ملڪ اندر گذريل ٻن سالن دوران دهشتگرديءَ جي 1560 واقعن ۾ 1086 پوليس ۽ فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ ان کان علاوه 513 عام شهري به اجل جو شڪار ٿيا آهن، ڇو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي مٿان پابندي جهڪي يا ختم ٿيڻ جي صورت ۾ انهن دهشتگردن مان رسو نڪري ٿو وڃي ۽ اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به بي قابو ٿي ٿا وڃن، جن جي لاءِ ماضيءَ جا فوجي آپرشن به ڪجھه نه ڪري سگهيا. طالبان به ڪو لوسڻ هئا (يا آهن) جو لڻڻ کانپوءِ به ڦٽي نڪري ٿا پون ۽ ڪا روڪ ٽوڪ ڏسڻ ۾ نٿي اچين. اهي سمجهن ٿا ته ضربِ عَضب ۽ رَدُالفساد ۽ هاڻي عزمِ اِستحڪام به عسڪري ٽيسٽ ۽ ٽرائل آهن، ڇو ته طالبان اهڙيون سختيون گهڻا ئي ڀيرا ڏٺيون آهن، جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڀيڙ پوين ٿي ته افغانستان ٽپي هليا ٿا وڃن ۽ جڏهن افغانستان مان تڙَ ٿي پوين ته پاڪستان جا وڏا شهر انهن کي سرڪاري آڌرڀاءُ ڪندا ٿا وتن، انهن کي ڪا پرواھه ناهي ۽ نه ڪا ٿي سگهين ٿي. گذريل سال سوئي (بلوچستان) ۾ آگسٽ 2023 واري مهيني ۾ رڳو 593 اهلڪار ۽ 263 عام شهري بي سبب شهيد ڪيا ويا. وري داسو واري واقعي ۾ جيڪو 2021 ۾ هڪ بس تي حملي جي صورت ۾ ٿيو، ان ۾ 9 چيني انجنيئرن سميت 13 عام شهرين کي به شهيد ڪيو ويو. ان جي باوجود انهن کي پڪ هئي ته اهي بچي ويندا ۽ عسڪري ادارن جي اکين کان اهي سڀ افغاني طالباني باشنده اوجهل رهجي ويندا. ان ڪري بيوقوف رڳو عام خلق کي ڪريو ويٺا آهن جن کي ڪا ڪَلَ نٿي پوي ته آخر راند ڪير ٿو رچائي ۽ ان راند جو ٽوڙ ڇا آهي؟