ۾ ھڪ ٻئي سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي گڏ بيھڻ اخلاقي، قومي ۽ تاريخي فرض آهي. سنڌ جي سورمن جي حوصلي ۽ جذبي کي سلام، سنڌ اوهان سان گڏ آهي ۽ هميشه اوهان سان گڏ رهندي.