بلاگنئون

اقبال ۽ خودي جو فلسفو

برصغير جي فڪري ۽ روحاني تاريخ ۾ علامه اقبال جو نالو هڪ چمڪندڙ ستاري وانگر آهي، جنهن جي روشني اڄ به انسان جي باطن کي جاڳائڻ ۽ سندس شعور کي بيدار ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. اقبال پنهنجي شاعري ذريعي جنهن فلسفي کي سڀ کان وڌيڪ اجاڳر ڪيو، اهو “خودي” جو فلسفو آهي. هي خودي رڳو انا يا غرور جو نالو ناهي، پر انسان جي اندر ۾ لڪيل ان عظيم قوت جو استعارو پڻ آهي، جيڪا کيس پنهنجي حقيقت سڃاڻڻ، پنهنجي مقام کي سمجهڻ ۽ پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ جو حوصلو ڏئي ٿي. اقبال جي نظر ۾ خودي دراصل انسان جي روحاني سڃاڻپ آهي  جيڪا انسان کي ٻي مخلوق کان ممتاز بڻائي ٿي. اقبال چئي ٿو:

خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪي هر تقدير سي پهلي،

خدا بندي سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي.

هتي ھي شعر اقبال جي فلسفهءِ خودي جو نچوڙ آهي. هن ۾ انسان کي پنهنجي ذات کي ايترو بلند ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي جو هو پنهنجي تقدير جو پاڻ معمار بڻجي وڃي ٿو. اقبال جي نظر ۾ خودي جي بلندي جو مطلب اهو ناهي ته انسان تڪبر ۾ مبتلا ٿي وڃي، پر ان جو مقصد اهو آهي ته انسان پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻي ۽ انهن کي مثبت نموني استعمال ڪري. اقبال جي شاعري ۾ خودي جو تصور ارتقائي آهي، يعني اهو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو مسلسل محنت، جدوجهد ۽ خود شناسي سان وڌي ٿو.  اقبال چوي ٿو:

خودي ڪا سرِ نهان لا اله الا الله

خودي هي تيغ، فسان لا اله الا الله

هتي اقبال خودي کي توحيد سان ڳنڍي ٿو، سندس خيال ۾ خودي جو اصل بنياد الله جي وحدانيت کي تسليم ڪرڻ آهي. جڏهن انسان پنهنجي رب کي سڃاڻي ٿو ته هو پنهنجي ذات جي حقيقت کان به واقف ٿي وڃي ٿو. اهائي ڄاڻ کيس هڪ مضبوط، باوقار ۽ خوددار انسان بڻائي ٿي. اقبال خودي جي استحڪام لاءِ عشق کي بنيادي عنصر قرار ڏئي ٿو. سندن نظر ۾ عقل محدود آهي، جڏهن ته عشق انسان کي بي پناهه طاقت ڏئي ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو:

عقل عيار هي سو ڀيس بدل ليتي هي

عشق بي چاره نه ملا هي نه زاهد نه حڪيم.

هتي عشق مان مراد اهو سچو جذبو آهي، جيڪو انسان کي پنهنجي مقصد سان ڳنڍيل رکي ٿو. اهوئي عشق خودي کي جلا ڏئي ٿو ۽ ان کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي ٿو. اقبال جي نظر ۾ اهو انسان ڪامياب آهي جنهن جي خودي عشق جي گرمي سان مضبوط ٿئي. اقبال جي شاعري ۾ خودي جو هڪ اهم پهلو خود اعتمادي آهي. غلامي، مايوسي ۽ احساسِ ڪمتري خودي کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا. اقبال مسلمانن کي بار بار اها تلقين ڪري ٿو ته هو پنهنجي وڃايل خودي کي سڃاڻن ۽ ان تي فخر ڪن.

نه تو زمين ڪي ليئي هي نه آسمان کي ليئي،

جهان هي تيري ليئي، تو نهين جهان ڪي ليئي.

