بلاگنئون

ڌرتيءَ تي ماڻھن جو ڏينھن

اڄ به ھر سال جيان اسان ڌرتيءَ تي ماڻھن جي آباديءَ جو ڏينھن ملھايون ٿا جيڪو سن ۱۹۸۷ع ۾ ماڻھن جو تعداد پنج ارب ٿيڻ کانپوءِ اسان گڏيل قومن جي سڏ تي ملھائڻ شروع ڪيو. ڌرتيءَ تي ماڻھو، انھن جو تعداد، توليدي عادتون، سائنس جي ترقي، بيمارين کان بچاءُ ۽ حيات ھجڻ جي وڌندڙ امڪانن ۾ ھيلوڪو تڏو پرائو ۽ سور پنھنجا مصداق ملھائجندڙ ھي ڏڻ جدا جدا جذبن، ڪيفيتن، ھدفن ۽ نعرن سان پيو ملھائجي. ڌرتيءَ تي ماڻھن جي آبادي ۽ ھڪ صحتمند فرد جي حيات ھجڻ جي امڪانن تي اک وجهون ته منظر ڪجهه ھينئن آھي ته جڏھن سن ۱۹۶۱ع ۾ مان ڄائو ھئس ته دنيا ۾ ڪي ٽي ارب ماڻھو ڌرتيءَ تي موجود هئا يا جن جو ساڍا ۵۲ سال حيات ھجڻ جو امڪان ھو ۽ اڄ ۶۴ سالن کانپوءِ اسان ڌرتيءَ تي سوا اٺ ارب ماڻھو سوار آھيون جن جي حيات ھجڻ جو امڪان ۷۳ سال آھي. ماڻھوءَ جيڪو مستقبل بابت پراميد آهن، انھن جي لاءِ وڌيڪ امڪان آهي ته اهي پنھنجي ۽ پنھنجي ڪٽنب سان اهڙي زندگي گذارين جيڪا اهي چاهين ٿا.

اچو ته انھن نوجوانن سان گڏ بيهون ۽ هڪ اهڙو مستقبل ٺاهيون جتي هر ماڻهو پنهنجي حياتيءَ کي هڪ اهڙي ترتيب ڏئي سگهي جيڪا امن، انصاف، آجپي ۽ اميد سان ڀريل هجي. ھيلوڪي ھن ڏينھن يا ڏِڻَ  جو سڏ آھي ته نوجوانن کي بااختيار بڻايون. اهي جيڪي چاهين ٿا، اھڙا ڪٽنب ٺاهي سگهن. ڏٺو وڃي ته عالمي سطح تي پيدائش جي شرح گهٽجي رهي آهي، جنھن جي ڪري “ماڻھن جي آباديءَ جي خاتمي” کان ختم ٿيڻ بابت ڊيڄاريندڙ خبرون ڪيون پيون وڃن، پر گڏيل قومن جي آباديءَ بابت اداري يو اين ايف پي اي طرفان جاري ڪيل اسٽيٽ آف ورلڊ پاپوليشن رپورٽ ڏيکاري ٿي ته اصل مسئلو توليدي ساڃاھ جو آھي، جنھن جي شديدکوٽ آهي، ڪيترائي ماڻهو خاص طور تي نوجوان، اوترا ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل ڪونهن جيڪي اهي چاهين ٿا. ھتي ھرڪو پٽي پنھنجا، وارو ڪم آھي. ھڪڙن کي ھڪ اڌ ٻار ڄڻڻ لاءِ گهربل وسيلا ڪونھن ته ٻين کي وري انھن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو ڪرڻ جا وسيلا ڪونھن. پھريان ويٺا ٻارن لاءِ سڪن ۽ پويان وري بيزار.

ڌرتيءَ تي ماڻھن واري ڏينهن سن ۲۰۲۵ع جي هن ڏينھن سان به عجيب وارتا آھي، جيڪو چوڻ گهرون ٿا اھو واتان نٿو نڪري جو مٿي ڄاڻايل ٻئي ڪيفيتون انھيءَ ساڳي مصيبت جون پيدا ڪيل آھن جنھن کي سرمائيداري ٿا چئون ۽ آجپي جو دڳ رڳو اشتراڪيت آھي جنھن کان ٽھل دنيا ۾ ان جو نانءُ وٺڻ به سولو ڪونھي. ھن وقت ڌرتيءَ تي موجود ماڻھن جي تاريخ ۾ نوجوانن جي سڀ کان وڏي نسل تي ڌيان ڏيڻ جو سڏ آهي ته نوجوانن کي بااختيار بڻايون ته اهي جيڪي چاهين ٿا، اھڙا ڪٽنب ٺاهي سگهن، پر ان منزل تي پھچڻ جي سولي دڳ يا صفبنديءَ کان ڇرڪون ٿا.

