بلاگنئون

ڌرتيءَ جا فاتح (قسط پھرين)

ليکڪ: يووال نوح هراري
نه صرف توھان ۽ توھان جا دوست، پر ھر قسم جي جانورن جي لاءِ وڏو ٿيڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آھي. شينهن جي ٻچي کي وڏي ٿيڻ لاءِ ڀڄڻ جي سکيا سان گڏ زيبرا کي شڪار ڪرڻ بابت سکيا جي ضرورت پوي ٿي. ڊولفن جي ٻچي کي پاڻيءَ ۾ ترڻ ۽ مڇي کي پڪڙڻ بابت سکيا جي ضرورت پوي ٿي. باز جي ٻچي کي اڏامڻ ۽ آکيري ٺاھڻ جي ضرورت پوي ٿي. اھو ڪو سھنجو ڪم نه آھي، پر انسانن جي واڌ ويجھه اوکو ڪم آھي، ڇاڪاڻ جو اسان کي اھا پڪ نه آھي ته اسان کي سکڻ ڇا گھرجي. شينھن ڊوڙن ٿا ۽ زيبرا جو شڪار ڪن ٿا. ڊولفن ترن ٿيون ۽ مڇين کي پڪڙين ٿيون. باز اڏامن ٿا ۽ آکيرو ٺاھين ٿا- ته پوءِ انسان ڇا ٿا ڪن؟ جڏھن توھان وڏا ٿيو ٿا ته توھان شينھن جي ڊوڙڻ کان وڌيڪ تيز ڪار کي ڊوڙائي سگھو ٿا. توھان ڪنھن به ڊولفن جي ترڻ کان وڌيڪ بحري ٻيڙي کي تاري سگھو ٿا. توھان ڪنھن باز جي اوچي اڏام کان به وڌيڪ جھاز کي اڏائي سگھو ٿا. توھان ٻيون اھڙيون لکين شيون ڪري سگھو ٿا، جنھن جو جانور ڪو تصور به نٿا ڪري سگھن. جيئن؛ ڪمپيوٽر راند جي ايجاد، نئين قسم جي دوا جي ايجاد، مريخ ڏانھن سفر جي پيش قدمي يا سڄو ڏينھن گھر ۾ ويھي ٽيليويزن ڏسڻ وغيرہ. انسانن وٽ ڪيتريون ئي چونڊون آھن. تنھنڪري انسان ھئڻ سچ پچ منجھائيندڙ آھي، پر تنھن باوجود به اھو ڪو مسئلو نه آھي. سٺي خبر اھا آھي ته انسانن جي ھٿ وس ڪيتريون ئي چونڊون آھن، ان جو سبب اھو آھي ته اسان انسان ڌرتيءَ جي سياري تي حڪمراني ڪريون ٿا.
ڪو وقت ھو، جو ڌرتيءَ جي ھن گولي تي مختلف جانورن جي حڪومت ھئي. شينهن، رڇن ۽ ھاٿين زمين تي حڪمراني ڪئي. ڊولفن، وھيل ۽ شارڪ مڇين سمنڊ تي حڪمراني ڪئي. بازن، چٻرن ۽ ڳجھن آسمان تي حڪمراني ڪئي، پر ھاڻ اسان انسان زمين، سمنڊ ۽ آسمان جي ھر شيءِ تي حڪمراني ڪريون ٿا. اسان پنھنجين ڪارن، بحري جھازن ۽ ھوائي جھازن ۾ جتي به وڃون ٿا ته اتان شينھن، ڊولفن ۽ باز ڀڄي ٽارو ڪن ٿا. اھي جانور اسان کي ٻيلن ۾ ھاءِ ويز ٺاھڻ کان نٿا روڪي سگھن. اھي اسان کي سندن درياھن تي ڊيم ٺاھڻ کان نٿا روڪي سگھن. اھي اسان کي سمنڊن ۽ آسمانن کي گدلو ڪرڻ کان نٿا روڪي سگھن. حقيقت ۾ اسان انسان ايترا ته سگھارا آھيون، جو ٻين جانورن جي بخت جو تارو اسان تي دارومدار رکي ٿو. شينهن، ڊولفن ۽ باز اڃان تائين پنھنجو وجود ان ڪري برقرار رکي سگهيا آھن، جو اسان انھن کي زندہ رھڻ جي اجازت ڏني آھي. جيڪڏهن انسان سڀني شينھن، ڊولفن ۽ بازن مان جند ڇڏائڻ چاھين ته ھوند ھڪ سال ئي ڪافي آھي! اسان وٽ گھڻي سگھه آھي. ان کي صحيح ۽ غلط نموني استعمال ڪري سگھجي ٿو. بھتر انسان ٿيڻ لاءِ اسان کي پنھنجي سگھه جي استعمال بابت ڄاڻ ھئڻ گھرجي. ان لاءِ اسان کي خبر ھئڻ گھرجي ته اسان پنھنجي سگھه ڪٿان حاصل ڪئي. اسان انسان شينھن وانگر مضبوط نه آھيون، اسان ڊولفن وانگر تري نٿا سگھون ۽ اسان کي يقينن ”پر“ به نه آھن. سو اسان آخرڪار ھن ڌرتيءَ جي گرھه جا فاتح ڪيئن بڻياسين! ان سوال جو جواب ھڪ سگھاري ڪھاڻي آھي (جيڪا سچي پڻ آھي)، جنھن کي توھان کي ٻڌڻو پوندو.
