ديو مالائي اهميت جي مالڪ سنڌو درياءَ جي ڊيگهه اٽڪل3,180 ڪلو ميٽر آهي، جيڪو تبت ۾ مانسره نديءَ کان 30 ڪلو ميٽر ڏور ڪيلاش جي برفاني پهاڙين کان شروع ٿئي ٿو. ڪيلاش کان شروع ٿيندڙ اهو عظيم درياءَ هڪڙي ننڍڙي جڳهه “دم چڪ” کان “لداخ” ۾ داخل ٿئي ٿو. لداخ ۾ هن کي “سنگي کپ” جي نانءُ سان سڏيو وڃي ٿو، سنگهي جو مطلب آهي“شينهن” ۽ “کپ” جو مطلب آهي وات. نه صرف اهو بلڪه پاڪستان ۾ هن محبوب درياءَ جا مختلف نانءُ آهن ۽ اهو جن جن وسندين کي ريج ڏيندو ۽ انهن جي جهولين ۾ خوشخالي اوتيندو گذري ٿو. اتان جا رهاڪو هن کي محبت ۽ شڪر وچان مختلف نانءُ ڏين ٿا. مثال طور: پشتو ۾ هن کي “اباسين” يعني دريائن جو پيءُ، سنڌ جا رهواسي هن کي وري محبت ۽ لاڏ وچان “مهراڻ” ۽ “سنڌو ندي” به ڪوٺين ٿا. لفظ سنڌو جيئن ته سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جو بنياد “سند” تي آهي ۽ جنهن جي معنيٰ “وهڻ” آهي، ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گجگوڙ ڪري وهندڙ اهوئي درياءَ هن وقت هڪ واھ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. سنڌو درياءَ سان وفاق جو ايترو وير ته هتي سال ۾ صرف چار مهينا پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ باقي اٺ مهينا واري ئي واري اڏرندي رهي ٿي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا جي وڏن دريائن منجهان نيل ۽ سنڌو درياءَ ۽ اهي درياءَ آهن ته جيڪي پنهنجي پاڻي سان گڏ وڏي مقدار ۾ زرخيز مٽي يا واري آڻين ٿا، ليڪن سنڌو درياءَ جي پاڻي ۾ واري ۽ مٽي جو مقدار نيل درياءَ کان ٽيڻ تي آهي. برطانوي گزٽ جي مطابق 1873 تائين درياءَ جي واريءَ سان گڏ اچڻ واري مٽي اٽڪل 97 ميل ڊيلٽا جي نئين زمين ٺاهي هئي.
وادي مهراڻ جي تهذيب:
اها پڻ حقيقت آهي ته تهذيبون دريائن جي ڪناري وڌنديون ويجهنديون آهن ۽ ارتقا جا مرحلا پڻ طئي ڪنديون آهن. سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي به دنيا جي قديم ترين تهذيب “وادي مهراڻ” جي تهذيب يا انڊس سولائيزيشن جنم ورتو ۽ هتي ئي ارتقا جا مرحلا طئي ڪيائين (هتي وادي سنڌ منجهان مراد صرف سنڌ صوبو ناهي، ڇاڪاڻ ته هزارين سالن تي مشتمل هن تهذيب جا نشان سنڌ کانسواءِ پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ انڊيا ۾ مليا آهن). هن عظيم الشان تهذيب جون ڪجهه شاهديون ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سامهون اينديون رهيون، پر هڪ باقاعده منظم شهر جي صورت موئن جي دڙي جي دريافت ماهرن ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. جيتوڻيڪ هتان کان ملڻ وارين شين تي موجوده لکڻي اڃان مڪمل طور تي پڙهي ناهي سگهجي، مگر ٻين شاهدين جي بنياد تي ماهر هن تهذيب کي پنج هزار سال قديم تهذيب مڃين ٿا ۽ هن کي مصري ۽ عراقي تهذيب کان پراڻو قرار ڏين ٿا. وادي مهراڻ جي هن قديم تهذيب جا رهاڪو پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ شهري تعمير ۾ ڪنهن قدر ترقي يافته هئا ان جو اندازو هڙپا، موئن جو دڙو، سوات ۽ بيشمار آثار قديما کي ڏسي ڪري سولائي سان ٿي وڃي ٿو. موئن جي دڙي جون صاف