نوجوانن جي مستقبل کي شڪل ڏيڻ لاءِ حق، وسيلا ۽ موقعا ڏيڻ جي ڳالھه ڪندي به ڪٽنب جو شوشو ڇڏڻ کان اسان جو تور گسي ڪونه ٿو. اھو انسان سازيءَ جو ڪٽنب وارو ڪرتب ته ڪٿي ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ ناهي پيو، مان ته اوھان کي ان پاسي به سوچڻ جو سڏ ڏيندس.

نوجوان اڳ ۾ ئي تبديليءَ جون اڻ ڳڻيون تحريڪون هلائي رهيا آهن، پر اتي اھي رڪاوٽن کي به منهن ڏين ٿا، جن ۾ سياسي سوچ، مذھبي بندشون، ڌرمن جا خوف، معاشي عدم تحفظ، صنفي عدم مساوات، محدود صحت جي سارسنڀال ۽ تعليم، بتال موسمون، ساھوڪار جا برپا ڪيل ھٿياربند تڪرار ۽ جنگيون شامل آھن.

عالمي آبادي جي رجحانن کي مؤثر طريقي سان جواب ڏيڻ لاءِ، اڳواڻن کي نوجوانن جي ضرورتن ۽ گهربل وسيلن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. انهن کي خدمتن کان وڌيڪ ضرورت آهي، امن، اميد، استحڪام ۽ مستقبل جي منصوبا بندي جي.

اڄ جو نوجوان رڳو پنھنجي پيٽ ڄاول ٻار بابت نٿو سوچي، پر هو ان دنيا بابت ٿو سوچي جيڪا انهن ٻارن کي ورثي ۾ ملندي. انهن جي حقن جي حمايت جٽادار ترقي، امن ۽ ماڻھپي جي ڪنجي آهي.

پاڻ اڳ به اھا ڳالھه ڪري آيا آھيون ته ۱۱ جولاءِ کي ڌرتيءَ تي ماڻھن جو ڏينھن چونڊڻ ڪو اتفاق نه ھو، پر ان ڏينھن سن ۱۹۸۷ع ۾ دنيا جي آبادي پنج ارب ماڻهن تائين پھتي هئي. دنيا جي آبادي کي ھڪ ارب تائين وڌڻ ۾ لکين سال لڳي ويا ۽ پوءِ رڳو ۲۰۰ سالن جي لڳ ڀڳ اها ست ڀيرا وڌي وئي. سن ۲۰۱۱ع ۾، عالمي آبادي ۷ ارب جي انگ تي پهچي وئي، جيڪا وري سن ۲۰۲۵ ۾ لڳ ڀڳ سوا اٺ ارب آهي ۽ سن ۲۰۳۰ع  ۾ ان جي لڳ ڀڳ ساڍن اٺن اربن ۽ سن ۲۱۰۰ع  ۾ يارھن اربن تائين وڌڻ جو امڪان آهي. جيتوڻيڪ توليدي عمر ۱۵ کان ۴۹ سالن واري عرصي ۾ سن ۱۹۷۰ع جي ۴.۵ ٻارن جي پيدائش کان ۲.۵ ٻارن ڄڻڻ واري ھاڻوڪي شرح به وڌندڙ حيات جي امڪانن سبب آباديءَ جي مجموعي اڍنگي واڌ کي گهٽ نه ڪري سگهي آھي. خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا ۾ جتي وڌندڙ آبادي سڀ کان وڏو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي، معاشي مسئلو ٿي اڀريو آھي.

ان کانسواءِ دنيا ۾ شهرن ڏي لڏپلاڻ وڌي رهي آهي. سن ۲۰۰۷ع پهريون سال هو جنهن ۾ ڳوٺاڻن علائقن جي ڀيٽ ۾ شهري علائقن ۾ وڌيڪ ماڻهو رهندا هئا ۽ سن ۲۰۵۰ع تائين دنيا جي آبادي جو تقريبن ۶۶ سيڪڙو شهرن ۾ رهندو. انهن عجيب روين جا دور رس اثر آهن. اهي معاشي ترقي، روزگار، آمدنيءَ جي ورڇ، غربت ۽ سماجي تحفظ کي متاثر ڪن ٿا. اهي صحت جي سار سنڀال، تعليم، رهائش، صفائي، پاڻي،کاڌي ۽ توانائيءَ جون سھولتون ھر شھريءَ لاءِ يقيني بڻائڻ جي ڪوششن کي پڻ متاثر ڪن ٿا. فردن جي ضرورتن کي جٽادار طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ پاليسي سازن کي سمجهڻ گهرجي ته ڌرتيءَ تي ڪيترا ماڻهو رهن پيا، اهي ڪٿي آهن، انهن جون عمريون ڪيتريون آهن ۽ انهن کانپوءِ ڪيترا ماڻهو ايندا. مستقبل بابت غير يقيني ۽ اڻ ڄاتل خوف جهڙوڪر موسمياتي تبديلي، ماحولياتي تباهي، جنگيون ۽ وبائي مرض، توليدي فيصلن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، تقريبن پنجن مان ھڪ چوي ٿو ته انهن خدشن سبب انھن پنھنجي خواهش کان گهٽ ٻار پيدا ڪيا آهن يا ڪندا. معاشي سبب جن ۾ رهائش، ٻارن جي سنڀال جا خرچ ۽ نوڪريءَ جو عدم تحفظ، ڪٽنب جي سائيز تي وڏيون حدون آهن. ٻار پيدا ڪرڻ جي عالمي سراسري عمر مسلسل وڌي رھي آهي ۽ هاڻي ۲۸ سالن تي پھتي آهي. توليدي عمر جي لڳ ڀڳ ويھه سيڪڙو بالغن کي ڀئو آهي ته اهي پنهنجي گهربل تعداد ۾ ٻار پيدا نه ڪري سگهندا. توليدي صحت جي سار سنڀال تائين رسائي هڪ وڏو مشڪل رهي ٿي ۱۸٪ حمل روڪڻ يا ٻار پيدا ڪرڻ سان لاڳاپيل خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلات کي منھن ڏئي رهيا آهن.

