اي سي پي اڄ چونڊن جو حتمي اعلان ڪندي
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڄ چونڊن جو حتمي اعلان ڪندي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته ڪهڙا اميدوار چونڊن ۾ صوبائي ۽ قومي سيٽن تي ڪامياب ٿيا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو آهي ته ان کي قومي اسيمبلي جي 269، پنجاب اسيمبلي جي 295، سنڌ اسيمبلي جي 129، خيبر پختونخواهه جي 97 ۽ بلوچستان جي 49 اميدوارن جا تفصيل مليا آهن. هي نتيجا حتمي اعلان بعد اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي هنيا ويندا. ياد رهي ته اي سي پي پاران انهن علائقن جي رزلٽ کي روڪيو ويو آهي جتي نتيجن کي ڪورٽ ۾ چئليج ڪيو ويو آهي. ڪل ڪامياب اميدوارن کي چيو ويو هو ته اهي پنهنجي خرچن جا تفصيل اي سي پي ۾ 10 ڏينهن اندر جمع ڪرائين. نتيجن ۾ ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوارن لاءِ اهو ممڪن هوندو آهي ته اهي نتيجن اچڻ جي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن. قانون مطابق نتيجن اچڻ جي 21 ڏينهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن نئين وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿي سگهي.

