ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: سياڻي ٻڍڙي

ڪهاڻيڪار: سيلي جينز

ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، ھن پنھنجي ٽنھي ساٿين کي مانيءَ جي دعوت تي سڏايو. الزامور کي چڱيءَ پر سُڌِ ھئي ته سنگتين کي خوش ڪئي بنا، کانئن ڪم ڪڍڻ ڪيڏو نه ڪٺن آهي.

“دوستو!” ھن پنھنجو جام کنيو. “اسان ماڻھن پنھنجي منصوبي جو ھر پاسي کان جائزو ورتو آهي، ڪٿي به جھول نه اٿس. پوءِ به مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏھن توھان جو ڪو پڇيل سوال، ان منصوبي جو ڪمزور پاسو ظاھر ڪري وجھي. ڇا؟ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو سوال پڇڻو آھي؟”

ٽونيءَ چيو؛ “باس! رڳو ھڪڙو سوال؛ اسان ماڻھو ڪيستائين روڊ کوٽيندا رھنداسين؟”

“بس ٻن ڏينھن تائين.. صبح کان شام تائين، اٺ ڪلاڪ، پر جي ضرورت پئي ته ٿورو وڌيڪ به…”

“ڀلا ڪنھن کي ڪو شڪ شبھو ته نه ٿيندو. نيٺ اسان ماڻھو، نه ميونسپل ڪاميٽيءَ طرفان ٿا کوٽائي ڪيون، نه واٽر بورڊ جي طرفان، نه گئس ڪمپنيءَ جي طرفان ۽ نه وري ٽيليفون کاتي طرفان. آخرڪار اسان کي روڊ کوٽڻ جو حق ڪھڙو آهي؟”

“تو ھڪڙو سٺو سوال اٿاريو آهي ٽوني!” الزامور چيو؛ “مگر تو اڃان انساني فطرت کي سڃاتو ئي ناھي. ڇا تون روڊ تان ڪڏھن ان وقت لنگھيو آھين، جڏھن ٿورا مزدور روڊ پيا کوٽيندا ھجن؟ ڇا تو به بيھي ڪڏھن کانئن پڇيو آھي ته توھان ماڻھو آھيو ڪير ۽ توھان کي ڪھڙو حق آهي؟ ڇا تو ڪڏھن ان قسم جو سوال ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ کي پڇندي ڏٺو آھي؟ ھرگز نه! ڪنھن کي ڪھڙي پئي آهي جو پنھنجو ڪم ڇڏي ويٺو ان قسم جا وائڙا سوال پڇي ۽ پنھنجو وقت وڃائي. سڀئي پنھنجي واٽ وَھندا ويندا آھن. بھرحال جيڪڏھن ڪنھن پڇيو به ته جواب ڏيڻ لاءِ مان ويٺو ھوندم. فورمين واري لباس ۾.”

“باس!” بل جيڪ پھريون ڀيرو ڳالھايو؛ “اھا ڪا ڀلي ڳالھ ناھي جو تون رڳو بيھي اسان ماڻھن کي ڪم ڪندي ڏسندو رھندين. جڏھن ته اصل محنت اسان ماڻھو پيا ڪنداسين، اھو انصاف ناھي.”

“اصل ڪم آهي مغز جو. بھرحال جيڪڏھن پنجاھ ھزار پائونڊن لاءِ اوھان کي ٻه ڏھاڙا کوٽائي ڪرڻي پئي ته آخر ان ۾ حرج ڪھڙو آهي؟ ٿوري ٿڪي ورزش ئي ٿي ويندي، ٻيو ڇا؟ وٺو! ھيءُ انگورَ کائو!”

پوءِ ھن ميز تي مڪ ھڻي ڪڍي. اھو ان ڳالھ ڏانھن اشارو ھو ته ھاڻي ھيءَ محفل برخواست ٿي ڪجي… ۽ سڀاڻي کان ڪم شروع ٿي ويندو.

ڪرزن اسٽريٽ جي وچ تي انٽرنيشنل بينڪ جي فارين ڪرنسيءَ جي شاخ ھئي. الزامور، روڊ جي کوٽائيءَ لاءِ ضروري سامان پھچائي ڇڏيو ھو. اتي روڊ جي ٻنھي پاسي، ٻه بورڊ به لڳل ھئا جن تي لکيل ھو؛ “خطره! ھتي مزدور کوٽائي پيا ڪن.” متاثره ايراضيءَ جي چوڌاري ريلنگ پڻ لڳائي وئي ھئي ۽ چئن ڳاڙھين بتين جو بندوبست پڻ ٿيل ھو.

