بلاگنئون

ملڪي منجهيل سياسي صورتحال

چونڊن کان پهرين هر دفعي سڀئي ادارا ۽ سڀئي عدالتون پُڇي پُڇي ۽ سوچي سمجهي ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻندا آهن، ان ڪري ته انهن سڀني کي پنهنجي پنهنجي عرصي جي نوڪري ڪرڻي هوندي آهي. ان ڪري اهڙو ڪو به ڪم جيڪو اسٽيبلشمينٽ، فوجي اداران، عسڪري ٿنڪ ٽئنڪ ۽ ڳجهين ايجنسين کي نه وڻي ۽ پسند نه اچي اهي ادارا ناهن ڪندا، پوءِ هاڻوڪا عدالتي فيصلا عوامي هجن يا ان کان اڳ وارا فيصلا غيرعوامي هجن. حقيقت اها به آهي ته انهن ادارن کان ڪو پڇاڻو ناهي، اهي ادارا توڻي جو بااختيار آهن، اهي ادارا توڻي جو هڪ خاص ڪميشن به آهن ۽ اهي پنهنجي فيصلن جا پاڻ ذميوار به هوندا آهن، پر انهن ادارن ڪڏهن به ملڪي مفاد کي اڳيان رکي ڪڏهن فيصلا ناهن ڪيا (نه ئي ڪندا آهن) ڇو ته انهن جا جيڪي سياسي مفاد هوندا آهن يا انهن جا جيڪي به لالچ ۽ لوڀ هوندا آهن اهي انهن جا پنهنجا پنهنجا هوندا آهن، ان ڪري انهن جي اهڙي فيصلي ۽ ڳالھه کي وقتي چئي سگهجي ٿو، جن کي رڳو وقت ئي ڪوڙو ڪري سگهي ٿو. اهي فيصلا عام ماڻهو جي سوچ ۽ سمجھه کان مٿي هوندا آهن انهن ادارن جون اهي تشريحون ۽ سمجهاڻيون عوامي ۽ سطحي دماغن کان مٿي هونديون آهن، جيڪي سمجهي ۽ سجهائي به نه ٿيون سگهجن. ان ڪري ته انهن ادارن کان اهو به سوال آهي جيڪي اهي عام ماڻهن کان پڇندا ۽ چوندا آهن ته توهان جيڪي به چوندوَ اهو سچ هوندو ان ڪري توهان سڀ هن قرآن ۽ مصحف تي هٿ رکو ۽ سچ ڳالهايو، پر موٽ ۾ انهن کان وري اهو سوال به آهي ته اهي پاڻ به ان قرآن ۽ مصحف تي هٿ رکن ۽ چون ته اهي جيڪي به ڪندا اهو انصاف هوندو ۽ انصاف کان علاوه ڪجھ به نه هوندو.
مڃوسين ته هيءَ اسٽيٽ ڪجهه لڪل هٿن ۾ قبضي هيٺ آهي ۽ رهندي ايندي جنهن کي هلائي ڪير ٿو ۽ هجي ڪير ٿو. وري هڪ حقيقت اها به آهي ته جڏهن عمران خان اقتدار ۾ هو تڏهن ائين لڳندو هو ته دنيا ۾ ايماندار شخص بس اهو ئي آهي جيڪو ملڪ جي تقدير بدلائيندو، پر جڏهن لٿو ته ايترا ڪيس ۽ الزام لڳي ويس جو ڄڻ ماکيءَ جون مکيون چنبڙي ويس جو جان نه ڇڏائي سگهندو ۽ سُڄائي رکندس، پر هاڻي وري ائين ٿو لڳي ته هن کان وڌيڪ ڪو ڪرپٽ ناهي، پر اها ڪار هر اليڪشن کان پهرين هوندي آهي ۽ رياست ڄڻ اهو هوم ورڪ ڪندي رهندي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل ادارا به لهي گُڏيندا آهن. جنهن ۾ وڏا “اِنِ پُٽ” ته رڳو عسڪري ادارن جا هوندا آهن يا سياستدانن جا وري عدالتن جا چڪرن جي مٿان چڪر، وري نيب جا دائرا ۽ گول ڦيرا ان ڳالھه جا ثبوت هوندا آهن ته هي رياست ڪنهن جي مرضي سان پئي هلي، جنهن ۾ چونڊيل يا آنديل “سليڪٽيڊ ماڻهو” رڳو فرنٽ ڊيسڪ جا مئنيجر هوندا آهن جن جي پويان هٿ ڪنهن ٻئي جا هوندا آهن. يا هڪ مثال “پيرامڊ” جو کڻون يا سمجهون جنهن ۾ مٿيون “ليئر” جيڪو ڏسڻ ۾ ناهي ايندو يا جيڪي به فرنٽ ڊيسڪ ايمپلائيز هوندا آهن اسان سمجهندا آهيون ته اهي سڀ ڪجھه هوندا آهن، پر انهن جي پويان هڪ “هاءِ ليئر” به هوندو آهي جنهن جي پاليسين تي اتي ويٺل ماڻهو عمل پيرا هوندا آهن، اهي سڀ “فرنٽ ڊيسڪ ماڻهو” هوندا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي نوڪري ڪندا آهن، ائين هي ملڪ به هلندو رهي ٿو.
