بلاگنئون

ٽي ٽي پي: آخر حل ڇا آهي؟

ملڪ اندر گذريل ٻن سالن دوران دهشتگرديءَ جي 1560 واقعن ۾ 1086 پوليس ۽ فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ ان کان علاوه 513 عام شهري به اجل جو شڪار ٿيا آهن، ڇو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي مٿان پابندي جهڪي يا ختم ٿيڻ جي صورت ۾ انهن دهشتگردن مان رسو نڪري ٿو وڃي ۽ اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به بي قابو ٿي ٿا وڃن، جن جي لاءِ ماضيءَ جا فوجي آپرشن به ڪجھه نه ڪري سگهيا. طالبان به ڪو لوسڻ هئا (يا آهن) جو لڻڻ کانپوءِ به ڦٽي نڪري ٿا پون ۽ ڪا روڪ ٽوڪ ڏسڻ ۾ نٿي اچين. اهي سمجهن ٿا ته ضربِ عَضب ۽ رَدُالفساد ۽ هاڻي عزمِ اِستحڪام به عسڪري ٽيسٽ ۽ ٽرائل آهن، ڇو ته طالبان اهڙيون سختيون گهڻا ئي ڀيرا ڏٺيون آهن، جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڀيڙ پوين ٿي ته افغانستان ٽپي هليا ٿا وڃن ۽ جڏهن افغانستان مان تڙَ ٿي پوين ته پاڪستان جا وڏا شهر انهن کي سرڪاري آڌرڀاءُ ڪندا ٿا وتن، انهن کي ڪا پرواھه ناهي ۽ نه ڪا ٿي سگهين ٿي. گذريل سال سوئي (بلوچستان) ۾ آگسٽ 2023 واري مهيني ۾ رڳو 593 اهلڪار ۽ 263 عام شهري بي سبب شهيد ڪيا ويا. وري داسو واري واقعي ۾ جيڪو 2021 ۾ هڪ بس تي حملي جي صورت ۾ ٿيو، ان ۾ 9 چيني انجنيئرن سميت 13 عام شهرين کي به شهيد ڪيو ويو. ان جي باوجود انهن کي پڪ هئي ته اهي بچي ويندا ۽ عسڪري ادارن جي اکين کان اهي سڀ افغاني طالباني باشنده اوجهل رهجي ويندا. ان ڪري بيوقوف رڳو عام خلق کي ڪريو ويٺا آهن جن کي ڪا ڪَلَ نٿي پوي ته آخر راند ڪير ٿو رچائي ۽ ان راند جو ٽوڙ ڇا آهي؟

گذريل هفتي آءِ بي او (انٽيليجنس بيسڊ آپريشن) ۾ ٽي ٽي پي جو هاءِ پروفائل عمر فاروق ويڙهاڪ مارجي ويو هو، وري گذريل هفتي (اربع واري ڏينهن 3 جولاءِ 2024) تي پشاور شهر جي مضافات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 اهلڪار شهيد ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا ٽي ويڙهاڪ به مارجي ويا، جن ۾ پشاور جو طالبان جو گورنر به شامل هو، پوليس ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران گڏيل طور تي حسن خيل سب ڊويزن جي ڪنڊو علائقي جي ڳوٺ روخان خيل ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن (آءِ بي او) دوران صبح 8 لڳي 15 منٽن تي فائرنگ شروع ٿي (جيڪو علائقو 40 ڪلو ميٽر پري پشاور جي ڏکڻ ۾ واقع آهي) فائرنگ جو اهڙو تبادلو ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪجھه خالي گهرن جو گهيرو ڪيو، جنهن ۾ آءِ بي او (انٽيليجنس بيسڊ آپريشن) جي گڏيل ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سميت ٻه ساٿي مارجي ويا. عسڪري ادارن مطابق اهو انهن هڪ ڪومبنگ آپريشن شروع ڪيو هو. ان آپريشن دوران سي ٽي ڊي جي هڪ اهلڪار سميت سڪيورٽي فورسز جا ٻه ۽ پوليس کاتي جا ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا، جنهن ۾ 6 ٻيا اهلڪار به زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انهن جي حالت مستحڪم ٻڌائي وئي. پاڪ فوج جي ميڊيا ونگ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته گڏيل آپريشن ۾ هڪ اعليٰ سطحي دهشتگرد کي نشانو بڻايو ويو آهي. جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو، سندس سر تي 6 لک رپيا انعام رکيل هو. آءِ ايس پي آر مطابق عبدالرحيم هن سال 26 مئي تي ڪيپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله جي شهادت سميت ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو. ان آپريشن ان بزدلاڻي عمل جو بدلو ورتو آهي ۽ بنيادي مجرم کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو آهي.