“ياد رکو!” الزامور، مزدورن کي مخاطب ٿيندي چيو؛ “ڇھن فوٽن جي کوٽائيءَ کانپوءِ، ھڪڙو پائيپ نظر ايندو. توھان جو ڪم اھو آهي ته ان پائيپ جي پاسي کان کوٽائي ڪندا ھلجو، ڇو جو اھو رستو بينڪ جي خزاني جي فرش تائين پھچندو آهي. اسان کي سڀاڻي شام تائين، ان ھنڌ تي پھچي وڃڻ گھرجي. تيستائين بينڪ به بند ٿي چڪي ھوندي ۽ عمارت صفا خالي ھوندي.”

مانجھانڌي ڪرڻ شرط ئي مزدور وٺجي ويا ھئا. آرام ڪرڻ لاءِ مھلت گھريائون، پر الزامور ٺپ جواب ڏنن. ڪم کي ھلندو رکڻ، اشد ضروري ھو، پوءِ ته شام ٿي وئي. الزامور، موڪل جو اعلان ڪيو؛ “اسان کي اڄ ھيستائين کوٽائي ڪرڻي ھئي! نه ڪري سگھياسين. ان ڪري سڀاڻي توھان کي وڌيڪ پورھيو ڪرڻو پوندو. ھاڻ، توھان گھر وڃو ۽ وڃي آرام ڪيو.”

ٻئي ڏينھن صبح جو ھڙئي ماڻھو پنھنجي ڪم تي پھچي چڪا ھئا. کوٽائي ڏاڍي سخت ھئي، ڇو جو پٿريلي زمين جي کوٽائي ڪرڻ سولو ڪم نه ھو. بينڪ جي پيڙھ گھڻي گھري ھئي. بھرحال شام جو پنجين وڳي تائين منصوبي مطابق کوٽائي مڪمل ٿي چڪي ھئي. ھاڻ کين صرف انتظار ھو ته بينڪ بند ٿئي ۽ سڄي اسٽاف جا ماڻھو ھليا وڃن.

شام جو ساڍي پنجين وڳي تائين، اسٽاف جو آخري ھمراھ به وڃي چڪو ھو. بينڪ جي سمورن دروازن کي تالا لڳي چڪا ھئا. ھڪ ڀيرو ٻيھر کوٽائي شروع ٿي وئي. بينڪ جي فرش جي ھيٺان، الزامور ڳاڙھيون بتيون ٻاري ڇڏيون ته جيئن ٽريفڪ ٻئي پاسي کان لنگھندي رھي. سوا ڇھين وڳي تائين فرش ۾ ايترو کڏو کوٽجي چڪو ھو جو ھڪڙو ڄڻو سولائيءَ سان منجھانئس لنگھي وڃي. سڀ کان پھرين انھيءَ ڳڙکيءَ مان ٽونيءَ کي اندر اماڻيو ويو. کيس تالن ڀڃڻ جا اوزار ساڻ ھئا. سندس پٺيان جيڪ ولن کي ۽ آخر ۾ الزامور پاڻ گھڙي ويو. الزامور جي ٻنھي ھٿن ۾ وڏي پاور جون ٽارچون ٻري رھيون ھيون.

پر چئني جون اکيون ڦاٽل ئي رھجي ويون. پوليس کين گھيرو چاڙھي چڪي ھئي. پوليس سان گڏ اھا ٻڍڙي به ساڻ ھئي جيڪا روڊ جي پاسي ۾ ويھي ٻارن لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ۽ رانديڪڙا کپائيندي آھي. الزامور، وڏي حيرت مان سپاھين کي ڏٺو، پر ڪنھن سپاھيءَ جي ڳالھائڻ کان اڳ، اھا ٻڍڙي عورت اڳيان آئي ۽ مرڪي چئني ڏوھارين کي ڏٺائين ۽ سوڀائتي انداز ۾ کين چيائين؛ “مون ئي ھنن کي ٽيليفون ڪئي ھئي ته ھتي ڪا وڏي گڙٻڙ ٿي لڳي. ان شڪ جو سبب اھو ھو ته توھان ماڻھو عام مزدورن کان وڌيڪ صحتمند ۽ چالاڪ پئي نظر آيا. توھان جھٽ پلڪ به اجائي نه وڃائي آهي. توھان منجھان ڪنھن ھڪ به، ڪو سگريٽ به نه پيتو آهي. مانجھانڌي ڪرڻ خاطر به ڪم بند نه ڪيو اٿَوَ. وري مڙني کان وڏي ڳالھ اھا ته اوھان جو فورمين ھر ماڻھوءَ سان ڏاڍي نرمي ۽ شائستگيءَ سان پيو ڳالھائي. ان ڳالھ مان اھو ته چٽو پٽو ظاھر ھو ته اوھان ماڻھن، پنھنجي ڪنھن ذاتي فائدي لاءِ ڪم پئي ڪيو.”

(ابوالفرح ہمايون، ڪراچيءَ واري جي اردو ترجمي تان کنيل)

***