ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، ھن پنھنجي ٽنھي ساٿين کي مانيءَ جي دعوت تي سڏايو. الزامور کي چڱيءَ پر سُڌِ ھئي ته سنگتين کي خوش ڪئي بنا، کانئن ڪم ڪڍڻ ڪيڏو نه ڪٺن آهي.
“دوستو!” ھن پنھنجو جام کنيو. “اسان ماڻھن پنھنجي منصوبي جو ھر پاسي کان جائزو ورتو آهي، ڪٿي به جھول نه اٿس. پوءِ به مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏھن توھان جو ڪو پڇيل سوال، ان منصوبي جو ڪمزور پاسو ظاھر ڪري وجھي. ڇا؟ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو سوال پڇڻو آھي؟”
“بس ٻن ڏينھن تائين.. صبح کان شام تائين، اٺ ڪلاڪ، پر جي ضرورت پئي ته ٿورو وڌيڪ به…”
“ڀلا ڪنھن کي ڪو شڪ شبھو ته نه ٿيندو. نيٺ اسان ماڻھو، نه ميونسپل ڪاميٽيءَ طرفان ٿا کوٽائي ڪيون، نه واٽر بورڊ جي طرفان، نه گئس ڪمپنيءَ جي طرفان ۽ نه وري ٽيليفون کاتي طرفان. آخرڪار اسان کي روڊ کوٽڻ جو حق ڪھڙو آهي؟”
“تو ھڪڙو سٺو سوال اٿاريو آهي ٽوني!” الزامور چيو؛ “مگر تو اڃان انساني فطرت کي سڃاتو ئي ناھي. ڇا تون روڊ تان ڪڏھن ان وقت لنگھيو آھين، جڏھن ٿورا مزدور روڊ پيا کوٽيندا ھجن؟ ڇا تو به بيھي ڪڏھن کانئن پڇيو آھي ته توھان ماڻھو آھيو ڪير ۽ توھان کي ڪھڙو حق آهي؟ ڇا تو ڪڏھن ان قسم جو سوال ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ کي پڇندي ڏٺو آھي؟ ھرگز نه! ڪنھن کي ڪھڙي پئي آهي جو پنھنجو ڪم ڇڏي ويٺو ان قسم جا وائڙا سوال پڇي ۽ پنھنجو وقت وڃائي. سڀئي پنھنجي واٽ وَھندا ويندا آھن. بھرحال جيڪڏھن ڪنھن پڇيو به ته جواب ڏيڻ لاءِ مان ويٺو ھوندم. فورمين واري لباس ۾.”