نئون

700 عورتن کي موٽرسائيڪلون ڏنيون ويون

ڪالهه لاهور ۾ وومين آن ويلز پروجيڪٽ تحت 700 مفت موٽرسائيڪلون ورهايون ويون. وومين آن ويلز پنجاب جي وڏي وزير پاران شروع ڪرايل پروجيڪٽ آهي، جيڪو هن وقت پنجن ضلعن تائين محدود آهي جنهن کي حڪومت هن صوبي جي 36 ضلعن تائين پهچائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. هن موقعي تي مشهور عورت وڪيل حنا جيلاني چيو ته هي هڪ مثبت تبديلي آهي ۽ سٺي ڳالهه ته اها آهي ته هڪ وڏي تعداد ۾ عورتون هي موٽرسائيڪلون وٺڻ آيون آهن. هن چيو ته حڪومت جو هي هڪ سٺو قدم آهي، جنهن سان عورتن کي سفر جي آزادي ملندي پر ان سان گڏوگڏ روڊن تي عورت جي تحفظ کي به اثرائتو بنائڻو پوندو. گڏيل قومن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جمشيد قاضي چيو ته جيڪي عورتون بسن ۾ سفر ڪن ٿيون انهن کي هراسمينٽ کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته هن پروجيڪٽ ۾ ورهايل موٽرسائيڪلن کي پنجاب حڪومت سبسڊي ڏني آهي، جنهن جي قيمت 25000 رکي وئي آهي. هن موقعي تي پنجاب جي ايڪسائيز منسٽر شجاع الرحمان چيو ته سفري آزادي ملڻ کانپوءِ عورتن جي تعليم ۽ صحت تائين پهچ وڌي ويندي.