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) هاڻي افغانستان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ آهي، جن کي افغان طالبان ۽ القاعده جي دهشتگرد نيٽ ورڪ جي گروهن جي آپريشنل ۽ لاجسٽڪ مدد حاصل آهي، گڏيل قومن جي نگراني جي رپورٽ مطابق طالبان ٽي ٽي پي کي دهشتگرد گروپ تصور نٿا ڪن. ان ڪري انهن طالباني قوتن جي ويجھڙائپ ان بين الاقوامي قوتن جي مرهونِ منت به آهي ۽ ٽي ٽي پي جو هاڻي اهو فرض آهي ۽ انهن طالبانن تي بين الاقوامي قوتن جو جيڪو ڊگهو قرض آهي سي چڪائين، پر سمجهن ٿا ته اهو چڪائڻ ۾ نسلن جا نسل غرق ٿي ويندا، پر قرض نه لهندو. داعش ۽ القائده (طالبان) جي مانيٽرنگ ٽيم جي 15 هين رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو آهي (جيڪا گڏيل قومن جي سلامتي کي پيش ڪئي وئي آهي) ته ڪائونسل اٽڪل 6,000-6,500 ويڙهاڪن تي مشتمل طالباني فورسن ۽ انهن جي طاقت جو اندازو لڳائيندي، ان رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ٽي ٽي پي هاڻي ٻن درجن يا ان کان به وڌيڪ گروهن ۾ سڀ کان وڏو گروھه آهي، جيڪو افغاني حڪومت جي نگراني هيٺ آهي، جيڪي پنهنجي چالبازي تحت دهشتگرديءَ جي لاءِ آزادي حاصل ڪندا ٿا وتن. اهي بين الاقوامي قوتون پاڪستان جي موقف کي اعتبار ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن ته اهي افغانستان ۾ رهي به پاڪستان جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهن. وري ٻئي پاسي افغانستان پاڪستان کي منهن ڏيڻ واري دهشتگرد گروپن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهي چاهين ٿا ته ڀلي طالبان جي اندر ئي جهيڙو متل هجي ۽ افغانستان جي انٽيلجنس وارا ادارا پاڪستاني عسڪري ادارن جي ڪابه لڪل طور تي مدد نه ڪن، پوءِ ڀلي جيڪو به ٿئي. اها ڳالهھ به واضح آهي ته طالبان پوءِ جهڙي به گروھه ۾ هجن، اهي سڀ جا سڀ پروآمريڪن آهن، اهي جيڪي به ڪم ڪندا، اهي سڀ آمريڪي آشيرواد تحت ڪندا ويندا (۽ ڪندا رهندا) رپورٽ ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي ته ٽي ٽي پي افغانستان ۾ وڏي پيماني تي ڪارروايون جاري رکندي ايندي. اڪثر ڪري افغانين کي استعمال ڪندي رهندي، ان ڪري ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. خاص طور تي 2021 ۾ 573 مان وڌي 2022 ۾ 715 ۽ 2023 ۾ 1,210 تائين، 2024 تائين اهو رجحان جاري رهيو (رپورٽ 28 مئي 2014 تائين اپڊيٽ ڪئي وئي آهي).

