ڪهاڻيوننئون هندي ڪهاڻي: ڪملي July 11, 2025 Zahida Abro ”ڪملي، مهرباني ڪري منھنجو به ڦُل ڀر. ٻه چار ڦوڪون ھڻان ته ڪو دماغ شانت ٿئي.” نانيءَ اھڙي ھدايت واري لهجي ۾ سڏ ڪيو جو سندس آوازا اڱڻ مان گذرندي رڌڻي ۾ ڪمليءَ جي ڪنن تائين وڃي پهتو.“اِجھو آيس ناني…” ڪمليءَ رڌڻي مان ئي وراڻيو.“منھنجي ڪم لاءِ ئي توکي ٻرو ڇو چڙھندو آھي. هميشه منھنجي ڪم کي ٽاريندي رھندي آھين. تنھنجا نخرا ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا ٿا وڃن. هاڻي تون پھرين واري ڪملي ناهين، ڪمسن ٿي وئي آھين.”“بس ٻه ٽي باسڻ ئي بچيا آھن ناني، ملي ڪري اچان ٿي.” ڪمليءَ جو تيز آواز رڌڻي جي ٻاھران نانيءَ جي ڪنن تي پيو.“واھه، تنھنجو آواز ٻاهر اچي ٿو سگهي، پر تون ٻاهر نٿي اچي سگھين. باسڻ ملڻ جو مون کي ڇا ٿي ٻُڌائين، ها، کاڌو کائيندينءَ ته باسڻ به ته ملنديئن نه؟ انھي ۾ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ڳالھه آھي؟ ڇا روٽي به ٻڌائي کائيندي آھين؟ الائي ڇا ٿيو آھي اڄڪلھه جي زماني کي. ٻار ته ٻار نوڪرن جي زبان به تيز هلي رھي آھي. ديوڪي، او ديوڪي، ڀلا تون ئي اُٿي ھُڪو ٺاهه، ھن مھاراڻيءَ کي ته منھنجي ڪم لاءِ فرصت ئي ڪونه آھي. ڏسجانءِ ته، رڌڻي ۾ ڪوئلا وسامي ته ڪونه ويا آھن.”“اچان ٿي ناني…!” مان پنھنجو ڪتاب ھنڌ تي ئي ڇڏي ڊوڙندي روُم کان ٻاهر نڪتس. نه اَچڻ جو اَنجام مون کي خبر ھئي.‘تون به ٻوڙي ٿي پئي آھين. مان ته هندستان ۾ اچي وڌيڪ پريشان ٿي پئي آهيان.’“ضرور ٿي ھونديئن. بلڪل ٿي ھونديئن. سنڌ ۾ چار چار نوڪر جو تنھنجي اڳيان پٺيان گھمندا هُئا. ھتي ته ھيءَ ويچاري اڪيلي آھي، ڪهڙو ڪم ڪري ۽ ڪهڙو ڇڏي۔” مون سوچيو، پر چئي نه سگھيس۔ ھٿ وٺي مصيبت کي سڏڻ ڪنھن کي ٿو وڻي۔منهنجا اکر منھنجي وات ۾ ئي رهجي ويا۔ نانيءَ جو آواز ته ڪڙڪي وارو هئو ئي، ڪاوڙ ۾ سندس وات مان ٻيا ئي آواز نڪرندا هُئا۔ اِن کان اڳُ مان ٻيو ڪجھ ٻڌان، مون ھُڪو کنيو ۽ ھوديءَ ڏانھن ڀڳس۔ ھُڪي جو پاڻي ھاريو ۽ اُن کي تازي پاڻيءَ سان ڀريو۔ ھُڪي جي ڍڪ کي اونڌو ڪري رک ھاريم ۽ پوءِ اُن ۾ ٽانڊا وجھڻ لاءِ رڌڻي ۾ ويس۔ڪمليءَ اَکيون مٿي ڪري مون ڏانھن نھاريو۔ لڳي پيو ھوءَ تمام ڪمزور ٿي وئي آھي۔ شايد ڪم جو بار نه پئي سهي سگھي، مٿان ڳرن لفظن جو طوفان۔ ڪملي منھنجي عُمر جي ھئي۔ نانيءَ جي ڏوھٽي مان به ھئس ۽ ھوءَ به، پر اسان ٻنھي ۾ فرق هو۔ مان ھنڌ تي سمھي سگھندي ھئس ۽ ھوءَ سخت پورھئي جي چڪيءَ ۾ ڦاٿل ھوندي ھئي۔ مان پڙھڻ لاءِ اسڪول ويندي ھئس، ھوءَ رڌڻي جو ڪم سنڀاليندي ھئي۔جڏھن ھُن منھنجي هٿ جو ڇھاءُ پنھنجي پٺيءَ تي محسوس ڪيو ته سندس اَکيون آليون ٿي ويون۔ ائين لڳو ڄڻ پراڻن زخمن مان ڪو روڳ وهي نڪتو ھجي۔ ھوءَ خاموش ھئي۔ خاموشي به ڪيڏي نه عجيب ھوندي آھي۔ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ھڪ ئي وقت گھڻيون ئي ڪھاڻيون ٻڌائي ويندي آھي۔ ها اِھا الڳ ڳالھ آھي ته ڪو سمجھي ڪو نه۔ ڪو محسوس ڪري سگهي ڪو نه۔“ڪملي، تون باسڻ مليندي وڃُ، مان تنھنجا مليل باسڻ ڌوئيندي ويندس۔ ائين ڪرڻ سان ڪم جلدي ختم ٿي ويندو۔ پوءِ تون وڃي ڪجھ آرام ڪجانءِ۔”“نه ديدي، باسڻ مان ملي وٺندس۔ توھان بس ڦُل ڀري نانيءَ کي ڏئي اچو۔۔۔۔” سندس نڪ جي سڻ سڻ ڪيترن ئي شين کي وھڻ کان روڪي ڇڏيو! ايترو ته منھنجو ٻاراڻو من سمجھي ويو هو۔مون ھُڪي جو ڦُل ڀري اچي نانيءَ جي پلنگ تي رکيو ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن وڌي رھي ھئس ته ٻاھران اڱڻ ۾ ناني کي ايندي ڏٺو۔“نانوُ اچي ويو!” مون ڊوڙندي چيو ۽ پنهنجون ٻانھون ناني جي ڳلي ۾ وڌيون.خوش رھه پٽ، خوش رھه! ٻڌاءِ، تنھنجي پڙھائي ته سُٺي پئي ھلي نه؟’ نانوءَ منھنجي مٿي تي ھٿ رکندي پڇيو۔“تمام سُٺي هلي رھي آھي نانو۔” ايترو چئي مون پنھنجي ڪمري ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، پر منهنجا پير رڪجيِ ويا۔“ڇوڪرين کي پڙھائڻ بيڪار آھي۔ سندن دماغ خراب ٿي ويندو آھي…” نانيءَ ھُڪي جو ٻڙڪو ڀري پنھنجي غير ضروري صلاح پيش ڪندي چيو۔“ڇو نه پڙھائجي؟ وقت بدلجي ويو آھي؟ مان ته چوان ٿو ڇو نه ڪمليءَ جي به ھن جي اسڪول ۾ ايڊمشن ڪرايون۔ ٻئي گڏجي وقت گذارينديون ۽ پڙھائي به ڪنديون۔“هاڻي بس به ڪيو، وڌيڪ دماغ خراب نه ڪيو ھُن جو۔ ھوُءَ به پڙھڻ ويندي ته پوءِ گھر جو ڪم ڪير سنڀاليندو؟ مان ته چئي ڦاٿس۔” نانيءَ جا ڀڻ ڀڻ وارا لفظ گھسڪندا منھنجي ڪنن تائين پهتا، جن ۾ ڪجھه ڪڙا، ڪجھ تيز لفظ هُئا، جيڪي منھنجي ڪنن ۾ ترندا رهيا۔“هاڻي ڳالھ کي وڌيڪ نه وڌاءِ!” نانوءَ پنھنجي ڪمري ڏانھن وڌندي نانيءَ کي چيو۔“اِھي گھٽ ذات وارا ماڻھو آھن… ڪيترو به سٺو هلون سڀ وساري ڇڏيندا آھن۔ زمانو ئي مٽجي ويو آھي۔ نه اُهي ماڻھو رهيا آھن ۽ نه ئي ڪنھن ۾ اها خوشبو باقي آھي۔”“ڀاڳن ڀري، هاڻي بس به ڪر۔ ٻئي نياڻيون ڇا نٿيون ڪن تنھنجي لاءِ؟ تنھنجي هر فرمائش پوري ڪنديون آهن۔ ھڪ يا ٻن پَلن جي دير ته ٿي ئي ويندي آھي۔ تو ته پنھنجي زندگي گذاري ڇڏي، هنن جي اڳيان سڄي زندگي پئي آھي۔ مون کي تنھنجون اِھي ڳالهيون بلڪل نه وڻنديون آهن ۽ نه ئي توکي اھو چوڻ سنھائي ٿو۔”“جيڪڏھن توھان کي منھنجي ڳالھ نٿي وڻي ته پوءِ۔۔۔!” نانيءَ اڃان ڳالھائڻ ختم ئي نه ڪيو هو ته ناني رعبدار آواز ۾ چيو۔“ماڻھو پنھنجي ئي گھر ۾ ڪجھه پَلن لاءِ به آرام سان نٿو ويھي سگهي۔ ڪم تان موٽي اچجي ته گھر گھر لڳڻ گھرجي۔ هميشه تنھنجي شڪايتن جو دڪان کليو پيو ھوندو آھي۔”‘ها، ها، هاڻي ھيءُ منھنجو دڪان آھي ۽ ھوءَ توھان جي… اهوئي چوڻ ٿا چاهيو نه؟’‘هاڻي بس کڻي ڪر۔ مان ٿورو آرام ڪيان۔’روٽي ته کائي وٺو۔ خالي پيٽ سمھندئو ڇا؟ ڪملي، او ڪملي، نانھن کي روٽي ته پائي ڏي، هٿ پير جلدي ھلائي۔” نانيءَ جو رعبدار آواز ٻُڌڻ ۾ آيو۔‘اچان ٿي ناني، اِجھو آيس۔ تئي تان ڪوسي ڪوسي روٽي لاھي کڻي ٿي اچان۔’مان ايتري وڏي ته ڪونه ھئس، پر خبر ناهي منھنجي نانيءَ جون ٽوڪ ٽوڪ واريون ڳالهيون مون کي تيِرن جيان ڇو چڀنديون ھيون؟ اميِري ۽ غريِبيءَ جي ڀت نازڪ ناهي، سِرُن کان به وڌيڪ مضبوط ھوندي آھي۔ لاڙڪاڻي ۾ زمينداري ھئي۔ ھڪ وڏي حويلي، ھڪ بگي۔ چار چار نوڪرياڻيون ڏينھن رات سندس اڳيان پٺيان پيون گھمنديوُن ھيون۔ ھڪڙيِ سڄو ڏينھن گھر جي صفائي ڪري، نانيءَ جو ھنڌ ٺاھي، ڪپڙا ڌوئي، سڪائي، استري ڪري ٺاھي رکندي۔ ٻي وري چانھ، پاڻي، ناشتي ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست ڪندي۔ ٽيِن گھر ۾ کٽل شيون بازار مان آڻيندي ۽ سڄي گھر جو خيال رکندي ۽ چوٿين ھيءَ ڪملي جيڪا ڏھن سالن جي عمر کان نانيءَ جي سيوا ڪري رھي آھي۔ ھوءَ نانيءَ جي هر سڏ تي حاضر ھوُندي آھي، چاهي ناني ڪجھ به گھري، ڪنھن به وقت گھري۔“اڙي ڪملي، منھنجي چمپل ته کڻي اچُ۔ ڏس ته مون ڪنگڻ ڪٿي رکيو آھي؟ منھنجي عينڪ صاف ڪر۔ منھنجي لاءِ چانھ ڪاڙھي اچ۔۔!” اھڙا ننڍا ننڍا ڪم ڪمليءَ جي ذميداري ھئي۔ اٽڪل منھنجي عُمر جي ھئي، پر سنڌ ۾ به، مان اسڪول ويندي ھئس ۽ ھوءَ نانيءَ جي سيوا ۾ مشغول ھوندي ھئي۔ سندس سڀ کان وڏو ڪم ھو ڏينھن ۾ ٻه ٽي ڀيرا نانيءَ جي ھڪي کي ڀري نانيءَ اڳيان رکڻ۔ گھر ۾ ڪنھن کي به اِھا لت نه ھئي سواءِ نانيءَ جي۔ منھنجو نانو ٻيڙي پيئندو هو ۽ منھنجو پيءُ شراب پيئندو هو۔ ٻيا سڀ ماڻھو صاف سٿري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندا هُئا۔آخر موسم مٽجي۔ بهارن ۾ خزان جي اَچڻ جا امڪان وڌڻ لڳا۔ گوڙ وڌي ويو، فساد ٿيا، ويڙهه ٿي۔ ظلم ۽ ڏاڍ جي باھ ناني کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي تنھن کان اڳ ناني پنھنجي عزت بچائڻ لاءِ ھڪ مُسلمان دوست جي مدد سان پنھنجي سڄي خاندان کي پوربندر موڪلڻ شروع ڪيو۔ سندن رھائش ۽ کاڌي پيِتي جو بندوبست به هندستان ۾ ڪيو ويو۔ نانو ۽ ناني آيا ۽ اُنھن سان گڏ منھنجو پيءُ، مان ۽ ڪملي به آياسين۔ منھنجي ماءُ بابت ناني چوندي آھي، “تنھنجي ڪري، تنھنجي ماءُ کي پنھنجي جان وڃائڻي پئي۔ نه تون ڄمين ها ۽ نه ئي ھوءَ مري ها۔” ھوءَ پنھنجي سيني تي ڌڪ هڻي “ھاءِ، ھاءِ، منھنجي مومل راڻي” چوندي ڌيءَ جي موت جو ماتم منائيندي ھئي۔ڪمسن کي سنڌ مان وٺي پئي آياسين ته نانيءَ سندس سڃاڻپ ڏيندي چيو، “ھيءَ منھنجي ڏوھٽي آھي ڪملي۔ ٻن سالن جي ھئي جو ماڻس گذاري وئي۔ هاڻي مان ئي سندس ماءُ به آهيان ته ناني به۔ ايترو چئي، پنھنجي دُپٽي سان اَکيون اگھندي، نانيءَ ڪمليءَ جو ھٿ جھليندي، گاڏيءَ جي اِنتظار ۾ ويٺل ميڙ مان پنھنجي لٺ جي آواز سان رستو تيار ڪندي وڌي نڪتي۔ ھيءَ مهارت ڪو منھنجي نانيءَ کان سکي، پراون کي پنھنجو ۽ پنھنجن کي پرائو بڻائڻ۔مان سوچيندي رھيس ته منھنجي ماءُ سندس اڪيلي ڌيءَ ھئي جيڪا مونکي جنم ڏيڻ کانپوءِ ھيءَ دنيا ڇڏي وئي۔ ڪملي ھڪ مُسلمان اناٿ ھئي، جنهن سنڌ ۾ ناني کان پناھه وٺي نانيءَ جي سيوا ڪندي گھر ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي۔ ھيءَ ڪهڙي ڌيءَ آھي جيڪا اُنھن جي ڏوھٽي بڻجي وئي؟ مان سوچينديي رھيس، پر ڪنھن به سوال جو مناسب جواب نه ڳولھي سگھيس۔خير، اسان سنڌ ڇڏي هند ۾ آباد ٿياسين۔ گھر به آباد ٿي ويو۔ دڪان شروع ٿيو ۽ مون کي هِتان جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو۔ ڪمليءَ کي گھر جي ڪم ڪار ۽ نانيءَ جي سيوا جي ذميداري کڻڻي پئي۔ وقت ۽ ماحول جي لحاظ کان، ھوءَ پنهنجون سيوائون ڏيندي ڪڏهن ڪملي، ته ڪڏهن ڪمسن۔ ڪڏهن ھِندوُ ته ڪڏهن مُسلمان بڻجي ويندي ھئي۔ وقت جون شڪلون به پنھنجا نقاب بدلائينديون آھن۔ ھڪ ڏينھن اوچتو منھنجي پِتا کي دل جو دورو پيو ۽ هو ھيءَ دنيا ڇڏي ويو۔ نانو بلڪل اڪيلو ٿي پيو۔ ائين ته ناني ھئي، پر ھوءَ تلخ سُرن ۾ ڳالھائيندي ڪيتريون ئي ڳالهيون لڪائي ويندي ھئي۔ کٽ تي ليٽيل نانيءَ جي پيرن تي ڪمليءَ جا هٿ چڱي دير تائين هلندا رهيا، ڪڏهن مٿي، ڪڏهن ھيٺ ته ڪڏهن ھيٺ گھمندي نانيءَ جي جسم کي فرحت ڏيندا رهيا۔ اڄُ نانيءَ کي الائي ڇو ھن يتيِم نياڻيءَ لاءِ اَفسوس ٿيڻ لڳو۔ پنھنجي ڌيءَ سان گڏُ، ھُن کي ڪمسن جي ماءُ نگينه به ياد آئي، جنهن اسان جي گھر ۾ پناھ ورتي ۽ آخر تائين ساٿ نڀائي وئي۔ رب جي رضا ۾ ڪو جھاتي پائي سگھيو آھي؟ ٻئي ساڳيءَ عُمر جون، پنهنجين ڌيئرن کي اَمانت طور سندس گود ۾ ڇڏي ويون۔ نانيءَ ھڪ کن لاءِ به ڪونه سوچيو ۽ ٻنھي کي پنھنجي ھٿن ۾ کڻي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو۔ لعنت ھجي ورھاڱي کي جنهن نه رڳو زمين جا، پر دلين جا به ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيا۔ ھِندوُ ۽ مُسلمان ھڪ ٻئي جا دشمن بڻجي ويا۔ سچ ته اھو آھي ته نانيءَ جو من به هِتان ۽ اُتان جي يادن جي وچ ۾ لڏندو رھيو۔نانيءَ جا مائٽ، ڀائر ۽ ڀينرون لڏپلاڻ ۾ گھمندي ڦرندي ورھائجي ويا۔ ڪجھ ھتي آيا، ڪجھ اُتي رهيا۔ ممتا جي ڇاتيءَ ۾ رھنڊ اچي وئي۔ سندس پنھنجي ڏوھٽي ۽ نگينه جي جوان ڌيءَ ڪمسن، جيڪا نه سندس پنهنجي ھئي ۽ نه ئي ڪنھن ٻئي جي۔ ٻنھي جي سنڀال ڪندي ناني هاڻي ٿڪجي پئي ھئي۔ ھُن به ته گھڻو ڪجھ وڃايو هو۔ رشتن جي هار ۾ چار موتي باقي هُئا، نانو، ناني، مان ۽ ڪملي.ناني سوچ جي گھٽين مان گذرندي نھار جي کٽ تي ليٽئي ليٽئي ڪمليءَ جي ھٿن جي دٻاءُ جو لطف ماڻي رھي ھئي۔“ناني، اوھان کي گرمي لڳندي ھجي ته مان وڃڻو لوڏايان۔ ھوا به ته ڪوسي آھي۔” معصوم نياڻيءَ جي سِڪ ڀرئي آواز ۾ الائي ڪهڙو جادو هو جو نانيءَ جي دل رحم سان ڀرجي وئي۔ ھوءَ پنھنجي ٽنگ مٿي ڪندي کٽ تي ويٺي ۽ ڪمليءَ جي پيشانيءَ کي پيار سان چُمندي چيائين، “ڪملي، هاڻي تون به ديوڪيءَ جي ڪمري ۾ وڃُ ۽ آرام ڪر۔ سڄو ڏينھن پئي ٿي ڪم ڪرين۔ منھنجي ڳالھين کي دل تي نه کڻندي ڪر۔ مان ٻڍي ٿي وئي آهيان ۽ مون کي بڙ بڙ جي بيماري ٿي پئي آھي۔ اڄُ کان تون ڪمسن نه آھين، تون صرف ڪملي آھين، منھنجي ڪملي۔”“ناني…!” ائين چئي ڪملي نانيءَ جي گود ۾ سمائجي وئي۔“سڀاڻي مان تنھنجي ناني کي چئي توکي به ديوڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندس۔ تون به ھُن سان گڏ رھي پڙھي لِکي وٺجانءِ۔”۽ نانيءَ جي اکين مان ٻه موتي نڪتا. هِڪُ ديوڪيءَ لاءِ، هِڪُ ڪمليءَ لاءِ.*** Post Views: 282