سٺيون گهٽيون، پاڻي جا تلاءُ، اناج رکڻ وارا وڏا وڏا گودام، هتان کان ملڻ واريون شيون خاص طور تي زيور ماڻهن جي خوشحالي جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا، پر اهي گذريل زماني جا قصا هئا، جڏهن سنڌو درياءَ واقعي “شينهن درياءَ” هو ۽ هن جو پاڻي آخري ڪناري تائين خوشحالي پکيڙيندو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. اڄ دريائي وسيلا اسان جي نالي ماتر حڪمرانن جي بي پرواهي، بي عقلي وارن قدمن جي سبب کان نهايت ئي خطرن جي ور چڙهيل آهن. ان ڪري جڏهن هن عظيم تهذيب جي دريافت کي سئو سال ٿي ويا آهن ته اهو سوال ضرور ذهن ۾ اٿي ٿو ته جنهن سنڌو درياءَ هزارين سالن کان انساني تهذيب جي پنهنجي پاڻي سان اڃ اجهائي ۽ خدمت ڪئي، اهو ڇا ايندڙ صدي ڏسي سگهندو؟
سنڌو نديءَ جي تباهي ۽ برباديءَ جا اصل ڪارڻ دريا تي حسد وچان تعمير ڪيل ميگا اسٽريڪچر آهن، جنهن سان پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ ۽ هن جي وهڪري کي موڙيو وڃي ٿو، جنهن سان انيڪ نقصان ٿين ٿا. سنڌ جو درياءَ جيڪو حقيقت ۾ سنڌ جي رهواسين جي لاءِ مرڪزي رڳ واري حيثيت رکي ٿو، ڇو ته سنڌ جي آبادي جو دارومدار انهيءَ درياءَ جي پاڻي تي آهي. نه صرف انسان، پر ملڪ جي 80 سيڪڙي کان وڌيڪ پوکي راهي جي قابل زمين سنڌو درياءَ جي پاڻي سان آباد ٿئي ٿي ۽ ملڪ جي 10 منجهان 9 وڏا شهر درياءَ جي 50 ڪلو ميٽر جي اندر واقع آهن. موئن جي دڙو جي تهذيب جي خاتمي جي سببن منجهان ماهرن جو خيال آهي ته شايد انڊس ۽ ٻاڪڙو درياءَ پنهنجو تشخص بدلائي ڇڏيو هو. ان ڪري پاڻي جي کوٽ انهن شهرن جي معيشت تباهه ڪري ڇڏي ۽ زندگي هتان کان سدائين جي لاءِ رسي يا ناراض ٿي وئي. اسان کي ته هن ڳالهه تي تعجب ٿئي ٿو ته نيٺ جيڪو درياءَ ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي 99 زمين کي زرخيز ڪندو آيو آهي. اهو ڪجهه سالن کان سوڙهو ٿيندو پيو وڃي ۽ هاڻي وري سنڌ کي مڪمل ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍي سنڌ جي صدين کان زرخيز زمين کي رڻ پٽ ۾ تبديل ڪري هڪ ٻئي رڻ پٽ چولستان کي آباد ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن ڏاهپ جو ڪم ناهي. ان ڪري اقتدار جي نشي ۾ ڌت حڪمرانن ۽ سندس ڪرتن ڌرتن کي گهرجي ته اهڙيون بيوقوفن واريون اسڪيمون جلد ئي رد ڪن ۽ سنڌو درياءَ جي ماضي واري حيثيت کي بنا ڪنهن سبب جي بحال ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي زرخيز زمين رڻ پٽ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي سگهي. هڪ ٻي ڳالهه جيڪا ارباب اقتدار کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌو درياءَ جيڪو سنڌ جي “لائف لائين” آهي، ان جي حفاظت جي لاءِ سنڌ جا غيرتمند ماڻهو ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا. سنڌو درياءَ ۽ سنڌي لازم و ملزوم جي حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌ جا رهواسي ڪڏهن به پنهنجي درياءَ کي ويران ۽ برباد ٿيندي نٿا ڏسي سگهن. ڇو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي رهواسين جي لاءِ مقدس درجو رکي ٿو.