انسان جانور آھن. اسان ڪنھن دور ۾ جھنگلي ھئاسين. اسان جي ڪھاڻي لکين سالن تي محيط آھي. گھڻو اڳ انسان صرف معمولي جانور ھئا. انسان گھرن ۾ نه رھندا ھئا، اسڪول يا ڪم ڪار تي نه ويندا ھئا ۽ انھن وٽ ڪارون، ڪمپيوٽر ۽ اجگر مارڪيٽون نه ھيون. اھي جھنگ ۾ رھندا ھئا، اھي ميوو حاصل ڪرڻ لاءِ وڻن تي چڙھندا ھئا، اھي کنڀين جي ڳولھا ۾ ڀٽڪندا رھندا ھئا ۽ اھي ڪيئان، جيت ۽ ڏيڏر کائيندا ھئا. زراف، زيبرا ۽ لنگور انسانن کان نه ڊڄندا ھئا ۽ اھي انسانن کي ليکي ۾ به نه آڻيندا ھئا. ڪنھن کي ائين تصور ۾ به نه ھو ته ڪو ھڪ ڏينھن انسان چنڊ تي اڏام ڪندا، ائٽم بم ٺاھيندا ۽ ڪتاب لکندا! اوائلي عھد ۾ انسانن کي اوزار ٺاھڻ جو علم نه ھو. ڪڏھن ڪڏھن اھي اکروٽن کي ڀڃڻ لاءِ پٿرن کي استعمال ڪندا ھئا، پر انھن وٽ ان عرصي ۾ تير ۽ ڪمان، ڀالا ۽ بڙڇيون ۽ چاقون نه ھئا. انسان نسبتي ڪمزور جانور ھئا، جڏھن به ڪو شينھن يا ڪو رڇ ايندو ھو ته انسان اتان ڀڄي ويندا ھئا.
ڪيترائي ٻار آڌيءَ رات جو ان خوف کان جاڳندا رھندا آھن ته سندن بيڊ جي ھيٺان ڪو ديو يا راڪاس موجود آھي. دراصل اھا لکين سال اڳ جي ياد آھي. ماضيءَ ۾ واقعي به اھڙا راڪاس ھئا، جيڪي رات جو ٻارڙن کي ڊيڄاريندا ھئا. جيڪڏهن اونداھيءَ ۾ ڪو آواز ٻڌبو ھو ته اھو شينھن ٿي پئي سگھيو، جيڪو توھان کي کائڻ لاءِ اچي رھيو ھو. جيڪڏهن توھان وڻ جي اوچائيءَ تي تڪڙا چڙھي ويا ھوندا ته اوھان زندہ بچي ويا ھوندا، پر جيڪڏهن توھان واپس سمھڻ لاءِ ويا ھوندا ته شينھن اوھان کي کائي چڪو ھجي ھا. ڪڏھن ڪڏھن جڏھن شينھن زراف کي ماري کائيندا ھئا ته انسان پري ڪنھن محفوظ مقام تان اھو لقاءُ ڏسندا ھئا. انھن انسانن کي گوشت جي ضرورت ھوندي ھئي، پر اھي ويجھي اچڻ کان خوفزده ھوندا ھئا. ويندي شينھن اتان ھليا ويندا ھئا ته انسانن کي اتي پھچڻ جي ھمت به نه ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ جو مٿان وري چراخ انھن بچيل ٽڪرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا ۽ انسان ان جھيڙاڪ مخلوق سان ڦٽائڻ کان پاسو ڪندو ھو. آخرڪار جڏھن سڀ جانور ھليا ويندا ھئا ته انسان بچيل سچيل شين کي ھٿ ڪرڻ لاءِ وڏي ڌيان سان ٻلي پير ايندا ھئا، پر صرف بچت ۾ ھڏا موجود ھوندا ھئا. ھڪ ڏينھن ھڪ انسان کي انوکو خيال آيو. ھن ھڪ پٿر کنيو ۽ ان سان ھڏن کي ٽوڙيو. انھن جي اندران لذيذ مِک