نئون

ناسا پاران مريخ تي اڏائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر تيار

آمريڪا جي خلائي اداري ناسا پاران هڪ هيلي ڪاپٽر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو مريخ جي سطح مٿان اڏامندو. هن هيلي ڪاپٽر جو وزن صرف  4 پائونڊ آهي. ۽  سائيز صرف هڪ فٽ بال جيتري آهي. هن هيلي ڪاپٽر کي ٺاهڻ ته تمام آسان هيو پر ان کي مريخ جي سطح تي اڏائڻ لاءِ تمام وڏيون مشڪلاتون پيش اينديون. جنهن مان هڪ مريخ جو ڪمزور ماحول ۽ ٻيو زمين تي موجود هيلي ڪاپٽر جو  ڪنٽرول ڪندڙ ۽ مريخ تي موجود هيلي ڪاپٽر وچ ۾ رابطي وقت دير ٿيڻ پڻ شامل آهي. رابطي وارا پيغا م  روشني جي رفتار سان سفر ڪندا ويندا پر تنهن هوندي به هر هڪ ڪمانڊ کي مرخ تي پهچڻ ۾ ڪجهه منٽ لڳي ويندا.  هن هيلي ڪاپٽر ۾ هڪ ڪيمرا پڻ لڳائي وئي آهي جيڪا مريخ جي سطح جي بهتر تصويرون زمين تي موڪليندي.