اسان وٽ شروع کان ئي سياسي تربيت ئي اسٽيبلشمينٽ جي هنج آهي، معنيٰ جي ڏسون ته انگريزن جو راڄ به ته فوجي هو (جو بندوق جي زور تي راڄ ڪين) وري جنرل ايوب اسڪندر مرزا جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڪرسيءَ تي چڙهي ويهي رهيو، (حالانڪه فوجين جي دور ۾ ملڪ جنگيون به ڏٺيون جيڪي بنا ڪنهن نتيجي جي ختم به ٿي ويون) 1958 ۾ تخت تي ويهندڙ ايوب خان توڻي جو تاريخ ۾ بهترين آمر سڏيو ٿو وڃي، (مشرف پنهنجي دور ۾ آمر جي حيثيت ۾ “پاڪستان آن لائين آف فاير” ۽ ايوب وري “فريندس ناٽ ماسٽرز” جهڙا ڪتاب ڏئي دنيا کي ڏيکاريو ته اهي وڏا اڪابر به هئا، پر آئين به انهن اڪابرن ئي ٽوڙيو ۽ مروڙيو. 58 ٽو بي ضياءَ ڏنو، ايوب جي مارشلا پنهنجا قانون گهڙيا، جو (وري 1971 ۾ بنگلاديش جو ڌار ٿيڻ، اهو سڄو ماحول جيڪو بنگالين کي ان احساس محرومي ۾ ڌڪي ويو سي به ايوب جي دور جا هاڃا هئا، معنيٰ انهن کي ملٽريءَ ۾ گهربل جاءِ نه ملڻ، آبادي جي وڏي ريشي باوجود به انهن جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏيڻ، صرف 7 سيڪڙو آباديءَ وارن جي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ، وري ون يونٽ لاڳو ڪري هتان جي سڀني صوبن کي هڪ ڪري بنگالين جي برابر ڪري ڏيکارڻ ته جيئن اهي اسان کان آباديءَ ۾ گهٽ هجن، پوءِ پنجاب کي به ڳالھه دير سان سمجھه ۾ آئي ته جي بنگلاديش ٺهي به ويو ته ملڪ جو وڏو صوبو پوءِ به پنجاب هوندو ۽ ٻين صوبن تي بالادستي هلائندو).
اليڪشن جي نشانن تي ڪجهھ به رکيل ناهي، ووٽ سياسي شخصن جي امانت هوندو آهي پوءِ اهو شخص ڪير به هجي، (هتي ڪنهن جي به حمايت نه ٿي ڪجي) ان ڪري اها ڳالھه نه ڪو تير تي رکيل آهي، نه تلوار تي آهي، نه ئي ڪنهن جانورن جي نشانن تي يا ائين به ناهي ته جن جا نشان ڪتاب يا ٻيا حيلا وسيلا هجن ٿا انهن ۾ ڪا سياسي اٽريڪشن هوندي آهي يا ڪي تارازيون به، ته رڳو اهي خير کٽيندا يا انهن جي ووٽن ۾ برڪت هوندي. ماضيءَ ۾ جيترا ڪلور ايم ڪيو ايم ڪيا هئا انهن جي چونڊن جي نشان تي فرق نه پيو يا جيڪي به انٽرا پارٽي اليڪشن هونديون هيون اهي ته سڀني تي لاڳو هيون، پر ڳالھه اها به ماري ٿي ته جيڪي پارٽيون خانداني ورهاست ۾ يقين رکنديون آهن جن وٽ نون ليگ وانگي ڀائرن، پٽن، ڌيئرن، ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن جي ڊَلِ ويٺي آهي انهن جي لاءِ ڪو مسئلو ناهي ته اهي ڪڏهن شهبازشريف کي پارٽي جو چيئرمين ڪن يا ڪڏهن نوازشريف پاڻ به ٿئي يا ڪڏهن مريم نواز به ٿئي. ان ڪري جيڪي به وزيراعظم هوندا آهن انهن کي قانوني طور تي ٻه عهدا رکڻ جي اجازت ناهي هوندي. ان ڪري يا ته وزيراعظم هجي يا صدر هجي يا پارٽي جو چيئرمين يا چيئرپرسن هجي. ان کي ٻه عهدا ڇڏڻا پوندا آهن. ان ڪري اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان کي 13 جون 2021 تي ۽ 2023 تي هڪ خط ذريعي