خوبصورت گيتن جو خالق جاويد اختر
اڄ کان لڳ ڀڳ 20 سال اڳ، آئون پنهنجي ننڍپڻ ۾ جڏهن
”پنچھی، ندیا، پون کے جھونکے، کوئی سرحد نہ انھیں روکے… سرحدیں انسانوں کے لئے ہیں، سوچو تم نے اور مینے کیا پایا انساں ہوکے….“
گيت ٻُڌندو هئس ته مون تي ڏک جي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ آئون هڪ گَهري سوچ ۾ ٻُڏي ويندو هئس. اُن وقت مونکي اِها خبر هُئي ته هي گيت جاويد اختر جو لکيل آهي، پر اِها خبر نه هُئي ته جاويد اختر ايڏو وڏو ماڻهو آهي. سو، اڄ اسان پنهنجي هن مختصر ليک ۾ عظيم گيت ڪار، شاعر ۽ اديب جاويد اختر صاحب کي پيار مان ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.
جاويد اختر ننڍي کنڊ جي عِلم ادب ۽ فلمي دنيا جو تمام وڏو نالو آهي. جاويد اختر جي شخصيت جا تمام گهڻا پاسا آهن. هُو هڪ سُٺو شاعر ۽ گيت ڪار ته آهي ئي، پر هُو سُٺيون فلمون لکندڙ، اديب، مقرر ۽ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو آهي. جاويد اختر 17 جنوري، 1945ع تي گواليار مڌيا پرديش ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جان نثار اختر به بهترين شاعر هو، هن بالي ووڊ جي فلمن لاءِ به گيت لکيا هئا ۽ سندس ڏاڏو مضطر خيرآبادي به قدآور شاعر هو. جاويد اختر لکنئو مان پنهنجي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. هن گريجوئيشن سيفيا ڪاليج ڀوپال مان ڪئي.
هر عقيدي کان لاتعلق، امن، پيار ۽ پنهنجائپ ۾ يقين رکندڙ روشن خيال جاويد اختر پنهنجي اولاد فرحان اختر ۽ زويا اختر جي تربيت به ڪجهه اهڙي ڪئي آهي جو هُو به پنهنجي والد واري سوچ رکن ٿا ۽ اُهي به پنهنجي پنهنجي شعبي جا وڏا ماڻهو آهن. جاويد اختر هني ايراني پهرين ۽ مشهور اداڪاره شبانه اعظمي سان ٻي شادي ڪئي. شبانه اعظمي به پنهنجي فن جي حوالي سان تمام وڏو نالو آهي.
جاويد اختر جي شاعريءَ جي شروعات مختلف نفسياتي ۽ شعوري حوالن سان لاڳاپيل آهي. جاويد اختر جا غزل به فڪر انگيز ۽ وڻندڙ آهن. غزل جو هر شعر واحد هوندو آهي، پر جاويد اختر جي غزلن ۾ روان دوان ڪيفيت ملي ٿي.
هن جا نظم به ڪمال آهن. جن ۾ انساني جذبن جو اظهار نمايان نظر اچي ٿو. فلمن لاءِ لکيل سندس گيت به يادگار آهن. هن جا نظم ننڍين ننڍين ڳالهين کان شروع ٿيندي ڦهلجي وڃن ٿا. هن جي شاعري ڪنهن به حساس دل کي اکين ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ ڪافي آهي.
جاويد اختر، سليم خان سان گڏجي ڪيترين ئي شاندار فلمن جا اسڪرپٽ به لکيا. انهي ڪري سليم جاويد جي نالي سان هي جوڙي مشهور ٿي وئي. هنن 1971 کان 1982 تائين گڏجي ڪم ڪيو. ان کانپوءِ جاويد اختر ڪجهه فلمون لکيون جيڪي سندس پُٽ فرحان اختر ڊائريڪٽ ڪيون. جنهن ۾ شاهه رخ خان جي مشهور فلم ڊون جي سيريز به شامل آهي.
سليم جاويد جي مشهور فلمن ۾ هي فلمون نمايان آهن: ”شعلي“، ”زنجير“، ”ديوار“، ”ڊون“، ”مسٽر انڊيا“، ”ترشول“، ”يادون ڪي بارات“، ”شان“، ”ڪرانتي“، ”مجبور“، ”زمانہ“، ”فلڪ“.
جاويد اختر کي فلمي دنيا جي مختلف گيتن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن، جن ۾ پدم شري ۽ پدم ڀوشن ايوارڊ به شامل آهن. کيس 14 فلم فيئر ايوارڊن سان گڏ ساهته اڪيڊمي ايوارڊ ۽ زي سِني ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.
سلسلا فلم جو مشهور گيت:
”ديکھا ايک خواب تو يہ سلسلے ہوئے“
به جاويد اختر صاحب جو لکيل آهي، جنهن کي ڪشور ڪمار ۽ لتا منگيشڪر ڳائي امر ڪري ڇڏيو. جاويد اختر جي ٻين بهترين گيتن ۾ ڪجهه هي گيت به شامل آهن:
”سندیسے آتے ہیں، جانے کیوں لوگ پیار کرتے ہیں، او ری چھوری، یے کھاں آ گئے ہم، پنچھی ندیا پون کے جھونکے کوئی سرحد نہ انھیں روکے، متوا، یے تارا وہ تارا ہر تارا، دو پل رکا خوابوں کا کارواں، میرے محبوب میرے صنم“
جاويد اختر صاحب شاعري ۽ گيت ڪاري سان گڏ مختلف ٽي وي چينلز تي موسيقيءَ جي ۽ فلمن جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرامن ۾ جج طور به حصو وٺندو رهيو آهي. مشهور شاعر ۽ اديب گلزار سان گڏ به مختلف پروگرامن ۾ ايندو رهندو آهي ۽ سندن گفتگو لاجواب هوندي آهي. تازو ئي جاويد اختر صاحب جي هڪ ڪتاب جي مهورت ٿي رهي هئي، ان تقريب ۾ جاويد اختر ۽ گلزار صاحب ايڏيون ته وڻندڙ ڳالهيون ڪيون آهن جو سامهون ويٺل ٽهڪن ۾ ٻُڏي ٿا وڃن. جن ۾ اداڪاره تبو ۽ دويا دتا به شامل آهن. اُها وڊيو يوٽيوب تي رکيل آهي، اُتان ڏسي سگهجي ٿي.
لاوا ۽ ترڪش سميت جاويد اختر جا ڪيترائي ڪتاب مشهوري ماڻي چڪا آهن، جن ۾ هِن زندگي، انساني جذبن، فلمن ۽ شاعري تي دل کولي لکيو آهي. جاويد اختر مختلف فلمي شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ”دي ليجينڊز“ جي نالي سان هڪ مشهور پروگرام جي ميزباني به ڪندو رهيو آهي. جاويد اختر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ به کرو آهي. هُو مختلف وقتن تي پاڪستان جا دورا به ڪندو رهيو آهي. گذريل سال به هُو لاهور ۾ فيض ميلي ۾ آيو هو. اُتي به هُن سچيون ۽ تلخ ڳالهيون ڪيون، جيڪي هضم ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي… اصل ۾ سندس هِتي اچڻ، سندس اردو ٻولي، فيض احمد فيض صاحب ۽ پنهنجي چاهيندڙن سان بي پناهه پيار ئي آهي.
اسان جي اِها آس آهي ته جاويد اختر صاحب ايئن ئي سدابهار رهندي، علم ادب، فلمن ۽ موسيقي سميت سماج ۾ روشن خيالي جي پرچار ڪندو رهي. جاويد صاحب لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنائون.
***