هن وقت اسان جي معاشري ۾ هر ماڻهو جائز دولت ڪمائڻ بجاءِ ناجائز مال حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته رات جو رات ۾ امير بڻجي وڃي، ان دولت جي لالچ سماج ۾ تمام گهڻو فساد پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ان ڳالهه تي غور ڪرڻ کانسواءِ ته اهو پئسو جائز آهي يا ناجائز يا حرام يا حلال، پر حاصل ضرور ڪرڻو آهي. ڪنهن کي به ڪو خوف ڪونهي ته ان ناجائز ۽ حرام خوريءَ جو کانئس ڪو پڇاڻو به ٿيندو. دولت جي حصول لاءِ ناجائز منافعو وٺڻ پنهنجي حلال کي حرام ۾ ملائي کائڻ برابر آهي. معاشري ۾ دولت ۽ اميريءَ جي ٻين وسيلن جي عادلاڻي ورڇ جو بندوبست ڪيو ويو، زڪواة في سبيل الله واري ترغيب رستي دولت جو رخ اميرن کان موڙي غريبن ڏانهن ڪيو ويو. اهڙن طور طريقن تي پابندي مڙهي وئي، جن سان ڪنهن خاص طبقي جي هٿ ۾ دولت گڏ ٿيڻ جو امڪان هو. مثال طور: وياج، منافعي خوري، ذخيره اندوزي، ناجائز نفعي خوري وغيره. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه ئي وقت ۾ دولت صاف رت وانگر پوري معاشري ۾ گردش ڪرڻ لڳي ۽ خوشحاليءَ جو دور اچي ويو، پر افسوس رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اسان جي ملڪ اندر نفعي جي لالچ وڌيڪ وڌي ويندي آهي. کنڊ جيڪا رمضان کان اڳ سستي اگهه تي وڪرو ٿيندي هئي، پر رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسندي ئي ٻيڻ تي مهانگي ڪئي وئي. ائين ڀاڄيون توڙي ميوا غريب جي وٺڻ کان وڏا ٿي ويا.
وزيراعظم پاڪستان ذخيره اندوزن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو، پر ان تي عمل ڪرائڻ شايد سندس وس جي ڳالهه نه آهي، ان ڪري هن سڄي مهيني ۾ منافعي خورن غريب عوام جي کل لاهي ڇڏي آهي. ڪوڙ، ٺڳي، بي ايماني، منافعي خوري وغيره جو تعلق نه شيطان سان آهي، نه ڪنهن مذهب يا فرقي سان، سموريون سماجي برايون رياست جي معاشي پاليسي سبب هونديون آهن. ناجائز منافعي خور واپاري طبقي ته هن مهيني ۾ گهڻو فائدو حاصل ڪري ورتو آهي، پر غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان به محروم ٿي ويو آهي. ظلم جي انتها اها آهي ته جن شين جا اگهه وڌايا وڃن ٿا انهن جي پهرئين هٿرادو قلت پيدا ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد اها شيءِ ٻيڻي قيمت تي وڪرو ڪئي وڃي ٿي. چيڪ اينڊ بيلنس لاءِ به ڪيترائي ادارا قائم ڪيا ويا آهن، پر اهي ادارا ڪا خاص ڪارڪردگي نه پيا ڏيکارين. ان پٺيان پڻ هڪ گينگ آهي جيڪا ادارن جي سربراهن کي راضي ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي.
هاڻ جڏهن اداري جو سربراهه نفعي خور کي ڪجهه نٿو چئي سگهي ته عام ماڻهو ته عذاب ۾ ئي زندگي گذاريندو. منهنجي چوڻ جو مقصد هرگز اهو ڪونهي ته نفعو نه ڪمائڻ گهرجي، ڇو ته نفعو ڪمائڻ ڪاروبار جو لازمي حصو هوندو آهي، پر ناجائز منافعو شرعي لحاظ کان گناهه ۽ وڏو ڏوهه آهي. ذخيره اندوزي کان علاوه شين ۾ ملاوٽ پڻ ڪئي ويندي آهي. ڪيترائي ڀيرا عام مشاهدي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي ڪڻڪ يا سارين ۾ هٿرادو مٽي ملائي وزن وڌايو ويو آهي. ايتري تائين جو کائڻ واري تيل ۾ به ملاوٽ ڪري بيماريون عام ڪيون وڃن ٿيون. کير ۾ نه رڳو پاڻي ملايو وڃي ٿو، پر خطرناڪ ڪيميائي مادن جو اضافو ڪري انساني صحت متاثر ڪئي وڃي ٿي. مطلب ته انساني زندگين سان کيڏڻ ڪري ناجائز منافعو ڪمايو پيو وڃي. اسان جي دين اسلام ۾ نه رڳو سوئر جو گوشت يا شراب حرام ڪيو آهي، پر ان سان گڏ جعلي شين کي وڪڻڻ به حرام ڪيو آهي، ائين ملاوٽ به حرام آهي ته خيانت به حرام آهي. اسان جي سماج ۾ ته خدا جو خوف ئي نڪري ويو آهي. هوٽلن تي صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت ماڻهن کي کارائي ناجائز دولت ڪمائي وڃي ٿي، انهيءَ بدمعاشيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪوبه ادارو سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن سماج تباهي طرف وڃي رهيو آهي ۽ اسان اکين هوندي انڌا لڳا ويٺا آهيون ڪنن هوندي ٻوڙا ٿي ويٺا آهيون.
جيڪڏهن سمجهون ٿا ته رمضان المبارڪ برڪتن ۽ رحمتن جو مهينو آهي ته پوءِ منافعي خور واپارين ان مقدس مهيني ۾ ناجائز منافعي لاءِ فروٽ ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تائين ڇو پهچائي ڇڏيا آهن انهن کان پڇاڻو ڪير ڪندو. انتظاميه جو فرض آهي ته هو انهن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، جيڪي عام ماڻهن لاءِ روزو کولڻ کي به مهانگو ڪري رهيا آهن. سرڪاري طور تي مقرر ڪيل اگهن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي، ناجائز منافعي خورن خلاف جرمانا ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهو به سڪون سان پنهنجو روزو رکي ۽ کولي سگهي.
رمضان رحمت جو مهينو آهي، ناجائز منافعي خوري جو نه! ان ڪري انتظاميه پنهنجون ذميواريون نڀائي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪري. جيڪڏهن معاشري کي براين کان پاڪ ڪرڻو آهي ته رڳو حڪومت تي ڀاڙڻ بجاءِ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هر برائيءَ خلاف جهاد شروع ڪرڻو پوندو، پر مصيبت اها آهي ته جيڪڏهن ڪا چڱائي ڪريون ٿا ته اها ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ٿي ان جي باوجود چڱائيءَ جو بدلو خدا جي ذات کان گهرڻ گهرجي. اسلام واپار ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو، پر واپار ڪرڻ جا اصول ٻڌائي ٿو. جيڪڏهن قومون اسلام جا اصول اختيار ڪرڻ لڳن ته اهي معاشري ۾ ترقي يافته عزت واريون سڏجن. جيڪڏهن اسان سماج کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان پاڻ ۾ انفرادي طور نفعي خوريءَ جي لعنت کان پاسو ڪري اجتماعي سوچ کي هٿي وٺرايون. ائين ناجائز منافعو ڪمائڻ واري لعنت جو خاتمو اچي ويندو.