تنبيھه ڪئي هئي ته اهي اليڪيشن ڪميشن جي ايڪٽ 2007 جي سيڪشن 215 (اي) تحت پارٽي جي اندر اليڪشن ڪرائي ته هاڻي انهن جو نئون پارٽي چيئرمين ڪير هوندو. ڇو ته اها قانوني ۽ آئيني گهرج آهي ۽ عمل تي عمل نه ڪرڻ سان پي ٽي آئي جو چيئرمين نااهل ٿي سگهي ٿو ۽ سندس پارٽي نمائندگي وڃي سگهي ٿي، جنهن جي لاءِ چونڊن جي ايڪٽ تي عمل اشد ضروري آهي. ان ڪري ته هر پارٽي چوٿين سال پارٽي چيئرمين جي لاءِ پنهنجي پارٽي جي اندر انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جي پابند هوندي آهي ته جيئن پارٽي اندر ڪا بغاوت جنم نه وٺي، پارٽي ۾ جمهوري قدرن کي بحال رکيو وڃي، پارٽي ۾ جي ڪو ٻيو ماڻهو اهل آهي ته پوءِ چيئرمين شپ ان شخص کي سونپي وڃي. ساڳي ڳالھه پي ٽي آءِ جي منشور ۾ آهي ۽ هر پارٽي جي منشور ۾ به لکيل آهي ته اهي هر چوٿين سال پارٽي اندر چونڊون ڪرائڻ جا پابند هوندا ته جيئن پارٽي جو چيئرمين آئيني طريقي سان چونڊي سگهجي. ساڳي اندورني چونڊن واري رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي به ڏيڻي ضروري هوندي آهي.
8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي ملتوي ٿيڻ بابت مسلسل افواهن جي باوجود اهڙي ڪنهن به قدم جو ڪو به منطقي يا قانوني جواز ناهي ۽ ان کان به وڌيڪ اهم مسئلا ٻيا آهن جيڪي ڌيان طلب آهن جنهن ۾ سيڪيورٽي، روزگار، صحت ۽ روزگار جا مسئلا يا سڀ کان وڌيڪ وڏو مسئلو پرائيس ڪنٽرول جو به آهي. جيتوڻيڪ چونڊن ۾ دير ڪرائڻ لاءِ ڪو بهانو ڳولي سگهجي ٿو جنهن ۾ موسم، سيڪيورٽي ۽ بجيٽ جا مسئلا ٿي سگهن ٿا، پر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته چونڊن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سپريم ڪورٽ منظور نه ڪندي. ميڊيا خاص ڪري ٽي وي چينل ان موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ وقت سر ۽ وقفن وقفن سان اها ڳالھه ڪندا رهندا ٿا اچن يا ان موضوع تي پروگرام به ڪن ٿا. اصل ۾ ان ڳالھه تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته چونڊون وڙهندڙ وڏين سياسي پارٽين مان ڪير به اقتدار ۾ اچي، پر انهن پارٽيءَ کي ڪهڙي منصوبابندي ڪرڻي هوندي جو اهي مسئلن جو ڪو پائيدار حل ڪڍي سگهن ته جمهوري نظام جي سنگين زوال جا سبب ڪهڙا آهن، ان لاءِ ڪي ضروري قانوني چاراگيريون بحال ڪيون وڃن. ان ڪري سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهھ سڀني پارٽين جو ڳالهين جي ميز تي واپس اچڻ آهي، جنهن ۾ ڊرائنگ روم سياست کان وٺي ملڪ جي هلائڻ ۾ شامل هر هڪ وڏي سياسي رانديگر جو پنهنجي اثر رسوخ، اختيار ۽ طاقت جي ماپن تحت فيصلو ڪرڻ جو معيار ۽ پائيداري به شامل هوندي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسان جي چئن صوبن مان جيڪا به ننڍڙي جمهوريت ڇڏي موڪلائي وئي آهي، اها پوءِ ايندڙ حڪومت به رڳو لاش هوندي ٻيو ڪجھه به نه.