عسڪري ادارن جي مطابق هاڻوڪن حملن ۾ صوابي جو 34 ورهين جو سپاهي محمد ادريس ۽ ڪوهاٽ ضلعي سان تعلق رکندڙ 34 ورهين جو سپاهي بدام گل به شامل آهن، جيڪي حملن ۾ شهيد ٿي ويا آهن. شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۾ پشاور ضلعي سان تعلق رکندڙ 38 ورهين جو سب انسپيڪٽر تاجمير شاھه ۽ مانسهره جو 34 ورهين جو اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد اڪرم شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ڪلهي سان ملائي بيٺيون آهن ۽ بهادر جوانن جي اهڙين قربانين سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، پر آخر حل ڇا آهي؟ رڳو فوجي آپريشن به پر آخر ڪيستائين مسلسل آپريشن ڪيا ويندا؟ مثال ڪراچيءَ جا ٽارگيٽ ڪلر به عسڪري ۽ ايل اي ايز جي وس يا هٿ نٿا اچن. وري ڪي پي جا طالبان به الائي جي ڪهڙي ڳجهن علائقن ۾ ٿا رهن، جن کي هٿ ڪرڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ مشڪل آهي. عسڪري ادارن وٽ ايتري قوت ۽ طاقت ناهي جيڪا طالبان کي پڄي سگهي. اسان اها ڳالھه به مڃون ٿا ته اندروني مسئلن ۾ سڀ کان ڳنڀير ۽ سخت ترين مسئلو دهشتگردي آهي، جن ۾ سرفهرست طالبان به آهن. ٻيا مسئلا ته رهيا پنهنجي جاءِ تي پر مُٺ جيترا طالبان 11 لک عسڪري ادارن جي وس کان چڙهيل آهن، جو سي آءِ اي کي ايبٽ آباد ۾ خيالي اسامه بن لادن جا ٺڪاڻا ۽ ان جو گهر ٻار به نظر اچي ويو هو ۽ ڊرون حملن ۾ ان خيالي بُت (پپيٽ) کي مارائي ويا ۽ پاڻ سرخرو ٿي ويا، پر ڪي پي جا طالبان عسڪري ادارن جي چنبي ۾ نٿا اچن، جيڪا ڳالھه اچرج جهڙي آهي ته هڪڙو ايٽمي طاقت وارو ملڪ اندروني مسئلن کي منهن نٿو ڏئي سگهي، جيڪا ڳالھه هڪ سوال به آهي يا ڳجهارت به آهي ۽ هاڻي داعش جو اڳواڻ جيڪو آمريڪا کي گهربل هو سو ملي ويو.

پاڪستان جي دعويٰ مطابق افغان شهرين جي شموليت جي ڪيترن ئي تازن دهشتگرد حملن جهڙوڪ بشام بم ڌماڪو، جنهن ۾ پنج چيني انجنيئر ۽ سندن پاڪستاني ڊرائيور به مارجي ويو هو، ان رپورٽ ۾ ان خاص واقعي جو به ذڪر آهي. اهو پاڪستان جي ان پريشاني جي به پٺڀرائي ڪري ٿو ته طالبان وٽ نيٽو ڪيليبر جا هٿيار به آهن، جن هٿيارن ۾ رات جي ڏسڻ جي صلاحيت به موجود آهي، جيڪي طالبان جي افغانستان جي قبضي کانپوءِ ٽي ٽي پي کي فراهم ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڪستاني سرحدن جي چوڪن تي دهشتگرد حملا وڌائي رهيا آهن. رپورٽ ۾ افغان طالبان جي پاڪستان لاءِ ٽي ٽي پي جي خطري کي گهٽائڻ جي خواهش تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن، انهن جي تاريخي لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي طالبان جي دائمي حمايت ۽ رواداري به ڏيکاري وئي آهي. رپورٽ ۾ هٿيارن جي اهڙي فراهمي ۽ تربيت جي اجازت ۽ مدد پڻ شامل آهي. رپورٽ مطابق القاعده پاڪستان اندر دهشتگرد حملن ۾ ٽي ٽي پي جي مدد ڪري رهي آهي، جنهن جي طالبان جي نئين گروھ “تحريڪ جهاد پاڪستان” ذميواري به قبول ڪري ٿو ته جيئن افغاني اختيارين تي دٻاءُ گهٽايو وڃي ۽ پاڪستاني عسڪري ادارن کي ڪو بهانو نه ملي يا پڪا ثبوت هٿ نه ڪري سگهن.