سن ۲۰۲۵ع ۾ دنيا گهٽجندڙ ٻار ڄڻڻ جي شرح عالمي سرخين ۾ پئي اچي، ڪجهه حڪومتون “آبادي جي خاتمي” جي خبرداري ڏئي رهيون آهن ۽ پيدائش کي وڌائڻ لاءِ سخت پاليسيون متعارف ڪرائي رهيون آهن. پر ساڳئي وقت، لکين ماڻهو اڃان تائين اوترا ٻار نٿا پيدا ڪري سگهن جيڪي اهي اصل ۾ چاهين ٿا. يو اين ايف پي اي جي تازي اسٽيٽ آف ورلڊ پاپوليشن رپورٽ موجب اصل بحران آبادي جي انگن اکرن بابت ناهي. اهو ماڻهن جي پنهنجي چونڊ ڪرڻ جي صلاحيت وڃائڻ بابت آهي. اهو توليدي آزاديءَ جو بحران آهي.

انھيءَ توليدي بحران ۾ سن ۲۰۲۵ع ۾ پاڪستان جي جملي آبادي ساڍن ۲۵ ڪروڙن کي وڃي ڌڪ ھڻندي، جن مان 1/3 شھرن ۾ آباد ھوندي. جنھن مان سنڌ جي آبادي ڇھن ڪروڙن کي ڌڪ ھڻندي، پر سنڌ ۾ شھري آبادي ۵۴ سيڪڙو ٿي ويندي.

هن ڏينهن جو ھدف نه ڪو آبادي گهٽائڻ، نه ڪو وڌائڻ آھي. اڄ ڪجهه اهڙن موضوعن بابت شعور اجاڳر ڪرڻو آهي جن تي ڳالھائڻ کان اسان ٽھندا آھيون. جهڙوڪر توليدي ساڃاھه، توليدي عمل، توليدي تعليم، آباديءَ ۾ ٿيندڙ تبديليون، لڏپلاڻ، حق، صحت، تعليم، پيئڻ جو پاڻي، نڪاسي، صحت جون سھولتون ۽ انھن تائين رسائي، توليدي صحت جون سھولتون، جٽادار ترقي ۽ غربت ۾ گهٽتائي، توليدي صحت ۽ خانداني منصوبابندي ۽ صنفي سراسري، برابري ۽ عورتن جي بااختيار زندگي وغيره. آباديءَ جي واڌ معيشت، ماحول، صحت جي سارسنڀال ۽ سماجي دائري تي اثر انداز ٿئي ٿي. ماڻھن جي آباديءَ جو عالمي ڏينهن، عالمي برادريءَ جي ڌيان کي جٽادار مستقبل لاءِ متوازن حل ڳولهڻ تي مرڪوز ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ڪجهه علائقن ۾ماڻھن جي آباديءَ ۾ ايتري تيز واڌ ٿئي پئي جو ڄڻ پر لڳل ھجنس ۽ ٻين ۾ وري وڌندڙ عمر واري آباديءَ جي وڌڻ کي نظر ۾ رکندي، آباديءَ جو ھيلوڪو ڏينهن ٻنھي مسئلن تي ڳالھه ٻولھه ڪرڻ ۽ گڏيل حل ڳولھڻ لاءِ هڪ لاڳاپيل منچ فراھم ڪري ٿو. لڏپلاڻ، شهري آبادين جو وڌڻ ۽ صحت جي سارسنڀال تائين رسائي تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو.

ڌرتيءَ تي ماڻھن جو ڏينھن جنھن کي غلط العام عالمي آبادي جو ڏينهن ٿا چئون اھو، اسان کي ياد ڏياريندڙ آهي ته ڌرتيءَ تي ماڻھن جي آبادي ڪو رڳو انگن نه، پر اربين ڪٿائون، قصا، ڪهاڻيون، حياتيون، زندگيون ۽ اميدون آهن. اهو ڏينھن اسان کان ڌرتيءَ جي وسيلن جي ذميوار سنڀال ۽ هر ساھ واري جي حقن جي احترام جو مطالبو ڪري ٿو.