نڪتي. ان اھا مزيدار مِک کاڌي. ٻين انسانن پڻ ان سڄي لقاءُ کي پسيو ۽ ان جي نقل ڪرڻ لڳا. جلد سڀني انسانن پٿرن سان ھڏن کي ٽوڙي مِک حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ھر جانور کي خاص قسم جو ٽيلينٽ ھوندو آھي. مثال ڪوريئڙو ڄار ٺاھيندو آھي ۽ مکين کي پڪڙيندو آھي. مکيون پنھنجو مانارو ٺاھي، ماکي ٺاھينديون آھن. ڪاٺ ڪٺو وڻ جي ٿڙ کي ٽڪيندو آھي. ڪجھ جانورن کي عجيب ٽيلينٽ ھوندو آھي. جيئن صفائي ڪندڙ مڇين جو مثال وٺو، اھي ننڍڙيون مڇيون وڏين شارڪ مڇين جي پويان پويان ھونديون آھن. اھي ان انتظار ۾ ھونديون آھن ته شارڪ کين ڀلي ڳڙڪائي. ڇاڪاڻ جو جيئن ئي شارڪ مڇي پنھنجو وات کوليندي آھي ته اھي ننڍڙيون صفائي ڪندڙ مڇيون شارڪ جي وات ۾ ھليون وينديون آھن ۽ اھي شارڪ جي ڏندن مان کاڌي جا ٽڪرا کائينديون آھن. شارڪ کي مفت ۾ ڏندن جي صفائيءَ جي سھولت مليو وڃي. ڪڏھن ڪڏھن شارڪ انھن صفائي وارين مڇين کي سڃاڻي وٺنديون آھن ۽ انھن کي ڪڏھن ڀل ۾ به نه کائينديون آھن.
اوائلي انسانن اوزار ٺاھڻ سکي ورتا ھئا. انھن لٺين ۽ پٿرن مان ھر قسم جا اوزار ٺاھڻ شروع ڪيا. انھن ھڏن کي ٽوڙڻ، جھنگلي بصرن ۽ گجرن ۽ ڪرڙين ۽ پکين جي شڪار جا اوزار ٺاھي ورتا. باھ جو استعمال انسانن طرفان شاندار دريافت ھئي، جيڪا لٺين ۽ پٿرن کان وڌيڪ ھئي. باھ خطرناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي. جڏھن به ڪو شينھن ڪنھن زيبرا جانور کي کائيندو آھي ته کيس وڌيڪ بک نه لڳندي آھي ۽ نتيجي ۾ اھو ھيٺ ليٽي پوندو آھي ۽ آرام ڪندو آھي، پر جڏھن باھ ھڪ وڻ کي کائيندي آھي ته اھا وڌيڪ بُکي ٿي پوندي آھي ۽ وڻن جا وڻ چٽ ڪري ڇڏيندي آھي. اھا سڄي ٻيلي کي ھڪ ئي ڏينھن ۾ کائي سگھي ٿي. اھا سواءِ رک جي باقي ڪابه شيءِ نه ڇڏيندي آھي. ان باھ کي اوھان ھٿ لڳائيندا يا ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا ته اھا اوھان کي پڻ ساڙي رکندي. تنھنڪري سڀ جانور ان کان ڊڄن ٿا. جھنگلي جانور شينھن کان وڌيڪ باھ کان ڊڄندا آھن. حقيقت ۾ شينھن خود باھ کان ڊڄندا آھن. اوائلي انسانن باھ جو استعمال ائين ڪيو، جيئن انھن لٺين ۽ پٿرن جي ذريعي شين کي ٽوڙڻ جو ڪيو. ڪڏھن ڪڏھن اوھان باھ جي ڀرسان ويھڻ پسند ڪندا آھيو ۽ يڪو ان کي پيا ڏسندا آھيو ۽ توھان کي شعلا جھومندي نظر ايندا آھن. دراصل اھا اوائلي انسانن جي قديم ياد آھي!
***