هي شعر انسان جي عظمت کي بيان ڪري ٿو. اقبال انسان کي ياد ڏياري ٿو ته هو دنيا جو محتاج ناهي، بلڪه دنيا سندس لاءِ بڻائي وئي آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي خودي کي سڃاڻي وٺي ته هو دنيا کي بدلائڻ جي سگهه رکي ٿو. اقبال جي فلسفهءِ خودي ۾ عمل کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هو رڳو خواب ڏسڻ يا خيالن ۾ گم رهڻ جو قائل ناهي، پر عملي جدوجهد کي به  ضروري سمجهي ٿو.

عمل سي زندگي بنتي هي جنت ڀي جهنم ڀي،

يي خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي.

هتي اقبال واضح ڪري ٿو ته انسان جي حقيقت سندس عملن سان طئي ٿئي ٿي. جيڪڏهن هو پنهنجي خودي کي عمل ذريعي مضبوط ڪري ته هو ڪاميابيءَ جي بلندين تائين پهچي سگهي ٿو، نه ته زوال سندس نصيب بڻجي وڃي ٿو. اقبال خودي کي هڪ اهڙي روشني قرار ڏئي ٿو جنهن کي لڳاتار خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها خوراڪ محنت، علم، عشق ۽ يقين مان ملي ٿي. جيڪڏهن انسان انهن عنصرن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي ڇڏي ته سندس خودي ڪڏهن به نه گھٽبي.

يقين محڪم، عمل پيهم، محبت فاتحِ عالم،

جهادِ زندگاني مين هين يي مردون ڪي شمشيرين.

هي شعر خودي جي استحڪام لاءِ ضروري صفتن کي بيان ڪري ٿو. يقين انسان کي مضبوط بڻائي ٿو، عمل کيس متحرڪ رکي ٿو ۽ محبت کيس انسانيت سان ڳنڍي رکي ٿي. اقبال جي فلسفهءِ خودي جو هڪ ٻيو اهم پهلو خود احتسابي آهي. هو انسان کي پنهنجي اندر جهاتي پائڻ ۽ پنهنجي ڪمزورين کي سڃاڻڻ جي تلقين به  ڪري ٿو. خودي جو مطلب اهو ناهي ته انسان پنهنجي غلطين کان اکيون بند ڪري ڇڏي، پر اهو آهي ته هو پنهنجي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪري ۽ بهتر انسان بڻجي. اقبال جي نظر ۾ خودي جو آخري درجو قربِ الٰهي آهي. جڏهن انسان پنهنجي خودي کي مڪمل طور سڃاڻي ٿو ۽ ان کي الله جي رضا جي تابع ڪري ٿو ته هو حقيقي ڪاميابي حاصل ڪري ٿو. اهو اهوئي مقام آهي جتي انسان جون خواهشون خدا جي مرضي سان هم آهنگ ٿي وڃن ٿيون.

آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اقبال جو فلسفهءِ خودي رڳو هڪ نظريو ناهي، پر هڪ مڪمل طرزِ حيات آهي. اهو انسان کي سستي، مايوسي ۽ غلامي مان ڪڍي خود اعتمادي، عمل ۽ جدوجهد جي راهه تي آڻي ٿو. اقبال اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي خودي کي سڃاڻون، ته نه رڳو پنهنجي زندگي بدلائي سگهون ٿا، پر دنيا کي به هڪ بهتر جاءِ بڻائي سگهون ٿا. اقبال جو فلسفهءِ خودي اڄ به اوترو ئي اهم آهي جيترو سندس دور ۾ هو. موجوده دور جي مسئلن، چئلينجن ۽ غير يقيني حالتن ۾ هي فلسفو اسان کي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻڻ جو حوصلو ڏئي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين اقبال جي پيغام کي سمجهون ۽ ان کي پنهنجي عملي زندگي ۾ لاڳو ڪريون، جيئن اسين هڪ باوقار، خوددار ۽ ڪامياب قوم بڻجي سگهون.